تاريخ، فلسفو ۽ سياست

فڪر ڦرهي هٿ ۾

هي ڪتاب ”فڪر ڦرهي هٿ ۾ “ نامياري ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار منظور ڪوهيار جي لکيل ڪالمن جو مجموعو آهي جيڪو ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران 2007ع ۾ ڇپايو ويو.
منظور ڪوهيار جو ادبي پورهيو‘ جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي..... پڪ سان چوان ٿو ته توهان پڙهندڙ جي چقمق جھڙن ذهنن ۾ هي لکڻيون ضرور جاءِ والارينديون ۽ ادبي کيتر ۾ هي ڪتاب اهميت جو ڳو ثابت ٿيندو ۽ وقت جي دز هنن لکڻين کي ڪڏهن به لَــٽـي نه سگھندي.
Title Cover of book فڪر ڦرهي هٿ ۾

ڏوهه ڪنهن جو آهي؟

قائن کان خدا پڇيو: ’تنهنجو ڀاءُ ڪٿي آهي؟‘ هن جواب ڏنو: ’ڇا منهنجو ڪم رڳو پنهنجي ڀاءُ جو خيال ئي رکڻ آهي؟ ’پوءِ خدا چيو: ’ڇو تون اهڙو ظلم ڪيو؟ تنهنجي ڀاءُ جو خون رڙيون ڪري پڪاري رهيو آهي بدلي لاءِ ..... تون هاڻي لعنتي آهين، تون ڪا به زمين کيڙي نه سگھندين. اها تنهنجي ڀاءُ جي خون سان تر ٿي چڪي آهي. جڏهن تون پنهنجي ڀاءُ کي قتل ڪيو هيو ته ان پنهنجو وات کولي ڇڏيو هيو .... تون هاڻي ان اپائڻ چاهيندين ته ڌرتي توکي ڪجھه نه ڏيندي ... تون ڌرتي تي بي گھر ۽ رولن جيان رهندين .....‘
عهد نامه قديم جي حوالي سان، آدم جي اولاد جو هي پهريون ڏوهه هيو ۽ پهرين سزا هئي خدا طرفان ..... تنهن ڪري مذهبي نقطي نگاه کان ڏوهه ۽ گناه جي وصف هيئن ٿي بيهي، ’ڏوهه ، مذهبي اصولن جي پيش نظر ٺاهيل اخلاقي اصولن جي خلاف ورزي جو نالو آهي، جيڪو ناقابل معافي قرار ڏنو ٿو وڃي.‘
سماجي نقطي نگاه کان، ’ڏوهه سماجي معيارن تي پورو نه بيهڻ وارو، اهو غير پسنديده فعل آهي، جنهن سان سماج جو امن ۽ سلامتي خطري ۾ هجي ۽ قانوني اصطلاح ۾، ’ڏوهه هڪ اهڙو فعل آهي، جنهن جي لاءِ ملڪ ۾ رائج ۽ مقرر قانون جي مطابق منع ٿيل هجي ۽ سزا جو سبب بڻجي‘ ته پوءِ اهو سوال پيدا ٿئي ٿوته، انسان اهو ڪريهه فعل ڇو ٿو ڪري ....؟
مذهبي نقطي نگاه کان ته اها شيطان جي شيطان گيري آهي ... پر سوال جو جواب جيڪڏهن ڏوهن جي علم (CRIMINOLOGY )جي ماهرن کان پڇجي ته 1775ع ۾ سيزر بڪيريا ۽ جرمي بينٿم (ڏوهن جي علم جا باني) هئين ڏيندا، ’انسان ڏوهه ان وقت ڪري ٿو، جڏهن سٺي ۽ بري ۾ تميز نٿو ڪري سگھي، ايذاءُ کان وڌيڪ خوشي محسوس ڪري ٿو. فرانسيسي ماهر ڪوئٽليٽ 1830ع ۾ هيئن ڏيندو ، ’ڏوهه انسان جو ثقافتي فعل آهي، جيڪو هو پنهنجي ثقافت مان ئي سکي ٿو. 1850ع ۾ مارڪس ۽ اينجلس ڏوهن جو بنيادي سبب ’دولت جي غير مساوي تقسيم ۽ مٿئين طبقي جو، هيٺين تي مستقل استحصال‘ کي ڄاڻائيندا 1905ع ۾ مرچيزن هيئن ٻڌائيندو ته ’ڏوهه، شخصيت جي انتشار جو نفسياتي رد عمل آهي.