سَلامُ
’السلام عليڪم يا اهل القُبور!‘
مُردن جو وراڻو ڪهڙو به ٿي سگھي ٿو. ليڪن اڄ ڪلهه هي سندن مقبول وراڻو آهي:
’وعليڪم السلام يااهل السرور! هيروئن پيئڻ آيا آهيو ..... سڪون سان پيئو ....! مزي سان پيئو....! بٺيءَ کي ٽيڪ ڏئي بي الڪا ٿي پيئو!‘
سلام ڏيڻ وٺڻ جا ڪيترائي طريقا هوندا آهن، مثلن ڪنهن ڳوٺ ۾ گھرڻ وقت اڄلڪهه سلام جو طريقو:
’ڀاؤ سڀني کي سلاماليڪم...! ٻيو مڙيئي کير....! اسان جا ماڻهو کڄي ويا آهن ... پيرا تهان ڏي آيا آهن....!‘
ڳوٺ وارن جي سلام ورائڻ جو طريقو:
’ماليڪم سلام! .... ڀاؤ، اسان کي قلمي قرآن تي ته ڪا خبر ڪانهي ... باقي ڀوتارن سان ڳالهايو ، جي اُهي چون ته پوءِ اسان وٽ هن ...‘
وڏيري کي سلام ڪرڻ جو طريقو:
’بابي جي بادشاهيءَ کي سلام!‘
وڏيري جو وراڻو:’اصلي، بابي جي بادشاهي جي وانگار وهي وهي ٿڪجي پيو آن... سلامي ڀرڻي ٿي ته پوءِ جيئن چيو هومانءِ تيئن ڪر....! باقي مان ويٺو هان....!‘
مولوي صاحب کي سلام ڪرڻ جو طريقو:
’اسلام عليڪم، مولوي صاحب ....! نڪاح پڙهائڻو آ، واروڪر....!‘
مولويءَ جو وراڻو، ’وعيلڪم اسلام وبرڪاته....! اڳ ۾ ٻڌاءِ، اي پسر! ته مائي ڪاٿئون ڀڄائي آيو آن، ته پوءِ ٿا وڌيڪ ڪلام ڪيون ....
تپيدار کي سلام ڪرڻ جو طريقو:
’تپيدار صاحب! توهان جو سلام ڀرڻ آيا آهيون‘
وراڻو تپيدار جو، ’جي آئين....! ڀلي آئين ..... سلام جلدي ڀر، ته ڪو ڏسي نه وٺي ..... زماني ۾ سوَ دشمن سوَ سڄڻ....!‘
سپاهي کي سلام ڪرڻ جو طريقو:
’سرڪار وڏي کي سلام!‘
وراڻو سپاهي سرڪار جو:
’چڱو ٿيو جو اتي ملي وئين ، صوبيدار صاحب جو سلام نه پهتئي ڇا...؟ ڪلهه کان وٺي توکي ياد پيو ڪري .... مان پارت ڪئي مانس ته شريف ماڻهو آ ڇا ڄاڻي ......مڙيئي منهن ڏجانس ..... ڏسين پاڻ ٿو اڄڪلهه سرڪار ڇتي لڳي پئي آ .....‘
شيخ صاحب کي سلام ڪرڻ جو طريقو:
’شيخ صاحب، السلام عليڪم!‘
’وعليڪم االسلام، وعليڪم السلام! الحاج صاحب! (اڳلو الحاج هجي نه هجي) .... خيريت ....! عافيت ....! مٿي چڙهي اچو دڪان تي ..... هي نئون مال گھرايو آ ڪوئٽيا مان ..... اصلي ولايتي آ ....! اکيون ٻوٽي کڻي وڃ چوانءِ ٿو .....! روضي پاڪ جو قسم ، ته گھر ۾ پنجاه روپيا ميٽر پيو آ ..... صبح جو وقت آ، تنهنجي سر کان پنجيتاليهه روپيا!‘ شيخ صاحب، ايمان افروز وراڻو ڏيندو.
ٻروچ کي سلام ڪرڻ جو طريقو:
’خان ٻروچ کي سلام‘!
’توسان نه ڳالهائبو ......! هاڻي توسان جھيڙو آ ..... ٻين کي ٻني نقد تي ڏين ٿو، باقي مون کي اوڌر تي نه ٿو ڏين ... ڄڻ تنهنجا پئسا کائي ويندس؟ ڀلاجي ٻنيءَ تي قبضو ڪيانءِ ته ڇا ڪندي، ادا ..!؟
سيد کي سلام ڪرڻ جو طريقو:
’آل نبي، اولاد علي ...! دوپاسي سيد کي سلام!‘
سيد جو پاراتو ، ’رڳو سکڻن سلامن تي زور ...! باقي ڏن ڏيڻ کان ايئن ڏور، جيئن ڪانءُ ڀڄي ڪمان کان ..... الله، الله جو حبيب ڪندو ته سدائين سڃا هوندوءَ ..... وتندؤ پنندوءُ ۽ کائيندو‘
ليڊر کي سلام ڪرڻ جو طريقو:
’سائين کي ، سڄي قوم جو سلام آ‘
ليڊر جو وراڻو:
’پنهنجو سڄي قوم کي هاڻي ئي وعليڪم السلام آهي.‘
هي ته هيا سلام ڪرڻ ۽ ورائڻ جا چند طريقا، ليڪن پنهنجو به هڪ طريقو آهي سلام ڏيڻ جو .... اها ورائڻ واري جي مرضي آ ته ڪيئن ٿو وراڻو ڏي ... پنهنجو ته فرض نڀائجي ، باقي اُونهن دي او ڄاڻي ....!
