تاريخ، فلسفو ۽ سياست

فڪر ڦرهي هٿ ۾

هي ڪتاب ”فڪر ڦرهي هٿ ۾ “ نامياري ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار منظور ڪوهيار جي لکيل ڪالمن جو مجموعو آهي جيڪو ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران 2007ع ۾ ڇپايو ويو.
منظور ڪوهيار جو ادبي پورهيو‘ جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي..... پڪ سان چوان ٿو ته توهان پڙهندڙ جي چقمق جھڙن ذهنن ۾ هي لکڻيون ضرور جاءِ والارينديون ۽ ادبي کيتر ۾ هي ڪتاب اهميت جو ڳو ثابت ٿيندو ۽ وقت جي دز هنن لکڻين کي ڪڏهن به لَــٽـي نه سگھندي.
Title Cover of book فڪر ڦرهي هٿ ۾

سواد

برصغير جي ڪلاسيڪي ادب ۽ فلسفي ۾، انسان جي پنجن سوادن جو ذڪر آهي. پهريون سواد ’سبد‘ آهي، جيڪو ’ڪنن‘ جو سواد آهي. ٻيو سواد، ’روپ‘ آهي ، جيڪو ’اکين‘ جو سواد آهي. ٽيون سواد ’گند‘ آهي، جيڪو ’نڪ‘ جو سواد آهي. چوٿون سواد ’رسُ‘ آهي، جيڪو ’وات‘ جو سواد آهي. پنجون سواد ’سپرس‘ آهي جيڪو ’ڪام‘ جو سواد آهي. انهيءَ تي گو سائين تلسيداس جو هڪ شعر آهي:
’آل پتنگ مرگھه مين گج، ايڪ ايڪ رس آنچ،
تلسي واڪي ڪونءِ گت، جانڪو ويا پي پانچ‘
معنيٰ: ڀنور، پتنگ، هرڻ، مڇي ۽ هاٿي هڪڙي هڪڙي سواد جي ڪڍ آهن. پر حال انهن جو ڇا ٿيندو جي پنج سوادن جي ڪڍ آهن.
انهيءَ شعر جي تشريح ڪجھه هيئن آهي ته، ڀنور جيڪو نڪ جي سواد جو غلام آهي. سو ان سواد جي خاطر گلن تي ويهندي ويهندي اهڙن گلن تي به وڃي ويهندو آهي، جيڪي گوشت خور هوندا آهن. جن تي ڀنور جي ويهڻ شرط، ان گل جون پنکڙيون ٻوٽجي وينديون آهن ۽ ڀنور مري ويندو آهي. پتنگ جيڪو اکين جي سواد وٺڻ جو عاشق آهي، سو انهيءِ سواد جي عشق ۾ باهه جي ڄر ۾ ڄراٽجي وڃي ٿو، پر مڙِي نه ٿو. ’هرڻ‘ جيڪو آواز جي سواد جو سودائي آهي، سو شڪاري جي سينڍ يا ساز تي شڪاري جي اڳيان ڇڪجي اچي، پنهنجي عجب جھڙي حياتي وڃائي ويهي ٿو. مڇي جيڪا وات جي سواد لاءِ اُٻهري آهي، سا انهيءَ لالچ ۾ ڪلي ڪنڍين ۾ اٽڪائي وجھي ٿي ۽ ڦٿڪي ڦٿڪي ساهه ڏئي ٿي. هاٿي جيڪو ڪام جي سواد لاءِ چريو آهي، سو پاٺي جي ٺهيل هاٿڻ جي ڌوڪي ۾ اچي اُن کڏ ۾ ڪري ٿو جيڪا نقلي هاٿڻ جي هيٺان ٺهيل هوندي آهي. جڏهن پنجن سوادن جي مختلف سوادن جا اهي حال آهن ته پوءِ انسان جيڪو انهن پنجن ئي سواد جو متوالو آهي، تنهنجو حشر ڇا ٿيندو ...؟
