تاريخ، فلسفو ۽ سياست

فڪر ڦرهي هٿ ۾

هي ڪتاب ”فڪر ڦرهي هٿ ۾ “ نامياري ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار منظور ڪوهيار جي لکيل ڪالمن جو مجموعو آهي جيڪو ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران 2007ع ۾ ڇپايو ويو.
منظور ڪوهيار جو ادبي پورهيو‘ جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي..... پڪ سان چوان ٿو ته توهان پڙهندڙ جي چقمق جھڙن ذهنن ۾ هي لکڻيون ضرور جاءِ والارينديون ۽ ادبي کيتر ۾ هي ڪتاب اهميت جو ڳو ثابت ٿيندو ۽ وقت جي دز هنن لکڻين کي ڪڏهن به لَــٽـي نه سگھندي.
Title Cover of book فڪر ڦرهي هٿ ۾

انفرادي ۽ سماجي دعائون

ٻيون به ڪيتريون ئي دعائون ....... دعاءِ نور، دعاءِ عاشوره، دعاءِ گلوبند، دعاءِ سرياني وغيره ..... پر هڪڙي مخصوص دعا مولوي احمد وٽ به آهي .... حاجي قادر بخش جي ’ٽين‘ عشق واري شاديءَ ۾ رخنو ... قادر بخش جو پٽڪو مولوي جي پيرن ۾: ’مولبي صاحب! مري ويندومانءِ، لاش ڳچيءَ ۾ پوندءِ .... بلو ڪر، ڪا اهڙي دعا ڏي جو ’موران‘ جا هڙئي مِـٽَ مڄو ٿي وڃن پئسي تي .... اصلي چون چان ئي نه ڪن!‘
’اڃان پيٽ نه ڀريو ٿي ....؟ اڃا ٽين شادي .....؟‘ مولويءَ پڇيس.
’مڙس لاءِ ٻه به، ته ٽي به، ته چار به ..... تو جيڪو هن ڀيري پنهنجي وات سان چيو، اهو ڏيندومانءِ ..... دعا ڪا ٺاهوڪي ۽ تڪڙي لکجانءِ ته جيئن ڪم ذوالعقاد مهيني کان اڳ ٿئي ..... تنهنجي نئين ڀاڄائي کي رسول عربي جي چائنٺ به چمرائي اچان. تولاءِ ڪيٽيءَ جو وڳو، جبو ۽ راڊو واچ به وٺي اچان . ....!‘
حاجي قادر بخش جي سونن ڏندن مان نڪتل، سونا ٻول ٻڌي، ٿيو ملان مجبور .... اهل وعيال وارو ... پيٽ ڪتو الڳ .... ڪاڏي وڃي .....؟ قادر بخش لاءِ پنا ڪارا ٿيا .... دعا ٻڌڻ لاءِ مليس، دعا پورڻ لاءِ .... دعا ساڙڻ لاءِ مليس، دعا پيئڻ لاءِ .... خبر تڏهن پئي، جڏهن ’موران‘ جي شادي غلامونءَ سان ٿي وئي، قادر بخش جا لاهه نڪري ويا .... ويو سڌو ملان ڏي ..... ملان چيس، ’چريا! ضرور توکان غلطي ٿي هوندي، پورڻ واري ساڙي هوندءِ، ساڙڻ واري پوري هوندءِ ....!