ڪا جا ڳالهه ڳري
’هيءُ دؤر سنڌ جي افراتفري، اک ٻوٽ ۽ انتشار وارو دؤر هيو .... سياست واپار هوندي هئي .... اصول ۽ نظريه اگھه هيا، جيڪي بازاري اگھن جي لاهه گاهه سان پيا وڪامندا هيا ...
عجيب بزدلي، بي حيائي ۽ نڪ جي پڪائي وارو دؤر هيو، مطلب ته ماڻهوءَ جي کرڻ جي ڪا به مند نه هئي. ڪير ڪڏهن به بي ديدو، بي حياءُ ۽ بي شرم ٿي سگھيو پئي.
اذيت پسندي، انتها تي هئي ... ننڍڙن ٻارڙن جي اغوا کان وٺي، بي گناهه ڳچيون، قانون جي ڦندي ۾ ڦاٿل رهنديون هيون. ڦاهو ان کي ملندو هو، جنهن کي فٽ ايندو هو. قانون طاقتور لاءِ ڪچو ڌاڳو، ڪمزور لاءِ پنجوڙ هيو.
سنڌ جي سر زمين تي عجيب ڪهرام متل هيو .. جرمنن جون ’آسچوز‘ ۽ ’ڊڪاو‘ جھڙيون ڪئمپون تڇ هيون. ليڪن ايڏي حالت هوندي به بدمزاج حاڪم بدمست هيا .... اقتدار جي چسڪي ۽ اذيت پسنديءَ کين ايڏو انڌو ڪري ڇڏيو هو، جو کين امن جا اڇا ڪبوتر اڏندي نظر ايندا هيا. سندس خيال ۾ ملڪ ريهان کيهان لڳو پيو هيو ....
عورت جيڪا سڄي دنيا ۾ پنهنجو حقيقي ڪردار ادا ڪري رهي هئي، اها ساڳيو گگدام جانور هئي يا عياشيءَ جو سامان رهي ....
دانشور ۽ ليکڪ کوهه جا ڏيڏر، جيڪي پاڻ کي ’عقل ڪل‘ تسليم ڪرائڻ لاءِ ڪوشان هوندا هيا .... دين جا عالم چوڏهن سئو سال واري جھيڙي کي نبيرڻ ۾ پورا، پنهنجي مسئلن کي نبيرڻ لاءِ اڻ پورا هيا.
شهر، واهڻ ۽ وستيون ايئن محسوس ٿينديون هيون ڄڻ جنن ۽ ڀوتن جو آستانو آهن، جتي چوطرف دلخراش رڙيون ۽ ڪوڪون هونديون هيون.
اهڙي سنگدلي ۽ ڊيڄڙي واري دؤر ۾ ڪن ماڻهن عمل جي ذريعي ساڃهه ۽ سجاڳي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. جيتوڻيڪ سندس قلم کي بار بار ڀڳو ويو، سندس عمل کي زندانن جي زور تي جڪڙيو ويو ....‘
پوءِ خبر ناهي ته سماجي تاريخ لکندڙ محقق ڇا لکندو ....!‘
ايئن به لکي سگھي ٿو:
’پوءِ ماڻهن پنهنجي زوال پذير سماج جي باري ۾ سوچڻ شروع ڪيو .... کين احساس ٿيو ته اهو سماج اسان جو ٺاهيل آهي .... اهي قاعدا ۽ قانون اسان جا ٺاهيل آهن .... اهي ناتا ۽ رشتا اسان جا جوڙيل آهن ... اهي اخلاق ۽ قدر، اها ماڻ ۽ ماپا، اها اوچ ۽ نيچ، اها بي حسي ۽ بي رخي اسان جي آهي ... هيءُ پنڊورا جي پيتي اسان کولي آهي، نه آڪاش مان ڪري آهي، نه زمين ڦاڙي نڪتي آهي ....
جيستائين اسان چاهينداسين، هيءُ ظلم رهندو، هيءُ انياءُ رهندو، هي جيڪو ڪجهه اسان جو پوکيل آهي. هيءُ جيڪو ڪجهه لـڻون پيا، سو اسان جو ڇٽيل آهي .... هيءُ ڏوهه، هيءُ گناهه اسان جو ڪيل آهي. هيءَ ويڳاڻپ ۽ اڪيلائپ اسان پاڻ ورتي آهي. اچو ته هن سماجي انتشار جي ذميواري گڏي کڻون ...
جيستائين انهيءَ انتشار کي گڏي مٽائڻ جي ڪوشش نه ڪنداسين، تيستائين سماجي انتشار جو مٽجڻ ناممڪن آهي ... پوءِ اهڙي جاڳرتا جي احساس، ماڻهن ۾ ماڻهپو پيدا ڪيو .... زوال پذير معاشري مان امن ۽ آشتي انگورجڻ لڳي. جيئن سڙيل جھنگ جي رک مان اوڀڙ اڀري پوندو آهي.‘
هيئن به ته لکي سگھي ٿو:
’ايڏن عذابن، مصيبتن جي باوجود به گھربل سماجي معاهدي جي تجديد نه ٿي سگھي ۽ سنڌ جي سر زمين تي انساني گروهن جو ٺهيل سماج ڪنهن بي راهه رو شخص جيان تباهه ۽ برباد ٿي ويو .‘