جھموريت
فڪر جي ڦرهي تان جڏهن اهي لفظ اڀري دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾، ڪنهن نه ڪنهن ريت روشنيءَ جي مينارن جيان ظاهر ٿيڻ لڳا، ته اونداه جي پوڄارين منهن مٿو پٽڻ شروع ڪيو .... ڪن انهن مينارن اڳيان رلهي ٽنگي، ڪن، اکيون ٻوٽيون ، ڪن ٻرن ۾ لڪي ان جي وجود کان انڪار ڪيو .... ڪن وسائڻ لاءِ وڏا وس ڪيا ۽ وقتي طور وسائڻ ۾ ڪامياب به ٿيا، پر جوت مان جوت جلندي رهي .... سوجھرو وڌندو رهيو .... ڪٿي ٽانڊاڻو .... ڪٿي ڀڀڙ .... ڪٿي تارو .... ڪٿي سورج .... جڏهن اهو ممڪن نه رهيو ته روشني کي روڪي سگھجي ته اونداهه جا پوڄاري ويس مٽائي آيا، نون روپن ۾، نون رنگن ۾، نون سنجن ۾... گڏهه، گھوڙا ٿي آيا، بگھڙ رڍون، لومڙٻڪريون، واڳون ٻلهڻ، واگھه مينهون ...... ڏسڻ ۾ اهڙا گگدام جو ڪهل پئي اچي، پر اندر جا ڪارا نانگ، اڃا به وڌ .... سنگچورن جيان سراپا زهر .... وڏي ڌام ڌوم سان، وڏي طم طراق سان، وڏي ترڪتال سان .... قوم جي غم ۾ نير وهي پيا، اندر اڌ ٿي پيا ..... جگر ڦٽجي پيا.
قومون پهريائين ته انهن جا ٻهروپ ڏسي ڀُلجي پيون هيون، پر پوءِ انهن جا عذاب سهي ٿڪجي پيون. انهن کي سڌ پئجي وئي هئي ته اِهي، اُهي ڌنار آهن، جيڪي هڪليندي هڪليندي ڪاسائيءَ جي اڏي تي آڻي بيهاريندا آهن. آخر ۾ سندن قسمت جو فيصلو ڏاڍو سستو ڪري هليا ويندا آهن.
انهيءَ ڪري هِت هُت، جٿ ڪٿ لاٽ مان لاٽ ٻرندي رهي. انهيءَ لاٽ لئه پنهنجي ئي شهر جي واٽ تي ڪيترا ڪونڌر ڪسجي ويا .... ڪيتريون سهاڳڻيون، ڏهاڳڻيون ٿيون ... ڀينرن جي ڪوٽ جا ڪنگرا (ڀائر) ڪريا .....ڪيترن مائرن جون جھوليون خالي ٿيون ...ڪيترا معصوم بي واها ٿيا .... صرف انهيءَ لاٽ لاءِ ... سالن جا انتظار، ڇتيون ويڙهيون .... ڦٽڪا، جيل گوليون، زنا ڪاريون ..... سڀ بي عزتيون سهي، ايامن کانپوءِ، شهر جي چؤنڪ تي فانوس ٻاريو ويو، روشني ٿي، جيڪا پکڙجي وئي. اڃا ته اها روشني گھر گھر پهچائڻي هُئي ....
وٽ پاسا، گھيڙ گھٽيون روشن رکڻا هيا ته جيئن ڪو اونده جي اوٽ وٺي خلم نه ڪري، ظلم نه ڪري، ڏاڍ نه ڪري، ڏوهه نه ڪري، پر اهو هڪ فانوس به اونده جي پوڄارين کي پسند نه آيو. هٿن ۾ پٿر کنيون، اونداهن هنڌن تي تاڙ ۾، ته ڪڏهن ٿو ملي وارو هن جھموريت جي ننڍڙي فانوس کي فنا ڪرڻ جو .....