‘ ۽ پوءِ گھر ڦٽائڻ وارين دعائن جو سلسلو .... آخر ڳالهه ڦاٽ کاڌو ..... کڻي جو ڳولن ڦولهن ته چلهه ۾ دعائون، جنڊ ۾ دعائون، واڙي ۾ دعائون، موريز ۾ دعائون .... خبر پئجي وئي ته سڀ ڪم قادر بخش جا .....’تون ڇا!؟ مان ڇا!؟ هڻ جو ڪهاڙي جو پاهو ته قادر بخش ڍيري .... چري نه پُــري.
’موران‘ جو مڙس ’غلامون‘ ٿاڻي ۾ .... نئون نئون ٿاڻي ۾ آيل، لائين جو ماريل ’صفر‘ صوبيدار ..... ٻه ٽي جو ڇنڊڪا ڏنائين ته ’موران‘ جا هڙئي ڳهه ڳٺا ڳري، ڦري وڃي صوبيدار جي ٻي جوءِ جي ڳچي ۽ ڪنن ۾ پيا .... ڪنهن ساهيڙيءَ چيس، ’ادي، هاڻي خوش آن! الله ڪيو!‘
’ها ادي، مرشد سائين جي درگاهه تي دعائون گھرندي هيس، سڀئي صاب پيون، هاڻي، ٻي دعا گھرندس ته ماريو، مرندي گھڙي تائين اِن ٿاڻي تان بدلي نه ٿئي!‘
ائين دعائن جو سلسلو، هڪ فرد کان وٺي، قومي، مذهبي سياسي ۽ سماجي گروهن تائين ڪنهن زنجير وانگر ڳنڍيل، تاريخ جي هر دؤر ۾ ... جيئن يهودي نوجوان ’زيئان‘ (يروشلم ۾ حضرت دائود جي رٿيل هيڪل وارو شهر جو مخصوص پاسو، جيڪو پوءِ سندس پٽ حضرت سليمان تعمير ڪرايو) ۾ هڪ دکدائڪ دعا هيئين گھري هئي ته:
’تون منهنجي دعا ٻڌ، او منهنجا خدا!
جڏهن به مان مشڪل ۾ هجان
مون کان پرتي نه وڃ
سڻج سوال منهنجو
ڏي جواب مون کي، جڏهن مان پڪاريان،
زندگي منهنجي دونهين وانگر اڏامندي ٿي وڃي،
آڳ جيان جسم جلي رهيو آهي،
ڪنهن خشڪ گاهه وانگر لتاڙجي ويو آهيان،
کائڻ پيئڻ جون سڀ خواهشون ختم ٿي ويون آهن،
مان ڪنهن صحرا جي جھنگلي پکيءَ جيان آهيان،
يا ويران جاءِ تي ڪنهن چٻري جيان، اڪيلي ڇت تي ....
سڄو ڏينهن دشمنن جون ڏنل ذلتون ٿو سهان،
چيڙائن ٿا ۽ وجھن ٿا لعنتون مون تي
تنهنجي ڪاوڙ ۽ قهر جي ڪري ئي خدا!
جيڪو به پيئان ٿو، ڳوڙها ئي پيئان ٿو.
تو مون کي کنيو ۽ وري اڇليو
پوياڙيءَ جا پاڇا ٿي وئي حياتي ....
تون قادر آن، هميشه جو حاڪم!
سڀ ايندڙ نسل توکي ياد ڪندا
تون ايندين ۽ ’زيئان‘ تي ڪندين ٻاجھه
ڇو ته وقت اچي ويو آهي
تنهنجي رحمت جو....‘

