تاريخ، فلسفو ۽ سياست

فڪر ڦرهي هٿ ۾

هي ڪتاب ”فڪر ڦرهي هٿ ۾ “ نامياري ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار منظور ڪوهيار جي لکيل ڪالمن جو مجموعو آهي جيڪو ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران 2007ع ۾ ڇپايو ويو.
منظور ڪوهيار جو ادبي پورهيو‘ جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي..... پڪ سان چوان ٿو ته توهان پڙهندڙ جي چقمق جھڙن ذهنن ۾ هي لکڻيون ضرور جاءِ والارينديون ۽ ادبي کيتر ۾ هي ڪتاب اهميت جو ڳو ثابت ٿيندو ۽ وقت جي دز هنن لکڻين کي ڪڏهن به لَــٽـي نه سگھندي.
Title Cover of book فڪر ڦرهي هٿ ۾

ٻه قصا هڪ جھڙا

قسم سان مون کي قصي گوئي جو ڏانءُ آهي،نه ڏات .... ڇو ته مان چوٽيءَ جو اديب يا دانشور ته نه آهيان جو توهان تي پنهنجن لفظن جو سحر طاري ڪري سگھان. پر هي ٻه قصا توهان کي ضرور ٻڌڻ گھرجن، جيڪي فردن ۽ انساني گروهن جي حد کان وڌيڪ نمائشي حساس پڻي ۽ انتهائي بي حسي جا آهن.
قصو پهريون نمائشي حساس پڻي جو:
قصو هئين آهي ته هڪ ماڻهو گھر جي اڱڻ تي ستو پيو هو، قضا سان مٿائنس ماڪوڙو گذريو. همراهه ڇرڪ ڀري اٿي ايڏيون ته رڙيون ڪيون جو اوڙو پاڙو مٿي تي کڻي ڏنائين:
’ههڙو ظلم ...! ههڙو قهر...! ههڙو انڌير ...! سو به ڏينهن ڏٺي جو!‘
اوڙي پاڙي جا چڱا مٺا مڙي آيا ۽ پڇيائونس:
’آخر ماجرا ڇا آهي؟‘
جواب ڏنائين: ’ ماڪوڙي مون کي ستل ڏسي، مٿان چڙهيو پئي ويو، ان ڪري وٺي رڙيون ڪيون‘
’اها ڪا ايڏي وڏي ڳالهه ته ڪونهي، جنهن جي لاءِ ايڏو هل هنگامو ڪجي ۽ پاڙيسرين جي سڪون ۾ خلل وجھجي.‘ پاڙيسرين سمجھائيندي چيس.
’ميان، توکي ڪهڙي خبر...! اڄ ماڪوڙو گذريو آ، سڀاڻي هاٿي گذري ها ته پوءِ ....!؟ ان کي چئبو آ، حد کان وڌيڪ حساس پڻو ۽ دور انديشي ... اهو انداز صرف ڪنهن فرد واحد تائين محدود ڪونهي. پر سماجي نفسيات ٻڌائي ٿي ته ان ۾ ڪيترا انساني گروه به اچي وڃن ٿا ....توهان چوندو اهو ڪيئن؟ ... اهڙي قسم جو احوال ڪجھه ڏينهن اوهان اخبارن ۾ پڙهيو هوندو ته، هڪ سياسي مها معتبر جي گھر ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ جي ڪري بجليءَ جون تارون ڇا سڙيون ڄڻ سڄي ملڪ ۾ ٿرٿلو مچي ويو .... ’ڊان‘ اخبار کان وٺي ’جنگ‘ اخبار جي پهرين صفحن تي سرخيون لڳي ويون ...... فوٽو نڪري ويا ........ ماڻهو مڙي ويا ....... حد اها جو بم ڊسپوزل اسڪواڊ جو چيف پهچي ويو ....... پوليس رَسي وئي ......... ٽيڪنوڪريٽ تحقيق کي لڳي ويا ...... ۽ سڀني ماڻهن شڪ ڏيکاريو ته ٿي سگھي ٿو ته ڪا سازش هجي .... پر جيڪڏهن اهڙو ئي واقعو، ڪنهن ٻئي هنڌ ٿئي ها ته ائين هڪ هنگامو، ايڏي واويلا، ايڏو شور هرگز نه ٿئي ها. توڙي جو ڪنهن جو گھر بمن سان اڏايو وڃي ها يا کيس تباه ۽ برباد ڪيو وڃي ها. ليڪن اهو تماشو ڪيتري عرصي کان جاري آهي .... ڪڏهن هٿرادو فائرنگ جا قصا، ڪڏهن مرڻ گھڙي تائين بک هڙتال جا ناٽڪ .....ليڪن ان بغاغي بازن کان ڪو چڱو مٺو پڇڻ وارو ئي ڪونهي ته آخر هي تماشو ڪهڙو آهي، جنهن ۾ ماڻهن جو سڪون تياڳجي ويو آهي .....؟ شايد چڱا مٺا لڏي ويا آهن، پٺيان ڊنب ڪتا ڇڏي ويا آهن. تنهن ڪري هردفعي کين اهو انداز ڦٻيو آهي ۽ هنن لاڀ پئي ورتو آهي. جيئن چئبو آهي ته، کيڏ ڪبي ته کٽي کائبو نه ته سؤ سور پرائبا .....