‘ سدرلينڊ ۽ ڪريسي ويهين صدي جي وچ ڌارا هيئن ٻڌائيندا ته، ’ڏوهن جو سبب سماجي آهي، جنهن جا گھرو، نفسياتي، معاشي ۽ سياسي ڪارڻ ٿي سگھن ٿا.‘
انهن سڀني نظرين ۽ نقطن مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته ڏوهه ڪا بر جي بلا ڪانهي. الاهي آفت ڪانهي پر انساني شامت آهي. جڏهن کان وٺي انسان، گروهي زندگي اختيار ڪئي تڏهن کان ڏوهه به خود غرضي جي صورت ۾ ساڻس گڏ آيو. پر ايئن به ناهي ته انسان ان کي بي لغام ڇڏي ڏنو. هن محسوس ڪري ورتو هو ته سماج ۾ جيترو قاعدو هوندو، اوترو فائدو ٿيندو، انهيءَ ڪري انساني سماجن ۾ ڪڏهن همورابي جو قانون آيو، ته ڪڏهن موسوي شريعت، ته ڪڏهن عيسوي احڪام ، ته ڪڏهن قرآني ڪلمات، ته ڪڏهن نپولين ڪوڊ، ته ڪڏهن برطانوي قانون ............. ۽ هاڻي ته دنيا ۾ بين الاقوامي قانون کان وٺي هر ملڪ ۾ آئيني قانون، فوجداري قانون، شهري قانون، ميونسپل قانون، ٽرئفڪ قانون، سرڪاري ــ غير سرڪاري ادارن جو قانون وغيره موجود آهن. پر ڏٺو اهو ويو آهي ته ڏوهن کي لغام اتي اچي سگھيو آهي، جنهن سماج ۾ نظرياتي ڪج بحثي کان وڌيڪ انساني ڀلائي جو نظريو (HUMANISM ) رهيو. اتي ڪجھه آرام رهيو، جتي قانون ٺاهيندڙ ۽ محافظن قانون کي ڪوريئڙي جي تند قرار ڏنو، ڇو ته، اتان هاٿي ته لنگھي پئي ويو، پر مڇر ڦاسي پئي پيو. اهڙن سماجن ۾ انسانن لاءِ اهي ئي روهي رلا مٿي کلا رهيا .... جيئن پاڻ وٽ قانون عملي طور تي صرف ٻئي لاءِ، آهي شريف لاءِ آهي، پر ڪميڻي لاءِ ناهي ...... اهو سوال اڃا تائين اسان وٽ هڪ وڏي سمسيا بڻيو رهيو آهي ته ، منظم نموني جي دهشت گردي ، قتل ، اغوا ، چوريون ، ڌاڙا ، عصمت فروشي ، منشيات فروشي ، منافع خوري ، ذخيره اندوزي ، اسمگلنگ ۽ رشوت وغيره جھڙن ڏوهن جو آخر حل ڪهڙو آهي؟ ..... جواب ۾ ته کوڙ آواز آهن ته، حل اسلامي نظام ۾ آ .... سوشلزم ۾ آ .... نيشنلزم ۾ آ .... جھموريت ۾ آ .... موچڙي ۾ آ .... حل ڪوئي ڪونهي، جو آخري وقت آ ... تنهن ڪري ڪو قيامت جي انتظار ۾، ڪو اسلامي نظام جي آسري ۾، ڪو سوشلزم جي سهاري، ڪو جھموريت جي جھانسي تي گھڙيون گھاري ٿو. هر ڪو انتظار بيقرار ، چشم تر، آه سرد لڳو پيوآ .... هر ڪنهن جو آسرو نظرياتي ڀائرن تي آ ته ڄاڻ آيا ... . پوءِ سڀ دک درد دور، سور ڪافور ..... اها ڪج بحثي ، هت ، هُت ، جت ڪٿ .... شاگردن جي هاسٽلن ۾، واندن جي اوطاقن ۾، اميرن جي محلاتن ۾، آفيسن جي ڪمرن ۾، دانشورن جي نجي ڪچهرين ۾، مسافرن سان ڀريل ويگنن ۾، بسن ۾، مسجدن ۽ مدرسن ۾، ’بس هيئن ٿيو ته هونئن ٿيندو، هونئن ٿيو ته هيئن ٿيندو‘ .... ٿيندو ڪجھه به ناهي، ڇو ته صلاحين شينهن ٻجھن، ڪم ڪريهين نه ٿئي .... ڪڏهن ڪڏهن ايئن محسوس ٿيندو آهي ته ڇا اسان لاءِ اهي ڏوهه مسئلو آهن به يا نه؟ يا اوڳي اٺ واري ڪار آ ته وات ۾ مصري پئي ته به رڙي، جي لوڻ پئي ته به رڙي .... ڪيئن چئجي ته اسان وٽ اهو سنگين مسئلو ڪونهي ....؟ ان جي ڪري ته نه ڏينهن جو سڪون آهي ۽ نه رات جو آرام آهي .... نه شهر ۾، نه ٻهراڙي ۾ ... جان، مال عزت ۽ آبرو، تباه ٿي چڪي آهي، ايلي گھوڙا ياحسين لڳي پئي آهي ... پر هتي وري هڪ ٻيو سوال پيدا ٿئي ٿو ته جيڪڏهن اسان جي سماج ۾ واقعي ڏوهه هڪ سنگين مسئلو آهي ته پوءِ سماجي ماهرن، ليزلي ۽ هارٽن چواڻي ته، ’ڪو به سماجي مسئلو هڪ اهڙي ڪيفيت ۽ حالت جو نالو آهي، جنهن کان ڪافي ماڻهو منفي انداز ۾ متاثر ٿين ۽ انهن کي اهو احساس هجي ته گڏيل ڪوشش سان ان مسئلي کي حل ڪري سگھجي ٿو‘ ... ته پوءِ پاڻ وٽ گڏيل ڪوششن سان ان مسئلي کي حل ڪرڻ جو احساس ڇو نه آهي ...؟انفرادي انداز ڇو آهن ...؟اخباري بيانن ۾ سياستدانن جا رڳو فرمان ڇو آهن ...؟ جلسن ۾ ڊاڙون لٻاڙون ڇو آهن ...؟ هر سطح تي نشستند، گفتند و برخواستند ڇو آهي ...؟ ڇو نٿا مٿاٽيڪي سوچيون ۽ حل ڪڍون ته عادي ڏوهارين جو انت آڻجي ...؟ پيشور ڏوهارين جي ڪيئن پاڙ پٽجي ...؟ڊرگ مافيا کي ڪيئن منهن ڏجي...؟ نفسياتي ڏوهارين جو علاج ڪيئن ڪجي ...؟ اتفاقي ڏوهارين کي ڪيئن معاف ڪجي ...؟ قانوني ڏوهارين کي ڪيئن وٺ ڪجي ...؟ اخلاقي ڏوهارين کي ڪيئن شرمائجي ...؟ سفيد پوش مجرمن سان ڪيئن مقابلو ڪجي ...؟ ان جو سنئون سڌو حل اهو آهي ته هر سطح تي هر ماڻهو پنهنجي ضمير ۽ ذهن کي آواز ڏئي ۽ اهو پڪو پهه ڪري ته ڏوهن جي مسئلي کي گڏجي حل نه ڪرڻ ڏوهه آهي ڇو ته اهو هڪ ڪڙو سچ آهي ته اسان جي انهيءَ سنگين مسئلي کي ڪو به آسمان مان اچي حل نه ڪندو ۽ نه وري اسان مان ڪوئي فرشتو ئي آهي.