۽ پوءِ اڍائي هزارن سالن کانپوءِ ان يهودي نوجوان جي دعا اگھامي؛
خدا ۽ انگريزن جي ڪرم نوازيءَ سان کين ’زيئان‘ سوڌو يروشلم ملي ويو. پر فلسطيني نوجوان کي اها دعا بددعا ٿي لڳي. هو پنهنجن ئي شهرن جافه، رمله، گليلي ۽ حله مان دربدر خاڪ بسر ٿي ويو ۽ ان تاريخي دعا جي سهاري اڄ به يهودي نوجوان اڳاڙي ٿو فلسطيني نوجوان کان وياج ۾ خون، عزت، آبرو ۽ ڌرتي .....
چار سؤ سال اڳ يورپ جا عيسائي به خدا ۽ ابنِ مريم کان هيءَ دعا پنندا رهيا:
’اي خداوند! شيطان جي شر، ترڪن ۽ پليگ کان پناه ڏي! (God! Save us, from devil, Turk s and plague)
پوءِ خداوند ۽ يسوع مسيح انهن جي جلد ٻڌي، ترڪن ۽ پليگ ٻنهي تي فتح حاصل ڪيائين. پر شيطان جي شر ) Satanism ( مان اڃان جان آجي نه ڪرائي سگھيا آهن ...!
ڪجھه عرصو اڳ، وڙهندڙ جي پٺ ۾، ڀڄندڙ جي اڳ ۾، هن ملڪ جي نام نهاد اسلامي ٺيڪيدارن، هن سجاڳ صديءَ ۾ هيئين دعا گھري ته:
’اي رب جليل! تون پنهنجن ٻانهن کي ازغيبي طاقت عطا فرماءِ ته هو بغير ڪنهن هٿيار پنهوار جي دشمنن مٿان غالب پون ۽ انهن کي آڱر جي اشاري سان چيري ڇڏن .....! مال غنيمت ڪٺو ڪن ۽ پوءِ انهن کي ورهائن ته جئين هر هڪ کي حصي ۾، گھٽ ۾ گھٽ چار زالون ۽ ڏهه ڪنيزون اچن .... آمين ....!‘
رب العالمين، مرضيءَ جو مالڪ جڏهن انهن جي اها دعا قبول نه فرمائي ته ٻي دعا سندس بارگاه اقدس ۾ رکي وئي:
’اي واحد القهار! تون دشمنن جي مٿان پنهنجو قهر ۽ عذاب نازل ڪر ته هو تباهه ۽ برباد ٿي وڃن. جئين اسان بنا روڪ ۽ ٽوڪ جي گھمندا ڦرندا، ناس ڏيندا، حلوو کائيندا، قبلهءِ اول ۽ ڪابل جي مسجد ۾ نماز پڙهي سگھون .....‘ رب باري بي پرواه، جڏهن سندن افعالن کي ڏسي انهيءَ دعا تي به ڌيان نه ڌريو ته ٽئين دعا تيار ٿي وئي:
’اي احڪمل الحاڪمين! سڄي دنيا ۽ پنهنجي ملڪ تي حڪومت ڪرڻ جي آرزو در خاڪ سهي، ليڪن هي آخري عرض سڻ ته ابليس ۽ اسان کي ڇڙواڳ ڇڏ ته جيئن ابليس آرام سان فساد ۽ ڦڏي جي چوچڙي ۽ چڻنگ ٻاريندو رهي ۽ اسان هٿن ۾ ڇيڻا جھلي ڦيڻا پڙهندا رهون، ڀُــر ڀُـر ڇيڻا جنگ مچاءِ! ڀر ڀر ڇيڻا جنگ مچاءِ!‘... پاڻهي ملڪ جي اندر ٻاهر جھيڙي ۽ جنگ جي دونهين دکندي ويندي .... گھر سڙيو ته پرواهه ناهي، ڪوئا ته مرندا، انهن کي ته سيکت ملندي، جن گذريل اليڪشن ۾ اسان کي ووٽ نه ڏيئي، اسان جي عبائن، قبائن ۽ عصائن جي عزت نه رکي....‘
۽ اهو ٻڌو ويو آهي ته سندن اها دعا به، ان سميع ۽ بصير حال فيِ الحال ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي .... وڌيڪ ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي . ....!؟

