تاريخ، فلسفو ۽ سياست

فڪر ڦرهي هٿ ۾

هي ڪتاب ”فڪر ڦرهي هٿ ۾ “ نامياري ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار منظور ڪوهيار جي لکيل ڪالمن جو مجموعو آهي جيڪو ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران 2007ع ۾ ڇپايو ويو.
منظور ڪوهيار جو ادبي پورهيو‘ جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي..... پڪ سان چوان ٿو ته توهان پڙهندڙ جي چقمق جھڙن ذهنن ۾ هي لکڻيون ضرور جاءِ والارينديون ۽ ادبي کيتر ۾ هي ڪتاب اهميت جو ڳو ثابت ٿيندو ۽ وقت جي دز هنن لکڻين کي ڪڏهن به لَــٽـي نه سگھندي.
Title Cover of book فڪر ڦرهي هٿ ۾

نالن ۾ ڇا رکيو آهي!

ڪنهن به نقاد کي اهو حق نٿو پهچي ته هُـو ڪنهن مترجم تي آڱر اُڀي ڪري سگهي، توڙي جو ترجمو مادر پدر آزاد هجي. ترجمو جيڪڏهن آزادي سان ڪيو ويندو ته اهو ترجمي مان ڦري مطالعاتي نوٽ به ٿي سگهي ٿو ۽ پنهنجو طبعزاد تخليق به ..... اهو نه صرف پنهنجو لاءِ ڀلو آهي، پر پڙهندڙ جي لاءِ به ۽ سنڌي ادب تي احسان به ..... هونئن به ڪوئي ڪيڏو پابند ترجمو ڪري ته به اصل جي مقابلي ۾ نقل هوندو. جئين هيري جي بجاءِ پٿر .... انهن اڄوڪن ٺوس اصولن ۽ يادگيرن جي بنياد تي ’پاپڪ‘ نالي ڪهاڻي ’نام سڌ جاتڪ‘ هندي ٻوليءَ مان سنڌي ۾ ترجمو ڪجي ٿي:
پراچين دؤر ۾ تکشلا (هاڻوڪو ٽيڪسلا) ۾ ڪيترائي نالي وارا ’ٻُڌسچيو‘ آچاريه ٿيا. ’پاپڪ‘ نالي هڪ شاگرد، جيڪو پنج سئو شاگردن ۾ ’ٻُڌ سچيو‘ جو پيارو هو، تنهن کي پنهنجي نالي جي غم جو احساس هو، ماڻهو هن کي ’پاپڪ پاپي!‘ چئي چيڙائيندا هيا. هن سوچيو، پاپڪ نالو واقعي خراب ۽ منحوس آهي. ان ڪري هن کي ڪو سٺو نالو رکرائڻ گهرجي. اهو ويچار ڪندي ’ٻُڌ سچيو‘ وٽ آيو ۽ نويدن ڪيائين، ’آچاريه! منهنجو نالو سٺو ناهي. مهرباني ڪري ڪو سٺو نالو عنايت ڪيو .....‘ ٻُڌ سچيو وراڻيو ، ’ٻچا! واهڻ، وستيون گھمي آ ..... سٺو نانءُ ٻُڌڻ ۾ اچئي ته مون کي ٻُڌاءِ ...... مان تنهنجو نالو بدلائي ڇڏيندس .....‘
پاپڪ واهڻ، وستيون جھر جھنگ جھاڳي اچي هڪ شهر ۾ پهتو. شهر ۾ قضا سان ڪو ماڻهو مري ويو هو، ماڻهن جي روڄ راڙي سندس ڌيان ڇڪرايو. کيس لڳوته مرندڙ شخص شهر جو ڪو مُکيه ماڻهو هو.ان ڪري هن ماڻهن کان پڇيو، ’ڀائو .....هي ڪير هو ....؟‘ ماڻهن جواب ڏنو، ’ڀائو ! هي شهر جو وڏو سيٺ ، جيوڪ (جيئندڙ) نالي هيو ....‘ هُن عجب مان پڇيو،’ڇا جيوڪ به مرندو آهي؟‘ ماڻهن جواب ڏنو ، ’جيوڪ نالي وارو به مري سگهي ٿو ۽ اجيوڪ نالي وارو به، نالا ته نالا هوندا آهن ... نالن ۾ ڇا رکيو آهي .. ....!‘
هو اهو ٻڌي ڪجهه مايوس ٿيو، پر دل نه لاٿائين. هو شهر جي ڀري بازار ۾ گھمڻ ڦرڻ لڳو ته اوچتو بازار ۾ هن ماڻهن جو ميڙ ڏٺو. هو اڳتي وڌي آيو ۽ ڏٺائين ته هڪ عورت کي هڪ مرد چهبڪن سان ماري رهيو هيو.
’هن ويچاريءَ کي ائين بيدرديءَ سان ڇو ٿو ماريو وڃي!؟‘ هُن رڙ ڪري پڇا ڪئي.