ننڍي ۾ ننڍي چمڙي کي به چڙ هئي ته، ’هيءَ ڪهڙي جھموريت ،جو ٽڪي ٽڪي جي ماڻهوءَ جي در تي ايلاز مصاف ته، ٻيلي ووٽ ڏي ....! گڏه گاڏي واري ۽ ريڙهي واري کي به ٻانهن ٻڌ .... واه جي جھموريت آ! ڪهڙي ضرورت آ!؟ وڏي ۾ وڏي ويمپائر کي به خار هئي، تنهن به چرڙاٽ ڪندي پر ڦڙڪايا:
’آد جڳاد کان حڪومت ڪرڻ واري جي لاءِ، جھموريت لفظ آهي ئي بي عزتيءَ جو، ذلت جو ۽ رسوائيءَ جو. گڏهن جي گھڻائيءَ کي ڳڻائي، ڪو چوي، طاقت جو سرچشمو عوام آهي، ووٽ طاقت آهي. انهيءَ طاقت جي ذريعي اسان کي ڪرسين تان گھلي ٻاهر ڪڍڻ جي سگھه ساري ٿو عام ماڻهو ....!؟ انهيءَ کان اڳ اسان اڃان وڌيڪ ذلتون، رسوائيون ۽ ڏکيا ڏينهن ڏسون، تنهن کان اڳ ڪجھه نه ڪجھه ڪرڻو آهي.‘
اهو سوچي ، سڀ ننڍا وڏا چمڙا گڏ ٿيا، هڪ اونداهي ٻُٽي کوه ۾ ... انهن کي يقين هيو ته وري مڪاريءَ ۽ عياريءَ جو زمانو موٽي ايندو ۽ اونده کي اوج رسندو. انهيءَ آسري ۾ انهن پنهنجي آقا جو انتظار پئي ڪيو .... سٽيل پروگرام تحت ڊراڪولا پنهنجين پورين وحشتن سان چراغ تي ويٺل، ڏيهه جي ڏائڻ سوڌو پهچي ويو. ڊراڪولا ، ڏيهه جي ڏائڻ جي گذارش ڪئي ته: ’اي سازشن جا سورما! دنيا جي پاڪ علم کي ابتو پڙهندڙ ، اَگِـيـانَ جا عالم! ڏينهون ڏينهن جھموريت جي روشني وڌندي ٿي وڃي ۽ اونداه گھٽبي .... اسان کي ڪو اهڙو اُپاءُ ٻڌاءِ، جئين پاڻ کي ان روشني کان ڪو الڪو نه رهي.‘
پراڻيون پوٿيون پٽجي ويون، جنهن ۾ هزارن سالن جون عياريون ۽ مڪاريون لکيل هيون. ڏيهه جي ڏائڻ کک هڪ صفحي تي ڏڪندڙ هٿن سان اکر رکي ڳالهائڻ شروع ڪيون:
’اي معصوم ماڻهن جا خون پيئندڙ ڊراڪولا! شيطاني شهنشاهيت يا آمريت کي آڻڻ جا هي ڪجھه اصول آهن. جن جي ورجاءَ ۾ وري اهو دؤر ورائي سگھجي ٿو. جنهن ۾ خون جي خوشبوءِ هوندي ۽ بربريت واري بهاري هوندي ... ڀريل تريل شهر، شهرِ خموشان ٿيندا.... اونداهين ۾ شب خون لڳندا ..... رڙين جو راڄ هوندو ... نه ڏسڻ وارو، هوندو نه ورائڻ وارو .... ڊراڪولا صبر ساري نه سگھيو:
’بس! بس! مڪاريءَ جا پيءُ، عياري جا اڳ ڄاوا! انهيءَ دؤر جو انتظار آهي، دل بي قرار آهي، وارو ڪر! اهي انمول اصول بيان ڪر!‘.
ڏيهه جي ڏائڻ ڳالهائڻ شروع ڪيو:
’پهريائين بي اصولو اصول اهو آهي ته لوڪن کي بي چين ڪجي ته جيئن انهن جو ايمان جھموريت تان کڄي وڃي. انهيءَ لاءِ اول توکي اهڙن ماڻهن جو انتخاب ڪرڻو پوندو، جيڪي نالي ۾ جھموريت جا چئمپئن هجن، پر هجن ڀوائتا ڀوت، اندر جا جلاد، مغرور ۽ پهرئين نمبر جا ڪوڙا .... انهن جا هٿ معصوم ماڻهن جي خون سان رنڱيل ،ذهن هر وقت منفي رجحان ۾ رچيل، جن جا پير هميشه وحشتن ڏانهن وڌيل، اهڙا امن جا دشمن ، تن کي، توکي هٿ ڪرڻو پوندو.‘
’مون هٿ ڪيا آهن اهڙا!‘ ڊراڪولا سامهون ويٺلن ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
ڀوائتن ڀوتن موٽ ۾ فرشي سالم ڪندي’ چر!چر! ‘ڪئي. ڊراڪولا خوش ٿيندي چوڻ لڳو:
’اصل شيطاني قوتن جا ڪارساز، واقعي تو مان چالاڪيءَ جا چشما ڦٽن ٿا، هاڻي توکي انهن ڀوتن کي، اونده جي دشمنن طرف اهڙي طرح اماڻڻو پوندو جو روشنيءَ جا رکوالا.، انهن کي فانوس جا متوالا سمجھڻ شروع ڪن ۽ انهن کي پنهنجو ساٿي سمجھن ....
