قومي دعائون
’او لارڊ، گاڊ! اسان هڪ عظيم قوم آهيون، جنهن لاءِ پاڻ کي ننڍن ننڍن خوابن تائين محدود ڪرڻ زيب نه ٿو ڏئي .... اسان جو سڄي دنيا تي حڪمرانيءَ جو خواب پورو ڪر .... اسان جي خفيه ايجنسين جي مدد فرماءِ ته جيئن اسان دنيا جي ڪنهن به قوم کي چڱائي ڪري ڪو سياسي، سماجي يا اقتصادي گھٽو ڏيون ته اها تارا نه ڦوٽاري ..... پر پنهنجي قسمت سمجھي صبر ساري، ته جيئن هن جھان ۾ پنهنجي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿي سگھي ۽ اڳلي جھان ۾ تنهنجي بادشاهي ۾ داخل ٿي سگھي .... اميد آهي ته اسان جي ان ڏي وٺGive and Take جي وهنوار کي نه وساريندين، آمين!‘
انڊيا وارن، مندرن ۾ سنک ۽ گھنڊ وڄائي وينتي ڪئي:
’اي پرم ايشور ....! اي ديالو! تون ديا ڪجانءِ ... سر لتا، اهنسا، سچ، اڪروڌ، تياڳه ۽ شانتيءَ ۾ رکجانءِ .... دنيا جي وڏي ۾ وڏي جھموريت جي رکشا ڪجانءِ .... ته جيئن ديش ۾ ڌنوان ۽ نرڌن جو ويڇو وڌندو رهي ... اوم ....! سروم . ....! شانتي ....! اوم ....! سروم ....! شانتي ...! پون! پون! ٽڙنگ! ٽڙنگ .....!‘
جاپان وارن پڳوڊن ۾ خاموشيءَ ۽ سنجيدگيءَ سان يوگا جي مشق ’پدم آسلڻ‘ ڪندي دعا گھري:
’اومهاتما! ڏکن کي سهڻ جي تلقين ڪرڻ وارا! تون اسان کي صبر جي شڪتي ڏني، جڏهن آمريڪا وارن اسانجي شهرن تي ايٽم بم هنيا ... هاڻي تون، آمريڪا، يورپ ۽ سڄي دنيا وارن کي صبر عطا ڪر ته اسان جي لڳل ’اقتصادي بم‘ تي اعتراض نه ڪن ....!‘
ٽين دنيا جا جابر حاڪم به دعائون گھرندا آهن:
’اي جبار! اي قادر! اي قهار! تون اسان ۾ ڏاڍ ڀر، ڏمر وجھه ....، جبر ڏي .... ته جيئن اسان کان ڪو ڏاڍو نه ٿئي ..... ڪر کڻي ته جبر جھڪائي وجھيس.... بغاوت جو سوچي ته ڏمر ڏڪائي وجھيس...‘
انهن جابرن، حاڪمن کانسواءِ ڪي بيوس، نماڻيون، سٻاجھيون، نڌر قومون به دعائون گھرنديون آهن، هن ڌرتيءَ جي گولي تي. جئين هي قوم دعا پئي گھري ته:
’اي سرجڻهار! اي پالڻهار! اي داتا! اي ڌڻي! اي رکپال! توکي پتو آهي ته پاڻ هزارن سالن کان وٺي سڌريل رهيا آهيون .... اروڙ جي ٽڪرين تي اسان جي محنت ڪش هٿن جا ٺهيل پٿر جا چاقو شاهدي ڏين ٿا ته اسان چاليهه هزارن سالن کان وٺي، هن ڌرتيءَ تي پيار، پاٻوهه سان گڏجي رهڻ شروع ڪيو .... ٽي هزار پنج سؤ سال اڳ اسان تي آرين هلان ڪئي ..... اسان ليلايو .... تو نه ٻڌو، مونهون مليا ميٽ ٿي ويو. سورنهن سؤ سال اڳ ڀورا وحشي ’هن‘ Huns ڪاهي آيا ...... اسان ڳچيءَ ۾ ڳارو ڪري عرض ڪيوسين ...... تو واهر نه ڪئي .... جهڪر، ننڊُل، چوٽياري، چٽ ٿي ويا. ٻارنهن سؤ سال اڳ عربن جنگ جوٽي .... اسان توکي ڀيٽائون ڏنيون ....