تاريخ، فلسفو ۽ سياست

فڪر ڦرهي هٿ ۾

هي ڪتاب ”فڪر ڦرهي هٿ ۾ “ نامياري ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار منظور ڪوهيار جي لکيل ڪالمن جو مجموعو آهي جيڪو ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران 2007ع ۾ ڇپايو ويو.
منظور ڪوهيار جو ادبي پورهيو‘ جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي..... پڪ سان چوان ٿو ته توهان پڙهندڙ جي چقمق جھڙن ذهنن ۾ هي لکڻيون ضرور جاءِ والارينديون ۽ ادبي کيتر ۾ هي ڪتاب اهميت جو ڳو ثابت ٿيندو ۽ وقت جي دز هنن لکڻين کي ڪڏهن به لَــٽـي نه سگھندي.
Title Cover of book فڪر ڦرهي هٿ ۾

ضمير فروش

’ڪو به شخص ( مرد يا عورت) جيڪڏهن پنهنجي جند، ٻئي شخص کي جسماني لذت ماڻڻ لاءِ اقتصادي لالچ جي بنياد تي ارپي ٿو ته، ان کي جسم فروش وئشيا يا جسم فروش وئش چئبو آهي.‘
هيءَ هڪ سادي سودي وصف آهي، جسم فروش يا عصمت فروش جي ... دنيا جي سڀني سماجن ۾، عصمت فروشي عيب آهي، توڻي جو ڪن سماجن ۾ انهيءَ ڌنڌي کي قانوني حيثيت مليل آهي. ليڪن عجيب ڳالهه آهي ته عصمت فروشي جي ڌنڌي سان واڳيل ماڻهن لاءِ، دنيا جي سڀني سماجن ۾ ساڳي ڌڪار آهي. ايئن محسوس ٿيندو آهي ڄڻ انهن ماڻهن سان نفرت جو اظهار هڪ عالمگير قدر آهي ..... پاڻ وٽ ته اهڙن ماڻهن لاءِ هزارين گاريون، هزارين چٿرون، هزارين طعنا ۽ تنڪا آهن .... سبب ...؟! انهيءَ جو سادو سودو سبب اهو آهي ته، انهيءَ ڌنڌي ۾ انسان کي پنهنجي جسم ۽ وجود لاءِ عزت ڪونهي، مانُ ڪونهي، مريادا ڪونهي، تنهن ڪري اهڙن ماڻهن ۽ گروهن تي آڱريون کڄنديون آهن. جن جو ايمان انسان جي محنت جي عظمت ۾نه، پر جسماني واپار ۾ هوندو آهي ..... اهڙن شخصن لاءِ ڪٿي کليل لفظن ۾ ، ڪٿي دٻيل لفظن ۾ نفرت جو اظهار ڪيو ويندو آهي: بي غيرت ....! بي حيا .....! ڪمينو ....! ذليل ....! پانڊي .....!، وغيره جھڙا انيڪ لفظن سندن پيڇو ڪندا رهندا آهن. جيتوڻيڪ اهي عام ماڻهن کان لٽي ۾، ڪپڙي ۾، کائڻ ۾، پيئڻ ۾، رهڻ ۾، مٿانهان هوندا آهن. پر پوءِ به انهن ماڻهن جي حيثيت ۽ قدر وڌيڪ هوندو آهي، جيڪي رکي سکي کائي به چوندا آهن ته، ڀلي بک ڀرم جي، شل نه وڃي شانُ. انهيءَ شان کي قائم دائم رکڻ لاءِ ٽڪر ٽاڪيندا آهن، ڌرتيءَ جو سينو چيريندا آهن، پنهنجي هٿن جي محنت وڪڻندا آهن، چاندي يا سون جي عيوض نه وڪڻندا آهن پنهنجو ستر ۽ سيل ...... ليڪن، پنهنجي سماج ۾ هڪ ٻيو شخص يا گروهه به آهي. جيڪو پنهنجو ذهن ۽ ضمير ڪنهن ٻئي شخص کي، ڪنهن به غلط مقصد ماڻڻ لاءِ اقتصادي، سياسي يا انتظامي لالچ ۾ سرعام ارپي ٿو، تنهن کي ڇا چئجي ....؟؟ ضمير فروش وئش يا وئشيه .....!؟يا ٻيو ڪجھه .....!؟
