تاريخ، فلسفو ۽ سياست

فڪر ڦرهي هٿ ۾

هي ڪتاب ”فڪر ڦرهي هٿ ۾ “ نامياري ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار منظور ڪوهيار جي لکيل ڪالمن جو مجموعو آهي جيڪو ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران 2007ع ۾ ڇپايو ويو.
منظور ڪوهيار جو ادبي پورهيو‘ جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي..... پڪ سان چوان ٿو ته توهان پڙهندڙ جي چقمق جھڙن ذهنن ۾ هي لکڻيون ضرور جاءِ والارينديون ۽ ادبي کيتر ۾ هي ڪتاب اهميت جو ڳو ثابت ٿيندو ۽ وقت جي دز هنن لکڻين کي ڪڏهن به لَــٽـي نه سگھندي.
Title Cover of book فڪر ڦرهي هٿ ۾

سماجي شعور جي پهرين ڪڙي

انساني مسئلن ۽ مونجھارن جي نشاندهي ۽ حل لاءِ، ڌرمي پستڪن کان وٺي، اڄ جي جديد عمرانيات جي ڪتابن تائين، ڇيڙي نبيري ٿيل آهي. ايئن ٿو محسوس ٿئي ڄڻ ديوتائن کان وٺي، اوتارن تائين ...... پيغمبرن کان وٺي فلسفين تائين ... سياسي اڪابرن کان وٺي سماجي ماهرن تائين .... اديبن کان وٺي فنڪارن تائين، هر ڪنهن کي شعوري احساس آهي ته، سماج ۾ پيدا ٿيندڙ مسئلن کي ڪنهن نه ڪنهن نموني سان حل ڪرڻ ضروري آهي. اهائي انسان جي شعور جي ارتقا آهي.
سماجي مسئلي جي باري ۾، جديد دؤر جي هڪ وصف، ’لارينس ــ ڪي فرينڪ‘ ٻڌائي ٿو، ’هڪ اهڙي سماجي تڪليف، جيڪا ڪافي گھڻا ماڻهو محسوس ڪن. نه صرف خواهش رکن ته تڪليف ختم ٿئي، پر انهيءَ لاءِ عملي جدوجھد به ڪن.‘
انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته سماجي مسئلو ايستائين مسئلو نه آهي، جيستائين ماڻهن جي گھڻائي محسوس نه ٿي ڪري، ان کي حل ڪرڻ جي خواهش نه ٿي رکي ۽ عملي ڪوشش نه ٿي وٺي ....
بقول’جي جيسڪس روسي‘ جي، طبقاتي سماج جو حقيقي باني اهو شخص آهي، جنهن سڀ کان پهريان ، زمين جي ٽڪري کي چئن ڏسائن کان ليڪو ڪڍي چيو ته، هيءَ منهنجي آهي.‘
جيڪڏهن ان وقت ڪنهن ٻي شخص ان ليڪي کي ڊاهي چيو هجي ها ته ’ڏسو! هن فريبي جي ڳالهه ۾ نه اچجو . ڇو ته زمين ڪنهن هڪ فرد جي ملڪيت نه آهي، پر زمين جو ثمر سڀني جو آهي‘ ته جيڪر انساني نسل ڪيترين جنگين، ڪيترن ڏوهن، ڪيترين مصيبتن ۽ ڪيترين بربادين کان بچي پوي ها .....
ايئن نه آهي ته اهڙي قسم جون مناديون ڪنهن ناهن ڏنيون ....
سوين، هزارين مثال آهن ... اهڙي منادي ’ماني‘ ۽ مزدڪ ‘ ايران ۾، ’گوتم ‘ هندوستان ۾، ’عيسيٰ‘ يروشلم ۾ ڏئي چڪا آهن. اهڙي صدا سينٽ سائمن ، چارلس هال، جان فرانسس بري ۽ اينگلس ڏني آهي. جنهن به سماج ۾ طبقاتي استحصال وارو سماجي مسئلو چوٽ چڙهيو ، اتان احتجاجي صدائون مسلسل بلند ٿينديون رهيون آهن، ’پراڻو عهد نامو ‘ ان جي شاهدي ڏئي ٿو ... موسيٰ کان وٺي يسعياهه، يرمياهه ، داني ايل، ناحوم ۽ ملاڪي تائين، سڀني مذهبي يا سماجي پيشوائن طبقاتي مسئلي کي، انساني سماج ۾ هڪ ’لعنت‘ قرار ڏنو آهي.