تو قبول نه ڪيون ... ديبل ۽ الور دنب ٿي ويا .... ٽي چار سؤ سال اڳ ترخانن تڻ مڻ تپائي ڏنا ... اسان گيسيون ڪندي فريادون ڪيوسين ... تو داد نه ڪيو .... نگر شهر، واهڻ وسنديون تباهه ٿي ويا .... او منهنجا ڌڻي ...! وارث وسيلا ....! هاڻي ته پنهنجي پاند ۾ پناهه ڏي ..... گگدامن تي ڪهل ڪر.... هلڻ کان هلاڪ ڏٻري ڍورن جھڙا اسان ...... مڇر گھڻا ..... ڪاڏي وڃئون ...... مٿان ماڪوڙن ۽ ڄئورن جا لشڪر .... ڪهڙن گناهن جي سزا ڏئي رهيو آهين! تون هنن نماڻن تي، سٻاجھن تي، اٻوجھن تي، رحم فرماءِ .... توکان سواءِ ڪهڙو ڌڻي سائين .... تو رکپال رحم ڪر ... الله صمد .... الله صمد ....! جل تون جلال تون، آئي بلا ٽار تون .... شهرن تي ڪرم ڪر.... ٻهراڙين تي ٻاجھه ڪر ... دهشت گردن کان امان ڏي ..... ڌاڙيلن کان پناهه ڏي ..... پوليس جي پير کان، وڏيرن جي وير کان بچاءِ ....‘
ڪجھه پر ڀرو ٻه ڄڻا نوجوان اڻڀن وارن وارا فلاسافرٽائيپ دعائن ۾ شامل نه هئا: تن رڙ ڪري چيو ’مهاتما ٻڌ چيو هو ته دعا کان بهتر آهي، غور ڪجي، ڏک جو تجزيو ڪجي ۽ ڏک سهڻ لاءِ پاڻ کي تيار رکجي .....‘
ٻه ڄڻا اڃان ڪجھه پر ڀرو وٽ سٽ کائي رهيا هيا، تن زور سان رڙ ڪئي: ’ٻڌ جي فلسفي ۾ اضافو ڪرڻو آهي ته دعا کان بهتر آهي ته غور ڪجي ۽ ڏک ڏيندڙن سان ڪفن ٻڌي مقابلو ڪجي . ....!‘
دعائن ۾ شامل سڀئي عالم، فاضل عام ماڻهو حيران ٿي ويا، چوٻو ل ٿي ويو: ’هي ڇا ....!؟ هي ڇا ....!؟ دعا تي اعتراض...... صدين کان گھرندا آيا آهيون ....! دعا جي اهميت کان ڪير انڪار ڪندو!؟ اها ته هڪ وڏي آس آهي، اميد آهي، آسرو آهي!‘
’انهيءَ آس، انهيءَ اميد، انهيءَ آسري تي ته لُـٽبا آيا آهيون ۽ لٽبا اچون ٿا ته غيب مان ڪا امداد ٿيندي ...... نه ٿي آ، نه ٿيندي ...! ڏک ڏيندڙ سان هر سطح تي مقابلو ڪجي، اهو ئي آخري حل آهي.‘
نوجوانن جوابي حملو ڪيو... انهن جوشيلن جوانن جي باري ۾ چڱن ماڻهن جو چوڻ آ ته پهريون خطا کائيندا ۽ پوءِ سزا کائيندا.... وڌيڪ خدا کي خبر... خدا حق وڪيل آ .... اسان ته سندن حق ۾ دعا ئي گھري سگھون ٿا ته خدا کين حقئون به رکي، ناحقئون به رکي ..... ۽ انهن جي حق ۾ دعا جا ٻه اکر .... جيڪي زندگي سان جھيڙيندي اسپتال جي بستري تي پاسا ورائيندي افضل قادري جيان چون ٿا:
’دوا جي بدران دعا جو تازو ڏس ڏنو آ ڏاهي ڙي!
هي ظلم نه آ ، ٻيو ڇاهي ڙي!