گو سائين تلسيداس جي تمثيلن کي ڪير مڃي نه مڃي، پر جيڪا شيءِ پاڻ کي ان شعر ۾کٽل لڳي. اها، اها ته هڪ ٻيو به سواد آهي، جيڪو انسان کي لڳل آهي. جيڪو سڀني سوادن کان مٺو ۽ بي رحم آهي. اهو سواد آهي اقتدار جو سواد ....پوءِ اهو اقتدار ڳوٺ جو هجي يا شهر جو، صوبي جو هجي يا ملڪ جو، قبيلي جو هجي يا قوم جو ..... ڏاڍو لذت وارو، ڏاڍو وڻندڙ، ڏاڍو ظالم ۽ سحر انگيز ٿئي ٿو .... انهيءَ هڪ سواد خاطر انسان، انسان کي ايترو چيريو، ڦاڙيو ۽ چچريو، جيترو ڪنهن وحشي جانور کان به اهڙو ڪلور نه ٿيو هوندو. نه ڪنهن قدرتي آفت ايڏي ڏاڍائي يا اره زورائي ڪئي هوندي. انهيءَ هڪ اقتدار کي هٿ ڪرڻ خاطر، انسان هزارين ڪوڙ، هزارين اٽڪلون، هزارين ڪوڙڪيون، هزارين ڦندا، هزارين حرفتون، هزارين چالون، هزارين حيلا ٺاهيا ۽ هلايا ....
سڀ رشتا ناتا، اصول ۽ آدرش چٽ ٿي ويا ۽ سڀ اخلاقي قدر پٽ پيا.... سڄي انساني تاريخ انهيءَ سواد جي ڪري رنگين لڳي پئي آهي ... ڪا به تاريخ کڻو، ڪو به باب کوليو ... ٻين کي ڇڏيو .... ترڪي جي خلافت عثمانيه تي نظر وجھو ..... عظيم سپه سالار خليفو، سلطان محمد ثاني، قسطنطنيه جو فاتح، ان اقتدار لاءِ پنهنجي کير پياڪ ڀاءُ کي پنهنجن شاهي هٿن سان گھٽو ڏنو ته متان اهو ٻار اڳتي هلي سندس اقتدار جي لاءِ عذاب ثابت نه ٿئي ..... خليفو بايزيد ثاني جيڪو صوفي منش شهنشاه هو. تنهن پنهنجي ڀاءُ شهزادي جمشيد (جيڪو ترڪي جي ڪلاسيڪل ادب ۾، هڪ وڏي شاعر جي حيثيت رکي ٿو) جي موت جو سودو ٽي لک ’وڪات‘ تي دشمن اليگزينڊر بورجيا سان ڪيو. جڏهن اليگزينڊر بورجيا شهزادي کي زهر جو سفوف کارايو ته جمشيد آخري شعر چيو:
’ڏس اي جم! هيءَ فرانڪستان جي ڌرتي آهي.
هڪ ئي ساهي ۾ ڏوگھي وڃ، جو تنهنجو جام جمشيد ٽٽڻ وارو آهي.
ڏس اي جم ...! هي طوفان، هي هوائون جيڪي پهاڙن سان ٽڪرائجي شور ڪري رهيون آهن. سي تنهنجي موت تي الوداعي گيت چئي رهيون آهن. هي گرجندڙ بادل تنهنجي موت تي ماتم ڪري رهيا آهن. هي وسندڙ ڪڪريون، تنهنجي انت تي آب هاري رهيون آهن. شدت غم ۾، رات به پنهنجو غريبان چاڪ ڪري ڇڏيو آهي. خبر ناهي ته تنهنجي وطن وارا به تنهنجي موت تي روئيندا هوندا به يا نه ...!؟‘
اها خبر جڏهن صوفي منش ۽ زاهد سلطان بايزيد کي پئي ته روئي چيائين: ’ڇا ڪجي شهزادن جي درميان، خون جي رشتي جي ڪابه حقيقت ڪانهي ...‘
انهيءَ بايزيد، کي پنهنجي پٽ ’سليمان اول‘ تخت تان لاهي قيد ڪيو، پنهنجن ٻن ڀائرن ۽ اٺن ڀائٽين کي قتل ڪرائي ڇڏيائين. سندس هڪ ڀاءُ ’قرقود‘ جيڪو پڻ شاعر هيو. تنهن نظم لکيس، جنهن ۾ سندس بيرحميءَ جي شڪايت ڪيائين. سلطان سليم اول نظم پڙهي ڏاڍو رنو، روئڻ کانپوءِ ورندي ڏنائين: ’اي ڀاءُ! مون کي تو تي ڏاڍو رحم ٿو اچي، پر ڇا ڪجي توکي مارائڻ به ضروري آهي ....‘
انهيءَ دؤر ۾ اها بددعا هوندي هئي، ’خدا، توکي سليم جو وزير ڪري!‘
ليڪن ماڻهو پوءِ به وزارت جي پٺيان قطار در قطار بيٺا هوندا هيا. ڄڻ کين وزير جي قتل جو انتظار هوندو هيو (اهو لقاءُ اڄ به آهي).