توهان اهو محسوس ڪيو هوندو ته اهو شخص يا گروه، عام ماڻهن جي ڌڪار ۽ نفرت کان صاف بچيو ٿو وڃي، سو ڇو ....؟ جيڪڏهن جسم فروش ۽ ضمير فروش شخص يا گروه پاڻ ۾ ڀيٽ ڪئي وڃي ته، پويون، شخص يا گروه وڌيڪ نفرت ۽ مذمت جي قابل آهي. جي جسم فروش بازار حسن ۾ پنهنجي جسم جي ٻولي لڳائي ٿو ته، ضمير فروش سرعام پاڻ هرتڙو ٿي، خريدارن کي سڏي ٿو ..... جيڪڏهن جسم فروش کي جسم جي عزت ڪونهي ته ضمير فروش کي عزت نفس ڪونهي ...... جيڪڏهن جسم فروش پنهنجي ذاتي خودي، ارمانن، امنگن ۽ سماجي معيارن کي اقتصادي لالچ جي اڏي تي رکي قتل ڪري ٿو. ته ضمير فروش، نه صرف پنهنجي ضمير ۽ ذهن کي ڪنهن سياسي، انتظامي ۽ اقتصادي مفاد جي اڏيءَ تي رکي قتل ڪري ٿو، پر انهن هزارن، لکن ماڻهن جي امنگن ، ارمانن ۽ احساسن کي به ڪهي ٿو، جن کيس پنهنجو مسيحا، مهندار سمجھي، مهت ڏئي چونڊيو ..... جي جسم فروش پنهنجي خاندان يا وڌ ۾ وڌ برادريءَ لاءِ خواريءَ جو کارو آهي ته ضمير فروش سڄي قوم لاءِ ڪارنهن جو ڪُنو آهي. انهيءَ ڀيٽ ڪرڻ کانپوءِ اهو احساس ٿيندو ته جي ڏاچي (جسم فروش) هڻي ڏهه ٿي ته توڏو (ضمير فروش) هڻي تيرنهن ٿو ..... پر حيرت آهي پاڻ تي، پنهنجي سماجي ڪردار تي ۽ قدرن تي ...!؟ جي هڪ شخص ڪنهن مجبوريءَ سبب سماجي تڙ جي ترڪڻ تان پير ترڪائي وجھي ٿو ته، اهو سڄي عمر لاءِ بي مهابو ...مٽن مائٽن لاءِ نير جو ٽڪو ..... سندس ڏوهه معافي جي قابل ئي نه ٿو سمجھيو وڃي ..... اٿڻ ويهڻ ته ڇا، پر ڪو شريف ماڻهو هٿ ڏيڻ لاءِ به تيار ڪونهي .... فيصلو ٿيندو، ڪني آڱر وڍي ڀلي ۽ پوءِ جسم فروش ڀت برادري کان ٻاهر ..... پر هي ضمير فروش جيڪو مسيحا جي روپ ۾، سياسي اڳواڻ جي نالي ۾، معتبر جي حيثيت ۾، اسان توهان سان پٿر تي ليڪ جھڙا واعدا وعيد ڪري ٿو. پر جڏهن پٽڪو ٻڌي ڪاروبار سياست ۾ گھري ٿو ته، سندن زبان آلو لڪڻ ٿي وڃي ٿي. نه هو اسان جي لوئين جي لڄ رکي ٿو، نه پنهنجي پڳ ڏي ڏسي ٿو. هو پاڻ سان گڏ، اسان جي قسمتن کي به نيلام ڪري ٿو، اسان هر ڀيري کيس اکين تي رکيو، تنهن هر ڀيري اسان کي بي حسي جي ڄرڪندڙ ٽانڊن تي اڇلايو. پر اسان جي سادگي يا بي وقوفي تي فرشتا قربان .... اسان انهيءَ آزمايل ضمير فروش کي ور ور ڪري آزمائيندا به رهياسين ۽ هو پنهنجي انهيءَ ڪڌي ڪرتوت کي سياسي ادا ۽ انداز سمجھڻ لڳو ....