(قلم تازو)

۽ پوءِ ٿيو ائين جو اُها دعا به اگھامجي وئي ــ آمريڪا، اتحادين ۽ الله جي مدد سان اُنهن ڪابل فتح ڪري ورتو. مجاهدين جي هر هنڌ آڌرڀاءُ ٿيڻ لڳي. دهرين ۽ اشتراڪين کي افغانستان مان نڪرڻو پيو. ڪابل جي راندين وارو اسٽيڊيم مرتدن، مشرڪن ۽ ڪافرن لاءِ مقتل گاه بڻجي ويو. دار و رسن کي نئون جلوو مليو. ٽي ٽي ڏينهن لاش ڪرينن ۾ لٽڪندا رهيا. باميان ۾ بت شڪنن مهاتما ٻُـڌ جي بت کي اُڏايو. ۽ طالبانائيزيشن بام عروج تي پهتي. آمريڪي بغليون هڻندي هر روز پنهنجي عظيم صدر مرحوم جارج واشنگٽن جي هيءَ مشهور دعا گھرڻ لڳا:
’اي ازل ۽ ابد جا مالڪ! مان تنهنجو شڪر گذار آهيان جو گذريل رات، تو مون کي هر خطري کان محفوظ رکيو ۽ مون کي چين ۽ سڪون واري ننڊ عطا ڪئي. مان جڏهن اُٿيس ته تازو توانو هيس ته جيئن اڄوڪي ڏينهن تي پنهنجا فرض آرام ۽ سڪون سان ادا ڪري سگھان ۽ آخر ۾ توکي وري به اها وينتي ٿو ڪيان ته مون کي جسماني ۽ روحاني تڪليفن کان بچاءِ.‘
اها آمريڪين کي شايد خبر نه هئي ته خدا ته خدا آهي. واهرو به آهي ته ويري به آهي. الله به آهي ته اجل به آهي. 11 سيٽمبر 2001ع تي، ورلڊ ٽريڊ سينٽر جا ٽاور ، ڌماڪي سان ڪري پيا ته آمريڪي اخلاقيات 180 جي ڊگري تي قلابازي کاڌي. مجاهدِ اعظم اسامه بن لادن دنيا جو وڏو دهشتگرد بڻجي پيو. آمريڪا جي چين ۽ سڪون واري ننڊ برباد ٿي وئي. آمريڪا جو بنياد پرست صدر جارج بش تڙپي اُٿيو ۽ هُن اها دعا گھري:
’اي خدا! اڄ اسان تو آڏو، دهشتگردن جي حملن ۾ مئلن ۽ گم ٿيلن جي مغفرت لاءِ حاضر ٿيا آهيون. اي بزرگ ۽ برتر خدا! اسان تي پنهنجي خاص نظر ڪرم ڪر. ۽ اهڙي توفيق عطا ڪر، جو دهشتگردن کي اُنهن جي عمل جي سزا ڏئي، تو وٽ سرخرو ٿي سگھئون.‘
۽ پوءِ هن، خدا ۽ اتحادين جي مدد سان، افغانستان تي ڪارپيٽ بمباري ڪندي، دهشتگردن کي، دهشتگرديءَ سان جواب ڏئي، اُهو ثابت ڪيو ته دنيا ۾ وڏي ۾ وڏا دهشتگرد آمريڪي آهين، جن افغانستان کي آه و فغان ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.
اُن جي مقابلي ۾ اسامه به لادن به دعا گھري:
’سڀ تعريفون الله جي لاءِ آهن. جنهن اسان جي هٿ ۾ هٿيار ڏنا آهن ته سندس رسول جي هٿان مليل دين جي حفاظت ڪريون. خدا جو حڪم آهي ته خدا جي منڪرن سان جنگ جوٽيون، ايستائين يا ته هو مرڻ لاءِ تيار ٿين يا توبهه تائب ٿين.‘
نتيجي ۾ خود ڪش بم حملن جو سلسلو جاري ۽ ساري ٿي ويو. ملان جنت جون ٽڪيٽون ورهائڻ لڳو. خاص ماڻهو دهشتگردن جي خلاف جنگ ۾ شامل ٿي مال ميڙڻ لڳو ۽ عام ماڻهو حيران ۽ پريشان ته ڪاڏي وڃي!؟
اڳيان باهه، پٺيان اوڙاهه .....!؟
پر ڪي سمجھه ڀريا آمريڪي ’جيفرس ڪينٽ پيٽرسن‘ جھڙا هيءَ اعترافي دعا گھرڻ لڳا:
او مقدس پيءُ! زندگي جا سر چشما، روح اقدس جا خالق! اسان تي رحم فرماءِ. اسان مڃون ٿا ته اسان ڏاڍا گناهگار آهيون. جي اسان ڳڻيون ته شمار نٿا ڪري سگھون. ان ڪري جي تون اسان کي صفحهء هستي تان مٽائڻ چاهين ته حق بجانب آهين. اسان تنهنجي حڪمن جي انحرافي ڪئي. اسان دنيا جي مزن کي ترجيح ڏني. بجاءِ حق تي هلڻ جي .... اسان دشمنن جي ڌمڪين تي چڙي پياسين. اسان خوشامدڙين جي ڳالهين تي خوش ٿياسين.
اي مقدس پيءُ، اسان کي معاف ڪر. توکان منهن موڙي ڪوڙي دنيا جي ڪڍ لڳاسين. اسان خطارڪار آهيون. او خدا، تون پنهنجي پٽ عيسيٰ جي عظمت کي ڏسي، اسان کي معاف ڪر. آمين.‘
۽ هتان جو عام ماڻهو جيڪو سهي جي کل جيان ڪنبي رهيو آهي. اُهو ويچارو به هيٺين دعا گھري ٿو:
جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجهه به اوڏيائي مڱان
ري ٿنبين، ري ٿوڻين، تون ڇپر تون ڇانو
ڪڄاڻو ڪهانءِ، توکي معلوم سڀ ڪا.

پر اڃا داد رسي نه ٿي آهي. الائي ڇو ......؟