افضل قادري
ڪوڙ ايڏو نه هڻ
سج سامهون اچي، ڪٿ ڪڍي آ ڪني
ڪوڙ ايڏو نه هڻ
پنهنجي هٿ جو ڪنگڻ آرسيءَ ۾ ڏسي
ڪوڙ ايڏو نه هڻ
هي پنهنجي اندر سان جھيڙيندڙ افضل قادري آهي، جيڪو ڪراچيءَ جي جناح اسپتال مان مايوس ٿي واپس وريو ..... ۽ هاڻي کٽ تي ليٽيل ..... هڪ هٿ سيني تي .... ٽـٽل ۽ اکڙيل ساهن سان ٻڌائي رهيو آهي:
’ادا‘ احساس مري ويا آهن ..... ايڪويهه ڏينهن بيڊ تي نڌڻڪو پيو هيس ... نه دوا، نه درمل .... نه اوهي نه واهي .... هڪڙو حڪومت جو نمائندو آيو ته به، اچڻ سان ئي زخمن تي لوڻ ٻرڪيندي، چيائين: اسان وٽ پئسا ڪونهن، جو تنهنجي مدد ڪيون ....!‘
مون کان نه رهيو، چيومانس:’صاحب! توکي ايترو به اخلاق ڪونهي ته، ڪنهن مريض کان ڪيئن پڇجي ...؟ مون ڪو توکان پئسا گھريا ...؟ هٿ ٽنگيو .....؟ ادا، اهي حال ٿي ماڻهن جا ... مون ته اڄ تائين ڪنهن کي به ناهي چيو ته، اخبار ۾ ڏيندا ڪريو ۽ منهنجي بيماريءَ جي پبلسٽي ڪندا ڪريو ....جذبات ۾ هن جا ساهه ويتر اکڙجي ويا. ڪجھه جھٽ ڪلينيڪل ڪمپوزائٽ اسپري وات ۾ ڏيندي ساهن کي بحال ڪيائين ته وري انهن مسيحائن جو ذڪر ڪيائين، جن کيس ذهني عذاب ڏنا هئا:
’يار، پروفيسر ته ڌاريو هيو .... هڪڙو دفعو آيو ته اچڻ سان ئي طنز جو نشتر هڻندي چيائين ته، قوم ڪا سرمايه کيا حال هئي ....؟‘ ڌريان ئي ڌاريا مٽ مئيءَ جا نه ٿيا ..... پر هڪڙو ڊاڪٽر ته هم زبان هو، اهو به منهنجي درد کي نه سمجھي سگھيو ..... هيئن ڪرڙيءَ وانگر ڦٿڪي، ڦٿڪي بيڊ تان هيٺ ڪران .... منهنجو پٽ سڏڻ وڃينس ته نرسن سان ’ٽهه! ٽهه!‘ ۾ پورو .... ’جيءُ!‘ ته ڇا ’ڦوٽ‘ ڪرڻ به نه اچي .... منظور! حياتي جيتري هوندي، اوتري ٿيندي پر ڳڻ ۽ ڳالهيون ته رهجي ويندا آهن .... ڦٽ ڇٽي ويندا آهن، پر ويڻ ته نه ويندا آهن.‘
ڇا واقعي هاڻي احساس مري ويا آهن ....؟ جو سڄاڻ حاڪم کي اها به خبر ڪونهي ته ڪو اسان جي سماج ۾، ڪي سماجي قدر به هوندا آهن ته، بيمار کان ڪيئن پڇبو آهي ...؟ دلجاءِ ڏبي آ، يا سڌيون ٻڌائبون آهن ...؟ ڏڍ ڏبو آ، يا کتيون ٻڌائبون آهن ...؟ جيڪڏهن وزيراعظم صاحبه جي سفارشي خط جي ڪري افضل قادري کان پڇڻ مجبوري به هئي، ته به هڙئون ڀلي وڃي ها، وڙئون ته نه وڃي ها .... اسان ته ايئن سمجھندا آهيون ته جيترو وقت جو حاڪم مهذب ۽ ڪلچرڊ ٿي سگھي ٿو، ٻيو ٿي نه ٿو سگھي .... پر عالم جا ابا، توئي ٽنگان ٽڙيون ته بندا ڪيئن ڪندا ....؟ توکي ته خبر هوندي آهي ته ’ثقافت‘ عربي جي لفظ ’ثقف‘ مان ورتل آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ’عقلمندي ۽ مهارت‘ ... توکي ته ڄاڻ هوندي آهي ته CULTURE جرمن زبان جي لفظ KULTOR مان ورتل آهي، جنهن جون معنائون آهن ’کيڙڻ‘ ’پوکڻ‘ ۽ ’وڌائڻ‘ ... ۽ ان جو سماجي ماهر ڪجھه هيئن مطلب ڪڍندا آهن ته، هتي زمين کيڙڻ جي بجاءِ، سماج ۾ رهندڙ ماڻهن جو ذهن کيڙڻو آهي ... سوچن، تصورن ۽ خيالن جو ٻج پوکڻ آهي. هڪ جھڙي ڪردار جو فصل وڌائڻ آهي ته جيئن سماج ۾ رهندڙ ماڻهن ۾ ڀائيچاري ۽ محبت جو احساس پيدا ٿئي .... پر ٿي سگھي ٿو ته اوهان ثقافت کي عربي جي لفظ ’ثقيف‘ واري معنيٰ ۾ ورتو هجي. جنهن سان نيزا ۽ ڀالا، درست ۽ تکا ڪيا ويندا آهن .... تڏهن ته اوهان جي لفظن ۾ ڦردار ٻاڻن جھڙي تکاڻ ۽ نيزن جھڙيون سڌيون نوڪون هيون .... يا وري اوهان وٽ KULTOR لفظ جي جديد وصف اها هجي ته، سماج ۾ رهندڙ ماڻهن جي ذهنن ۾ غلط روش جو ٻج اڇلائجي ۽ بي حسيءَ جو فصل وڌائجي ....