قصو ٻيو انتهائي بي حسيءَ جو :
هي ٻيو قصو انهيءَ ڪال جو آهي. جڏهن هندستان، کي قحطن جي ماءُ سڏيو ويندو هو. هر ڏهين سال هندستان ۾ قحط ايندو هو، خاص ڪري بنگال ۾ .... انهي دؤر جو قصو آهي ته ڪلڪتي جي ڀري بازار ۾ ڪا ماءُ ڇاتيءَ تي هٿ هڻي رڙيون ڪري رهي هئي. ’ هاءِ! هاءِ! پاڙي وارن جو ظلم ته ڏسو ! .... منهنجو ٻچڙو ڪهي کائي ويا ظالم ....! ظالمن کي اهو شرم به نه آيو جو هٿ جيترو ٽڪر مونکي به کائڻ لاءِ ڏين ها . ....!
هيءُ انتهائي بي حسيءَ جو قصو هڪ فرد تائين محدود ڪونهي. پر اهو بي حسيءَ جو انداز چڱا ڀلا انساني گروهه به اختيار ڪري وٺندا آهن ۽ ذلتن جي کڏن ۾ وڃي ڪرندا آهن. خبر ناهي ڇو مون کي اهو احساس ڏڪائيندو آهي ته پاڻ وٽ به ڄڻ قحط الرجال اچي چڪو آهي (ٿي سگھي ٿو مان غلط هجان ۽ خدا ڪري ته ....) ڄڻ سنڌ جي اڪثر نام نهاد سياستدانن جو سنڌ ۽ سندس مسئلن بابت سياست جي ڀرئي بازار ۾ پٽڻ ڪٽڻ ايئن ڀاسندو آهي، ڄڻ چوندا هجن ته، ’ظالمن جو ظلم ته ڏسو! انياءُ ته ڏسو! سڄي سنڌ کي چڪن، پٽن، کائين پيا. پر کين ايترو به شرم نه ٿو اچي جو پاڻ کي اقتدار جو هٿ جيترو ٽڪر ڏين .....؟‘
انهن نام نهاد سياستدانن، اڳواڻن کي جڏهن به اقتدار جو ٽڪر هٿ آيو ته کانئن ڌرتي، قوم ۽ قوم سان ٿيندڙ سڀ عقوبتون وسري ويون، جن کي ياد ڪندي سندن اکين ۾ رت جا ڳوڙها اچي ويندا هئا.اقتدار جي ٽڪر کي چٻاڙڻ وقت انهن کي اهو به نظر ناهي ايندو ته سندن ئي دؤر اقتدار ۾، سندن ئي قوم جا نوجوان وڌيڪ ڪنگال ۽ بيروزگار بڻبا آهن .... سندن ئي اقتدار ۾ سندن ئي قوم جا ماڻهو وڌيڪ نڌڻڪا ۽ عدم تحفظ جو شڪار ٿيندا آهن.
هي ٻئي قصا هاڻي کان نه، پر ڪيتري وقت کان سنڌ ۾ ورجائجي رهيا آهن. هڪ گروهه جي اڳواڻن جي حد کان وڌيڪ بي حسي جو ۽ ٻي جي لوڀ جو ... ائين محسوس ٿو ٿئي ته ڄڻ هڪ پاسي ٺوڳين جو لشڪر ۽ ٻئي پاسي لوڀين جي لوڌ آهي. ٺوڳين جو اهو انداز رهيو آهي جو کين، نڇ به اچي ٿي ته سڄي ڏيهه ۾ ڄڻ قيامت ڪبريٰ اچي وڃي ٿي. پر لوڀين جي لوڌ پٺيان سادي عوام جي مٿن مٿان ڪرٽ به وهي وڃن ٿا ته، سياسي سرواڻن جي ٻلي به نه ٿي ميڪي ..... لوڀين جي ڪڍ سادو عوام پريشانيءَ مان صرف اهو سوچيندو رهي ٿو ته آخر اها ڪهڙي ويڌن آهي، جو يار به چاڪي ۽ سينڌ به اڻڀي .....
جي نمائشي حساس پڻي، عياري ۽ مڪاري جو انداز به ساڳيو رهيو ته، پوءِ اهو يقين ڪيو ته امن ۽ سڪون جي سڌ اجائي آهي ۽ جي لوڀ جو انداز به ائين جاري رهيو ۽ اقتدار جي هوس به پياري رهي ته، پوءِ ان جو نتيجو ٻيو ڪهڙو نڪرندو سواءِ ان جي ته:
’جتي لوڀي هجن، اتي ٺوڳي بک نه مرن.‘