انهيءَ فرض واري قرض کي لاهڻ لاءِ، مان اڄ سلام ٿو ڪيان سڄي قوم کي، جن ووٽ ڏنو ... قوم جي ليڊرن کي، جن سياست جو ڳرو بار پنهنجن ڪمزور ڪلهن تي کنيو ... حڪومت جي نگرانن کي، جن جھڙيون تهڙيون چونڊيون ڪرايون .....
جن کٽيو تن غازين کي سلام ...! جن هارايو تن شهيدن کي سلام .....! جن وفاداريون ڪيون تن کي به سلام ....! جن غداري ڪئي تن کي به سلام .... جي رهجي ويا تن کي به سلام. اصولن وارن جي اصولن کي، بي اصولن جي بي اصولي کي سلام ..... هر رنگ واري ماڻهو کي هر رنگ جو سلام ... ڪن کي پٽا پٽي، ڪن کي چٽڪمرو سلام ........ ڪن کي سبز سلام، ڪن کي سرخ سلام ..... ڪن کي اڇو، ڪن کي ڪارو سلام، هر ڍنگ واري کي، هر ڍنگ جو سلام، پيرن کي پيراڻو ، ميرن کي ميراڻو سلام .....وڏيري کي وڏو، هاري ۽ مزدور کي ننڍو سلام ... ڍائي کي سڻڀو، بکئي کي رکو سکو سلام .... ننڍي سرڪار کي فرشي سلام، وڏي سرڪار کي سلوٽ وارو سلام .....آخر ۾ خدائي عظيم بزرگ وبرتر کي سجدي وارو سلام، جنهن اسان کي مملڪت خداداد جو هي تحفو عطا ڪيو ....
اُميد آهي ته پنهنجا هي سڀئي سلام قبول پوندا ... گر قبول افتد زهي عزوشرف ..... ڇو ته هن کانپوءِ ڪن سلام ڪرڻ وارا نه هوندا. ڪن کي سلام ورائڻ وارا نه هوندا ..... ڪن کي سلام پهچائڻ وارا نه هوندا ..... ملڪ جا سڀئي قاصد ڪانءَ، ڪبوتر، چنڊ، هوائون ۽ بادل مصروف هوندا. وڏا ماڻهو ايلاز ڪندا وتندا، ’بادل بيهه اتي نالي نانءَ ڌڻي!‘ بادل نه بيهندا .... بادل سلامن سان ڀريل هوندا ... گجندا وڃي اسلام آباد پهچندا . انهن سلامن جي وراڻي ۾، اسلام آباد مان اقتدار جو اوڳو اٺ سينگاري ڪنهن ڏانهن موڪليو ويندو، سا ڪنهن کي به خبر نه پوندي ڇو ته اقتدار جي، اوڳي اٺ جي مهار، جت جي هٿ ۾ آهي ۽ جت وقت جي وڏي سرڪار جي هٿ ۾ آهي ...وڏي سرڪار جي مهانڊي، جيڏانهن اک ڀڳي، جت اوڳي اٺ کي اوڏانهن هُشائيندو ..... اقتدار جو اوڳو اٺ ويهندو ئي مس ته ليڊر نڪا هم ڪندو نڪاتم، ٽپو ڏيئي چڙهي پوندو ....اهو به نه ڏسندو ته اٺ لاڏو آ، يا مهري آهي . اقتدار جي اوڳي اٺ تي منجلو آهي به يا نه ....؟ ويهڻ اڻائو ٿيندو يا سڻائو ...؟
پوءِ ڪڏهن ٿوهي ۾ هٿ، ته ڪڏهن پڇ ۾ .... گھل! گھل! ڪندو ويندو.
’وارو ڪيو جو ڪرانوَ ٿو .... بچايو ڪيرائڻ جي سازش ٿي رهي آهي ....‘ پر اقتدار جي اُٺ جي پچر نه ڇڏيندو .... لوڏا کائيندو ويندو عوام کان پرتي ٿيندو ... عوام بيٺو هميشه وانگر لوڪ گيت ڳائيندو ۽ تاڙيون وڄائيندو:
اُٺ ماما گوگڙو
سائي لڪڙ پوئتي
منهنجا ليڊر ڪاٿي
جڙيا پنهنجي جاءِ تي ....!