انهيءَ سڄي سازش کي اهڙيءَ ريت لڪائجو ، جو انهن کي ڪنهن به قسم جو فڪر يا الڪو نه رهي ۽ پوءِ جيئن وڻ جي ٽاريءَ تي سمهيل جيت پاسو ورائي پٽ تي ڪري هوش ۾ ايندو آهي. پوءِ جڏهن وڻ تي چڙهڻ جي وري ڪوشش ڪندو آهي، تنهن کان اڳ ۾ کيس ڪو پکي پکڻ ڳڙڪائي ويندو آهي. تيئن توکي به اوچتو انهن ڀوتن جي هٿان ان روشنيءَ جي فانوس ۾ جدوجھد جي تيل بدران تشدد جو پاڻي اوتائڻو آهي ... جھموريت جي لاٽ پاڻهي جھٽڪا هڻي وسامي ويندي ۽ پوءِ اونداهيءَ جي پيٽ ۾ ڪو نه ڪو انهن کي ڳڙڪائي ويندو.
ٻيو نام نهاد اصول، اهو آهي ته توکي هميشه پنهنجا ڪن ڪنهن وحشي بگھڙ جيان سرلا رکڻ گھرجن ۽ ايلسيشن ڪتي جيان سنگھڻ جا حواس ... تون سدائين دشمنن جي ڪمزورين جي جاچ ۾ ره، جڏهن به ڏسين ته جھموريت جي فانوس جا رکوالا ڪنهن مصيبت ۾ مبتلا آهن، تڏهن مٿان يڪدم چڙهائي ڪري، پنهنجا تکا ڏند انهن جي نڙگھٽ ۾ کپائي ڇڏ ۽ ڪڏهن به انهن تي رحم ۽ در گذر جو نه سوچجانءِ.‘
’ٽيون نام نهاد اصول اهو آهي ته لوڪن اڳيان پاڻ کي روشني جو حد کان وڌيڪ پوڄارو ۽ پروهت ڪري پيش ڪر. پاڻ کي مذهب جو متوالو ۽ اخلاق جو علمبردار ڳڻاءِ. جي دشمن کي ڌڪ هڻين ته ظاهر ۾ ان لاءِ افسوس ۽ رحم ڏيکار .... پنهنجي پاسي ڪرڻ لاءِ هرطريقو اختيار ڪر ... ڪانئر کي ڀوءَ ڏيکاري، سوروير کي هٿ جوڙي، لالچي کي ڏن ڏيئي، برابر ۽ گھٽ طاقت واري کي شڪتيءَ سان سدائين پنهنجي وس رکج. جيستائين پاڻ ۾ طاقت هجئي، تيستائين دشمن کي ايئن ناس ڪج، جيئن دلي کي ڦهڪائي ڀڃي ڇڏبو آهي. ’اي براين جا ڀاءُ! اي وحشتن جا وير! هيءُ نسخو ڏاڍو قديم آهي. اهي انهيءَ موتمار نسخي جو تت آهي، جيڪو ڪڻڪ وزير، راجا ڌر تراشٽر کي ڏنو هو. جنهن جو نتيجو مها ڀارت جي يُڌُ ۾ هزارن ۽ لکن ماڻهن جي بي وقتي موت جي صورت ۾ نڪتو ... تنهن ڪري تون دنيا جي سڀني براين ابليس، اهر من ۽ ارلاڪ کي سنڀالي روانو ٿي، فتح ڪنهن گرم لاش جيان تنهنجي قدمن ۾ اچي پوندي!‘
پوءِ ڊراڪولا، ڀوائتا ڀوت ۽ چمڙا، ڏيهه جي ڏائڻ جي ڳالهه کي ڳنڍ ڏئي، جھموريت جي فانوس کي تباهه و برباد ڪرڻ لاءِ نڪتا ....
انهيءَ ڏينهن تي جڏهن فانوس ۾ تيل جي بجاءِ پاڻي وجھڻو هيو .. ڪنهن جھموريت پسند کي اوچتو خبر پئجي وئي. تنهن ڀوائتن ڀوتن جو راز فاش ڪري وڌو، ڀوائتن ڀوتن گھڻيون دلخرش رڙيون ڪندي شهر واسين کي خوف ۾ مبتلا ڪيو .... چمڙن چرڙاٽ ڪري پٿريون اڇلايون ۽ ڊراڪولا ڏند ڪرٽيندي پنهنجي خوني چنبن سان جھموريت جي فانوس تي پٿر جا گولا ۽ جھنبون وسايون. پر جھموريت جا رکوالا، جھموريت جي فانوس اڳيان پروانا ٿي بيٺا ،اهي سڀ پٿر ۽ پٿريون ، انهن پنهنجي سيني تي سٺا ... اهڙي ريت ڊراڪولا جي پهريئن سازش ناڪام ٿي ۽ اها خبر جڏهن ڏيهه جي ڏائڻ کي پئي ته ان وقت پريشاني ۾ وري ٻيءَ سازش کي سٽڻ لاءِ، دنيا جي راڪاسن ۽ برڙ باڪاسن کي مدد لاءِ پڪارڻ لڳو.