ڀريءَ ٻيڙيءَ ۾ واڻيو ڳؤرو
’ڌڻي تون ديا ڪجان .. ....! سڄي جڳ جھان ۾ اڍائي گهرن جو خير ڪجانءِ. (اڍائي گهرن مان مطلب، هڪ مسلمان جو، ٻيو هندو جو، باقي اڌ گهر ٻين مذهبن کي مڃيندڙن جو)
ڀڳوان! جھان جي صدقي، منهنجي پونئيرن کي پاپ ۽ انياءَ کان بچائجانءِ .. ....! سندن ڪيرا پاتار ۾ کوڙجانءِ ......‘
هڪ طرف گنگا جي ڪنارن تي چرم پنٿين جي ڀيد ڀاوَ وارو پرچار هلي رهيو هيو. ٻئي طرف سنڌوءَ جي ڪناري تي ’حضرت عشق‘ ڌوڙ ڌرم جي لاهي رهيو هيو. هندو و مسلمان هڪ ئي درگاهه جا پانڌيئڙا، لطيف، سچل ۽ روحل کي ڳائڻ وارا ..... عليءَ جي اولاد کي مڃڻ وارا ...... خير، امن، صلح سلامتي ۽ محبت جون صدائون ڏيڻ وارا هيا.
ليڪن اوچتو ئي اوچتو گنگا مان نفرتن جي اٿاهه جل جي ايڏي وڏي ڇولي آئي جو سنڌوءَ جو امرت ڌارا به وهه ٿي ويو .....
ڪيترائي ڪيرا پاتار مان پٽجي ويا. ليڪن جن جا ڪيرا، انهيءَ اٿل پٿل ۾ به نه پٽجي سگهيا، تن طرحين طرحين الزام سَٺا، کڄيل آڱريون ڏٺيون، ڪهاڻيون ٻُڌيون، ارٺا سٺيون. شايد هنن جي رڳ رڳ ، ريشي ريشي ۾ سنڌوءَ جو پاڻي پيل هيو. تن گنگا جي غلامي قبول ڪرڻ کان سنڌ ۾ ڏکيو سکيو رهڻ پسند ڪيو، پر پوءِ به هو هميشه مذهبي حيوانن جي اکين ۾ ڪنڊا بڻيا رهيا ..... ڌاڙيلن ۽ پوليس وارن جي نظر ۾ اڪ جي ماکي ٿيا، جڏهن وڻين ته لاهن ۽ کائن، پر هنن وڃڻ جون وايون نه ڪيون ..... ڌرتيءَ جي چپي چپي سان پيار ڪيو ..... سجدا ڪيا ..... رت سان ڀيٽائون ڏنائون. ليڪن انهن جي اها ادا، انهن دئيتن کي پسند نه آئي، جيڪي نفرتن جا ڀنڊار هيا ..... جن کي انهيءَ خوني ڊرامي کي ورجائڻ جي آرزو آهي ته وري ڪو مال غنيمت هٿ اچي . ....! ڪو جاوا ڪجن، ڪوڙا ڪليم ٺهن، ڦودني جي باغن جا، وڏين وڏين ماڙين جا، (جن جي ڇتن تي مينهون رهنديون هيون ۽ پاڻ هيٺ رهندا هيا .. ....!) وري ڪو اهڙو انڌ انڌوڪار جو زمانو اچي، جو هٿ نه ڳولي هٿ کي ......
انهيءَ سڄي دؤر ۾ سنڌ جي هندو سڄي سماج کان صرف هڪ ئي سوال ڪيو آهي ته:’ آخر منهنجو ڏوهه ڪهڙو آهي؟ ڇا منهنجو ڏوهه اهو آهي ته مان سنڌي ۽ هندو آهيان؟ ۽ ڇا اهي ٻئي ڏوهه ناقابلِ معافي آهن!؟‘