تاريخ، فلسفو ۽ سياست

فڪر ڦرهي هٿ ۾

هي ڪتاب ”فڪر ڦرهي هٿ ۾ “ نامياري ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار منظور ڪوهيار جي لکيل ڪالمن جو مجموعو آهي جيڪو ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران 2007ع ۾ ڇپايو ويو.
منظور ڪوهيار جو ادبي پورهيو‘ جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي..... پڪ سان چوان ٿو ته توهان پڙهندڙ جي چقمق جھڙن ذهنن ۾ هي لکڻيون ضرور جاءِ والارينديون ۽ ادبي کيتر ۾ هي ڪتاب اهميت جو ڳو ثابت ٿيندو ۽ وقت جي دز هنن لکڻين کي ڪڏهن به لَــٽـي نه سگھندي.
Title Cover of book فڪر ڦرهي هٿ ۾

اڻ برابري

لطيف سائين جي شعر جي عجيب و غريب سٽ آهي،
’فڪر ڦرهي هٿ ۾، ماٺ مطالع ڪن.‘
ڦرهي ته ننڍي هوندي کنئي سين، ڦرهي تي لکيوسين، پر ان ڦرهي جي شروعات ڪڏهن ٿي؟ پنج هزارسال اڳ يا ڏهه هزار سال اڳ ...؟ سنڌو جي ڪپن تي اڏيل واهڻن ۾ يا شهرن۾ ....؟
بهرحال ، اهو طئي ٿيل نقطو آهي ته سنڌ ڌرتيءَ جي ودوانن ، علم ۽ وديا کي مٽي يا ڪاٺ جي ڦرهيءَ تي ڪنهن خاص نقش يا چٽ جي ذريعي لکيو ۽ پنهنجو علم هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين، هڪ شهر کان ٻي شهر تائين ، منتقل ڪندا رهيا، ۽ پنهنجي تهذيب و تمدن جو ڌاڪو ڄمائيندا رهيا، انساني گروهن کي ڏاهپ جي بنياد تي ماڻهپو ڏيندا رهيا.
فڪر جي ڦرهي بابت لطيف جو اشارو ڪهڙين معنائن ۾ آهي؟ ڇا ٿو ٻڌائڻ چاهي؟ ڇا ٿو سمجھائڻ چاهي؟ ڇا هيءَ فڪر جي ڦرهي انساني شعور ته نه آهي، جنهن تي سچ ۽ حقيقتون مشاهدي جي بنياد تي اڀري ايندا آهن؟ جڏهن به ، ان فڪر جي ڦرهي جو ڪو مطالعو ڪري وٺندو آهي. ته پوءِ اهو هڪ سماجي سچ، فلسفو ۽ نظريو ٿي پوندو آهي. جيڪو انسان ذات جي لاءِ هڪ واٽ يا گس بڻبو آهي جنهن تي هلڻ لاءِ هر هڪ کي اتساه ۽ اڻ تڻ هوندي آهي ته اهو اسان کي ماڳ رسائيندو ، جتي پرين پسبو.
پر جڏهن کان وٺي خود غرض دماغن ۽ ابن الوقت ڀوپن، فڪر جي ڦرهي تي آيل اکرن کي پڙهڻ تي بندش وڌي ۽ پنهنجن مدي خارج نعرن ۽ نظرين کي زوريءَ مڙهڻ ، پڙهائڻ ۽ رٽائڻ شروع ڪيو، تڏهن ’برين واش‘ جي ابتدا ٿي ۽ انساني سوچ جي وهندڙ واهه آڏو بندُ ٻڌجي ويو. انساني سماج ڪنهن بيٺل پاڻيءَ وانگر سينورجڻ لڳو. ڪنڊائتن نظرين، رسمن، رواجن، عقيدن ۽ قانونن ڌپ پئدا ڪرڻ شروع ڪئي، نتيجو اهو نڪتو ته ماڻهو ماڻهپي مان نڪري ويا، انساني سماج جو بنيادي ايڪو (خاندان) به آپي شاهي جو شڪار ٿي ويو، هڪ ڇت جي هيٺان رهندڙن به هڪ ٻئي سان زيادتيون ڪرڻ شروع ڪيون. عمر ۾ ننڍي فرد، فڪر جي ڦرهي تي آيل اکرن کان مجبور ٿي، خاندان جي وڏي فرد کي گذارش ڪئي:
’منهنجي پسند ۽ ناپسند جو به خيال ڪيو وڃي. منهنجي مستقبل جي فيصلي ڪرڻ کان اڳ مون کان به راءِ ورتي وڃي ۽ منهنجي معصوم جذبن جو به احترام ڪيو وڃي. ڇو ته مان به هن گھر جو هڪ اهم فرد آهيان.‘
گھر جي وڏي ڪاوڙ ڪروڌ ۾ جواب ڏنس:’وڏن جا ڪيل فيصلا پٿر تي ليڪ هوندا آهن. ننڍن جو نصيب هوندا آهن.