اسان جھڙن اڻ ڄاڻن ته اهو پڙهيو هيو ته، ’ثقافت‘ انساني ذهن جي پيداوار جو اهو مرڪب آهي، جنهن ۾ علم، عقيدا، آرٽ، رسم ۽ رواج، قاعدا ۽ قانون، جايون جڳهيون، هٿيار پهنوار، ٿانوَ ٿپا ۽ هر قسم جو ساز و سامان وغيره اچي وڃن ٿا.... ۽ اها ثقافت جي وصف به جڳ مشهور سماجي ماهر ’اي بي ٽائلر‘ جي آهي ..... پر هاڻي خبر پئي ته اوهان وٽ ثقافت رڳو نالو آهي، بي جان شين جو ... جنهن ۾ صرف جايون، جڳهيون، رلهيون، اجرڪ، ٽوپيون ۽ پراڻيون شيون اچي وڃن ٿيون، يا وڌ ۾ وڌ ميلا ۽ ٺيلا .... باقي غير مادي ثقافت، جنهن ۾ علم ۽ ادب اچي وڃي ٿو، تنهن جي ڪا به حيثيت ناهي .... تنهن ڪري هڪ شاعر جيڪو غير مادي ثقافت (شاعري) جو خالق آهي، تنهن جي ڪهڙي حيثيت آهي ....؟
هي ته رؤيو هيو ڪلچرڊ حاڪم جو ... پر ماڊرن مسيحا کي ڇا ٿي ويو ....؟ جو سندس احساس مري ويا ۽ جذبا اڏامي ويا .... هو ته شفا ڏيندڙ هيو ...ڏک ونڊيندڙ هيو ... ان کي ته مريض جي نفسيات جي خبر هئي ۽ ان کي نفسياتي علاج جي به ڀليءَ ڀت پروڙ هئي ....هن ته ايم.بي.بي.ايس جي ڊگري وٺڻ کان اڳ عظيم حڪيم ۽ طبيب بقراط جو هي قسم به کنيو هيو ته:
’مان قسم ٿو کڻان خدا جو ۽ صحت جو ته، مان پنهنجي قول ۽ قرار جو پابند رهندس .... پنهنجي قابليت، سمجھه آهر انهن قاعدن تي هلندس، جيڪي مريضن لاءِ مفيد هوندا ۽ انهيءَ کان پري رهندس جيڪي مريضن لاءِ هاڃيڪار هوندا ..... مان ڪنهن کي به مارڻ واري دوا نه ڏيندس ۽ نه اهڙو مشورو ڏيندس. ساڳي طرح مان ڪنهن به عورت کي ٻار ڪيرائڻ وارو نسخو نه ڏيندس .... مان لچائي ۽ رشوت جي هر عمل کان پاسو ڪندس .... مان پاڪيزگي ۽ پوتر تائيءَ سان پنهنجي زندگي گذاريندس .....‘
پر پوءِ به ايڏي به حسي ....؟ اهڙي بي رخي ....؟ ڇا کانئس سڀ ڪجھه وسري ويو ...؟ يا هُن انهيءَ قسم نامي جي انحرافي ڪرڻ کي حق بجانب سمجھڻ شروع ڪيوآهي.
ڇا اها روش شايان شان آهي، انهن لاءِ جيڪي مئل جياريندڙ هجن ....؟ پر ان جي ابتڙ افضل جي دکدائڪ ڪٿا مان ايئن محسوس ٿيو ته، اهي مسيحا ڄڻ هنود ڪاسائيءَ جيان هيا .... انڌا اونڌا ويڄ هيا ... جن جي هٿان زنده مري ايندا آهن ... ويڻ وٺي ايندا آهن ... ڏک ڏسي ايندا آهن ...
تنهن ڪري اي حاڪم ...! اي حڪيم ...! معاشري جا اهم فرد ...‘ بي حسيءَ جو رستو تباهيءَ جو آهي .... اها سنگدلي، دنيا جي ٻين سماجن اڳيان ڪنڌ کڻڻ نه ڏيندي .... مهرباني ڪري، انهيءَ ڪٺورتا واري روش تان هٿ کڻ ته جيئن ماڻهو به انهيءَ راءِ تان هٿ کڻن ۽ نه چون ته:
’خدا شل ڪنهن کي، حاڪمين ۽ حڪيمين نه وجھي‘
(31 مارچ 1990 ع هلال پاڪستان)