ڇو ته اسان توهان، نه سندس سماجي بائڪاٽ ڪيو، نه مذمت ڪئي، نه نفرت ڪئي.
ڪير سمجھائي ته جي ضمير فروشي سياست آهي ته پوءِ جسم فروشي کي به جسماني سياست سڏڻ گھرجي. گھٽ ۾ گھٽ پرکڻ جو ٻٽو معيار ته ختم ٿيندو ..
اهو ڪي ڪجي ....

’اهو ڪي ڪجي جو مينهن وسندي ڪم اچي.‘ اها چوڻي ظاهر ۾ ته ڏاڍي سادي سودي ٿي لڳي، پر پنهنجي اندر ۾ ظاهري يا باطني لحاظ کان هڪ وڏي نصيحت به آهي. هونئن به ڪي جملا، جيڪي ظاهري طور هلڪا ڦلڪا ٿين ٿا، ليڪن معنوي اعتبار کان ايڏا ته وزندار ٿين ٿا، جو انهن جي اهميت زماني جي ڦير گھير ۾ به لئي مٽي نه ٿي ٿئي.
انهيءَ چوڻيءَ جو احساس، مون کي تڏهن ٿيو، جڏهن اتر سنڌ ۾، برسات ملڪ ڀڄائي هڻي ڀت ڪري ڇڏيو. اوچتو مينهن هڻي اسان جي پت وائکي ڪري ڇڏي ته اسان جي بجلي ۽ ٽيليفون جو نظام ڪيڏو نه ناپائدارآهي، اسان جا روڊ ۽ رستا ڪيڏا نه غير معياري آهن، اسان جون جايون ٺهيل ناليون ۽ گٽر ڪيڏا نه ناقص آهن ۽ اسان جون جايون جڳهون ڪيڏيون نه غلط ٺهيل آهن.
اتفاق سان انهيءَ برسات دوران پاڻ کي نواب شاهه، سکر، خيرپور، شڪارپور۽ جيڪب آباد ڏانهن وڃڻ ٿيو. جتي ڪٿي روڊ رستن، واعدي معاف گواهه ٿي شاهديون پئي ڏنيون. نالين ۽ گٽرن اٿلي پنهنجي غليظ ۽ گندي آتم ڪٿا پئي ٻڌائي. جاين ۽ جھڳهين پنهنجي حالت زار تي ڳوڙها پئي وهايا. سڀئي شهر گپ چڪ ٿي رٿابندي تي ماتم ڪندا نظر پئي آيا. ايئن محسوس ٿي رهيو هيو ته سڀئي شهر واسي ڄڻ اڌارا ويٺل آهن، جن اهو ڪجھه به ناهي ڪيو جو کين، مينهن وسندي ڪم اچي.
پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اها ڪا نئين صورت حال ته ڪونهي. اها ويڌن ته هر سال ٿيندي آهي جو، مينهن اسان جي غلط رٿابندين، چورين، بي ايمانين، ٺڳين ۽ ڪڌن ڪرتوتن تان ڪپڙو لاهي هليو ويندو آهي. پوءِ به اسان پنهنجي ضمير ۽ اخلاقي قدرن جي اوگھڙ ڏسي شرمسار ڇو نه ٿيندا آهيون؟ اهو منهنجو سوال هيو. ڪجھه دوستن جو اهو جواب هيو ته ان جو سبب اهو آهي ته جيڪڏهن ماڻهو اکيون ٻوٽي ڇڏي ته پوءِ هو ڪنهن جي به اوگھڙ نه ٿو ڏسي سگھي، ويندي پنهنجي به نه ......