’افلاطون ‘ طبقاتي استحصال کي ختم ڪرڻ لاءِ ’ريپبلڪ‘ لکي ، هڪ نئين سماج جو تصور ڏنو ... ’حضرت محمد (صه) ‘ جن حجته الوداع جي موقعي تي خطبو ڏيئي ماڻهن ۾ هڪ جھڙائي واري نظريه کي هٿي ڏني ۽ استحصالي طبقي کي ننديو ... ’ڪارل مارڪس‘ ڪميونزم جي نظريي ۾ اقتصادي حل پيش ڪري، طبقاتي نظام کي قلع قمع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ....
مطلب ته مختلف دؤرن ۽ سماجن ۾ ’ڀلن انسانن‘ جي اها شعوري ڪوشش رهي آهي، ته ان طبقاتي مسئلي کي پنهنجي سمجھه ۽ حالتن آهر کڻن، عام ماڻهن کي شعور ڏئي، حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن.
اڄ دنيا جا ڪيترائي ، انساني سماج ان مسئلي مان ڪنهن حد تائين يا گھڻي حد تائين ڇوٽڪارو حاصل ڪري ويا يا ڪري رهيا آهن. ڇو ته اهڙن سماجن ۾ انهيءَ مسئلي کي ڀرپور نموني سان ليکڪن، فنڪارن، مصورن، سياستدانن، سماجي ماهرن ۽ اڪابرن اڀاري سماجي سجاڳي ڏني آهي. ان سماجي سجاڳي ئي عام ماڻهن کي بيدار ڪيو. جو هو تڙپي اٿيا ۽ گڏيل جدوجھد سان طبقاتي سماج جي وڏن وڏن بتن کي ڊاهي وڌائون.
اسان جو سماج اهو بد نصيب سماج آهي، جتي طبقاتي استحصال جو علمبردار ’عالم خان‘ پنهنجن خانگي جيلن ۾ مجبور ماڻهن کي قيد ڪري ٿو. زيادتي ڪرڻ کان پوءِ به ڇٽو ٿو وڃي ۽ زيادتي سهندڙ ’جمن‘ اڄ به پنهنجي جياپي جي جنگ ۾ آزرتو آهي.
’عالم خان‘ اڄ به اڳي کان اڳروآهي، سياسي طور تي، سماجي طور تي، اقتصادي طور تي .... اقتدار جي ايوان تي سندس قبضو آهي، سماجي قدرن تي سندس غلبو آهي، زمينن، ڪارخانن، نوڪرين، مطلب ته، ’جياپي‘ جي سڀني وسيلن تي سندس وارثي آهي.’جمن ‘ اڄ ڪمزور آهي، مجبور آ، بي وس آهي. ’سارنگ ‘ جيڪو نيڪي ۽ شرافت جي علامت آهي تنهن جي جدوجھد هر حال ۾ جاري آهي ... اهو سڄو تت ’رزاق مهر‘ جي لکيل ڊارمي ’جياپو‘ جو آهي، جيڪو ’پي ٽي وي‘ تان پيش ٿيو.
حقيقت اها آهي ته اهو ڊرامو ان سماجي مسئلي جي نشاندهي آهي، جيڪو اسان جي نڪ هيٺان موجود آهي. ۽ اسان جي طبقاتي سماج جي اها جھلڪ آهي، جنهن ۾ هڪ طبقو ايڏو ته طاقتور آهي، جنهن جي حڪم کان سواءِ ڪک به نه ٿو چري ۽ هڪ طبقو ايڏو ڪمزور آهي، جيڪو ڪک به نه ٿو چوري سگھي. پر ’سارنگ‘ جيڪو سماجي شعور جي علامت آهي، سو طبقاتي فرق کي مٽائڻ لاءِ ڪوشان آهي. جيئن ’رزاق مهر‘ استحصالي طبقي جي بيخ ڪني ڪرڻ لاءِ اهڙي مسئلي جي نشاندهي زور شور سان ’جياپو ‘ ڊرامي وسيلي ڪئي آهي، تيئن هر ذي شعور سڄاڻ ماڻهوءَ کي اهڙن مسئلن جي نشاندهي پنهنجن پنهنجن اظهار جي وسيلن ذريعي ڪرڻ گھرجي.
ايڏي زور شور سان جيئن ماڻهو ان مسئلي کي پنهنجو درد ۽ تڪليف سمجھن ۽ عملي جدوجھد جي لاءِ اڳتي وڌن. ڇو ته ڪنهن به سماجي مسئلي جي نشاندهي ڪرڻ، مسئلي کي حل ڪرڻ جي پهرين ڪڙي آهي.