ننڍي جي معصوم خواهش، احساس ۽ جذبا ايئن ڀيلجي ويا ڄڻ ڍور جي پيرن هيٺان مٽرن جو ٻوڙو اچي ويو.
قبيلائي رسم جي قربان گاهه تي ڪسجندڙ معصوم ماڻهن جي حق ۾، فڪر جي ڦرهي تي اڀرندڙ لفظن کي ڪنهن آواز ڏنو ته، هي ذات پات، هي قبيلا صرف نالا آهن. انسانن جي ورڇ ۽ ورهاست ناهن!‘
ڏاڍو تکو جواب مليس، ’بي غيرت، غدار، خبر اٿئي ان جو انجام؟ موت! صرف موت! سچ جو پيامبر رسمن ۽ رواجن جي قربان گاهه تي وحشيت ۽ بر بريت جي ديوتائن اڳيان ڇڙيون هڻندي مري ويو.
ڪنهن ڌرم جي ڌوتن اڳيان فڪر جي ڦرهي تي آيل لفظن کي اچاري وڌو ته، مذهبي عقيدا انسان کان مٿانهان ناهن. سچ وڏو ڌرم آهي.‘ شور ۽ غوغاءُ ٿي ويو:
هي اڌرمي ! هي مرتد! عقيدن جي خلاف وات هڻين ٿو. هن جو وات بند ڪيو وڃي! زبان ڪاڪڙي کان پٽي وڃي! ڪنن ۾ شيهو پگھاريو وڃي. اکيون تتل سيخن سان ڏنڀيون وڃن آلن ٽوئن ۾ ساڙيو وڃي! سنگسار ڪيو وڃي!‘
پوءِ انڌن عقيدن جي خلاف ڪو سر جو نذرانو ڏيئي امر ٿي وڃي ٿو. ڪنهن، انساني نسلن کي رنگ، جسماني ڊيل ڊول ۽ مخصوص ثقافت جي بنياد تي چٿڻ ۽ چيـڀاٽڻ جي خلاف صدا هنئي:
’ظلم آهي! نسلي بنياد تي ويل وهائڻ ــ سڀ انسان برابر آهن. ڪهڙو گورو ڪهڙو ڪارو!؟ ڪهڙو پيلو ڪهڙوآريو!؟ ڪهڙو هُن، ڪهڙو سامي!؟ ڪهڙو دراوڙ، ڪهڙو هامي!؟ ڪهڙو ڪول، ڪهڙو سنٿال !؟ فرق صرف ڪردار جو آهي!‘
زور سان جوابي رڙ ٿي، ’بڪواس بندڪر! نسل ته ڪتن جو به ڏٺو ويندو آ ته ڪهڙو چڱو آهي ۽ ڪهڙو لڱو ؟ هي ته انسان آهن، فرق فطرتي آهي.‘
’فڪر جي ڦرهي تي آيل سٽ سميت همراه وڃي گئس چيمبر ۾ پيو، طبقاتي ڪشمڪش جي خلاف، فڪر جي ڦرهي تي آيل مشاهدي کان مجبور ٿي ڪنهن ڳالهايو ’هر ماڻهوءَ کي سماج ۾ حق محنت ۽ ضرورت مطابق ملڻ گھرجي. ونڊ ورهاءِ ايمان پاءِ!‘ دنيا جا سڀ موذي، ان سادي سودي سٽ جي خلاف اٿي کڙا ٿيا:
’وجھوس ڪاٺ ۾! گھليوس شيشن تي!چاڙهيوس انگاس تي! هڻايوس ڦٽڪا ! قدرت جي ورهاست تي شڪ، قدرت ڪنهن کي ڪيترو به ڏئي بغير حساب ڏئي، نه ڏئي ....! ماريوس ، حساب ڪتاب ٿو ڪري، ماريوس!‘
پوءِ فڪر جي ڦرهي سوڌو همراه عذابن ۾ اچي ويو.
ٺهيل ٺڪيل بي انصافي تي انساني معاشرو هلي رهيو هو. انسانن جي اڌ آبادي ڪنهن گونگي گانءِ وانگر هئي. انهن کي اهو آواز ڪنهن ڏنو؟ ڪنهن فڪر جي ڦرهي تان هي نقطو کڻي، ڀڀڙ ٻاريو:
’عورت ۽ مرد برابر آهن. جنس جي بنياد تي استحصال انسانيت جي تذليل آهي!‘
انساني گروهن جا راڪاس ۽ برڙ باڪاس اٿي بيٺا. وارو وارو ٿي ويئي:
’اڙي پانڊي! اهو ڇا چيئه؟ مرد ۽ عورت برابر ، معنيٰٰ ته حڪومت ۾، مذهب۾، معاشيات ۾، تفريح ۾، تعليم ۾، خاندان ۾، قبيلي ۾، عورت کي مرد جيترا حق ڏنا وڃن . اڳي به ڪڏهن ايئن ٿيو آ؟ اڻ ٿيڻي ڳالهه آ، سوال ئي نه ٿو پيدا ٿئي!‘
فڪر جي ڦرهي تي گھڻو ڪجھه لکيل هو، ماڻهن پڙهڻ پئي گھريو، سمجھڻ پئي گھريو، ٻڌڻ پئي گھريو، ٻڌائڻ پئي گھريو، پر چوڌاري ايڏو ته شور ۽ گوڙ وڌي ويو جو، فڪر جي ڦرهي هٿ ۾ کڻندڙ جو آواز، نقار خاني ۾ طوطي جي مثل ٿي ويو.