بيٺل ماڻهن جواب ڏنو، ’هي ٻانهي ۽ آقا جو معاملو آهي .... جي آقا کي ڪمائي نه ڏيندي ته مار نه کائيندي ته ڀلا گُلن ۾ ترندي!‘
هن وري پڇيو، ’هن ويچاريءَ جو نالو ڇا آهي؟‘
’ڌن واري!‘ ماڻهن جواب ڏنو.
هن کي ڏاڍو عجب ٿيو ۽ چيائين، ’نالو ته ڌنَ واري اٿس پر حالت اها اٿيس جو نرڌن آهي.‘
ماڻهن جواب ڏنو، ’ڇا ڌن واري نالي رکڻ سان هوءَ لڪشمي (دولت واري) ٿي ويندي .....؟ نالا ته مڙئي نالا آهن ..... معلوم ٿئي ٿو ته تون ڪو چريو آهين ....!‘
هُو نالن جي حقيقت کان ڪجهه وڌيڪ نراس ٿي شهر مان نڪري پيو هو، جھنگل ڏانهن .... رستي ۾ هن هڪ منجھيل ماڻهوءَ کي ڏٺو، جيڪو چوواٽي تي پريشان بيٺو هو. هن پڇيس ’تون ڇو پريشان آهين؟‘
ماڻهوءَ جواب ڏنو، ’سوامي! مان واٽهڙو آهيان .... رستو ڀُلي پيو آهيان .....‘
هن پڇيس، ’تنهنجو نالو ڇاآهي؟‘
واٽهڙو جواب ڏنو، ’سُونهون‘
هن عجب وچان چيو، ڇا سونهان به اَسونهان هوندا آهن .....؟‘
واٽهڙو وراڻيو، ’سوامي! تون ته صفا سادو آهين .... ڇا سونهين نالي رکڻ سان به ڪو سونهون ٿيندو آهي ....!‘
هو نالن جي سُٺائين ۽ برائين کان بلڪل اداس ٿي ’ٻُڌ سچيو‘ وٽ موٽي آيو. ’ٻُڌ سچيو‘ پڇيس، ’ٻالڪ! ڇا تون پنهنجي پسند جو نالو چونڊي آئين؟‘
’هن جواب ڏنو، ’آچاريه ...! هن جڳ ۾ مون جيوڪ به مرندي ڏٺو .... ڌن واري به نرڌن ڏٺي ..... سونهون به اَسونهون ڏٺو. ڪو به ماڻهو سٺي نالي سان نهال ٿي نٿو سگهي ۽ ڪو به ماڻهو بري نالي سان خراب ٿي نٿو سگهي ...... تنهن ڪري منهنجو نالو جيڪو به آهي .... سو ئي صحيح آهي ..... نالن ۾ ڇا رکيو آهي!‘
هي پراچين دؤر جي پراڻي ڪٿا ضرور آهي، پر هن ۾ وڏي سچائي آهي ته وڏن وڏن نالن، لقب القابن ۽ حسين اسمن سان ڪنهن جي به ڪٿ نٿي ڪري سگهجي .... ڇو ته اهي نانوَ ڪنهن به شخصيت جو ضد ٿي سگهن ٿا ....هن وقت به توهان جي سامهون وڏا وڏا لقب آهن.نالا آهن، اسم آهن ..... ڪو قائد تحريڪ آهي، ڪو فرزند پاڪستان آهي. ڪو قائد جمھوريت آهي، ڪو باضمير سياستدان آهي، ڪو روحاني پيشوا آهي، ڪو هڏ ڏوکي. ڪو همدرد، ڪو ضمير جو آواز ۽ غمخوار آهي، ڪا مادر عوام، ڪا مادر سنڌ آهي، ته ڪو ڏهيسر آهي! انساني تاريخ ۾ ڪڏهن ڪڏهن حسين نالا ۽ نانوَ رڃ جو دولاب به ٿي پوندا آهن، جن جي پٺيان انساني گروهه تاساريل هرڻن جيان ڀڄندي ڀڄندي پساهه پورا ڪندا آهن. ليڪن نالن جي پٺيان جيڪي ڪڙا سچ هوندا آهن، تنهن جي تهه تائين نه پهچي سگهندا آهن.
ائين نه ٿئي ته اڄ به اسان حسين نالن ۽ وڏن لقبن جي طلسم ۾ گرفتار ٿي ايڏيون هنڀوڇيون هڻون، جو انهن نالي وارن جا اُهي قبيح فعل لڪي وڃن، جيڪي صرف ذاتي هوس ۽ اقتدار لاءِ آهن ..... اڄ اهي نالا اسان جي حقيقت پسندي جي پرک آهن .... جي ڏسڻو آهي ته پوءِ حسين نالن ۽ لقبن کي نه ، پر نالن پٺيان عمل کي ڏسڻ گهرجي.
ڇو ته نالا ته صرف نالا آهن ..... نالن ۾ ڇا رکيو آهي . ....!!