اهڙي قسم جي فلسفياڻه بحث کان پوءِ جڏهن ٽيڪنيڪي بحث ڇڙيو ته سنگت مان ڪنهن ٽيڪنيڪل ماڻهوءَ جو موقف هيو ته، هي سڀ ڪجھه انهيءَ ڪري آهي جو هي مٽيءَ جو ملڪ آهي. پر منهنجو جواب سان گڏ سوال اهو هيو ته، هن دنيا ۾ ٻيا به مٽيءَ جا ملڪ آهن جتي مسلسل مينهن پون ٿا. جتي نه واري آهي نه ئي وري پٿريلي زمين، وڏو مثال هالينڊ جو آهي. چاليهه هزار اسڪوائر ڪلوميٽر ۽ ڏيڍ ڪروڙ آباديءَ جو ڳتيل ملڪ، آباديءَ جي ڳوت جي لحاظ کان، بنگلاديش کانپوءِ دنيا جو ٻيو نمبر ملڪ. ندين، ڍنڍن ۽ سمونڊ سان سلهاڙيل، ڏسڻ سان ايئن محسوس ٿيندو ڄڻ جت ڪٿ پاڻي آهي. وڏي ڳالهه ته سامونڊي سطح کان هيٺ زمين، جيڪڏهن هن ملڪ ۾ هٿرادو بندَ ٻڌل نه هجن ته گھٽ ۾ گھٽ هن ملڪ جي مٿان ست ميٽر پاڻي بيٺو ئي هجي. تنهن ڪري هن لاءِ اهو به تاثر آهي ته هي ملڪ ڏيڏرن جي رهڻ جي قابل آهي نه ڪي ماڻهن لاءِ. هتان جي ماڻهن، پنهنجن شهرن کي ايڏي ته محنت ۽ جفا ڪشيءَ سان رهڻ جي قابل بڻايو آهي، جو اها چوڻي عام آهي،’خدا سڄي دنيا کي ٺاهيو، پر ڊچن، هالينڊ کي پاڻ ٺاهيو.‘ پنهنجو ذاتي مشاهدو آهي ته هن ملڪ ۾ جتي بي وفا موسم جو هر پندرنهن منٽن کانپوءِ، پنهنجو موڊ هوندو آهي، مون ڪٿي به برسات جي ڪري نه بجلي خراب ٿيندي، نه ٽيليفون بند ٿيندي، نه گٽر اٿلندو، نه گپ چڪ ٿيندي ۽ نه وري زندگيءَ جي ڪاروبار کي ٺپ ٿيندي ڏٺو.
منهنجي ٽيڪنيڪل دوستن جو اهو خيال هيو ته، يورپ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. اتي جيڪڏهن اسان به هجون ته ايئن ڪيون.
پر منهنجي دعويٰ اها آهي ته جيڪڏهن اهو ممڪن هجي ته اسان سڀني کي ڪو لڏائي وڃي هالينڊ ويهاري ۽ اتان جي ماڻهن کي هتي ــــ ته منهنجو انداز آهي ته سنڌ جا اهي ساڳيائي شهر پنجن سالن جي عرصي ۾ دنيا جا مثالي شهر ٿي ويندا ۽ انهيءَ عرصي دوران هڪ المناڪ خبر اها ٻڌڻ ۾ ايندي ته بندن جي ناقص مرمت، ملاوٽ، معيار جي گھٽتائي ۽ ڪرپشن جي ڪري بند اوچتو ٽـٽي پيا ۽ هالينڊ هميشه لاءِ هن دنيا جي نقشي تان الوپ ٿي ويو.
ته ڳالهه وري به وڃي اتي ٿي بيهي ته هر سٺائي يا برائي جو سبب انسان پاڻ آهي. اسان ئي اکين ٻوٽ آهيون، جيڪي پنهنجين براين کي ڏسڻ بجاءِ اکيون ٻوٽي ڇڏيون ٿا. ڇو ته سمجھون ٿا ته اکيون ٻوٽڻ ئي وڏو ڍڪ آهي. جڏهن ته هر سال اها برسات اسان جون اکيون پٽي اسان کي پنهنجن ڪڌن ڪرتوتن جو آئينو ڏيکاري چٿرون ڪري چئي ويندي آهي، ’اهو ڪي ڪيو، جو مينهن وسندي ڪم اچيو.‘