خليفي محمد ثالث تخت تي ويهڻ سان پنهنجن اڻويهه ڀائرن کي قتل ڪرايو، سلطان سليمان پنهنجي وڏي پٽ مصطفيٰ، دوست وزير اعظم ابراهيم کي قتل ڪرايو .... بايزيد يلدرم جي پيءُ جو لاش اڃا پيو هيو ته هن پنهنجي بهادر ڀاءُ يعقوب کي مارائي ڇڏيو ...
ترڪن جي عظيم سلطانن جي تاريخ کي ڇڏيو، برصغير جي زاهد، ديندار بادشاه اورنگزيب، جيڪو ويچارو زهد ۽ تقويٰ جو اعليٰ نمونو هيو. ٽوپيون سبي گذر سفر ڪندو هيو. تنهن پنهنجي پيءُ شاهه جھان کي قيد ۽ سڀني ڀائرن کي قتل ڪرايو ....ايستائين جو پنهنجن اٺن ۽ چوڏهن سالن جي ڀائٽين کي به نه ڇڏيو ۽ پنهنجي پٽ اڪبر ثاني کي اجل ڏانهن راهي ڪري، سڪون جو ساهه کنيائين ....
پري ڇو ٿا وڃو، پنهنجي ئي ويجھڙائي واري تاريخ ڏسو. پنهنجي ئي ملڪ ۾ 1947ع کانپوءِ، اقتدار جي ڪشمڪش ۾ ڪنهن کي گولي کائيندي، ڪنهن کي ڦاسي تي لٽڪندي، ڪنهن کي جھاز ۾ سڙندي ڏسندو. ليڪن پوءِ به ان اقتدار جو سواد اهڙو ته مٺو آهي، اهڙو ته چشڪيدار آهي، جو هر شخص ديوانو آهي، مستانو آهي .... اقتدار جي ديوانن جي هڪ وڏي قطار آهي، جيڪي بي چين ۽ پريشان آهن. ڄڻ چئي رهيا هجن:
’صرف هڪ دفعو ....! ڪهڙي به صورت ۾. ....! ڪهڙي به قيمت تي! ڪيئن به ڪري ....!‘
اڄ به ڪيترا ماڻهو، انهيءَ سواد خاطر، هر بد عهدي، بد اخلاقي ۽ بدديانتي ڪرڻ لاءِ تيار آهن. سواد چکڻ لاءِ موت کي وسارڻ لاءِ تيار آهن. وڏي ڳالهه ته موت کان وڌيڪ تاريخي ذلت ۽ طعني کائڻ لاءِ تيار آهن. انهيءَ سواد جي سود ائين جي تاريخ ڪالهه به مرتب ٿي هئي، اڄ به ٿي رهي آهي ۽ سڀاڻي به ٿيندي ...ليڪن تاريخ ۽ انسانيت انهن مٺ جيترن ماڻهن کي ڪو نه وساري سگھندي، جن اقتدار جي سواد کي ٺڪرائي، اصولن، آدرشن ۽ اخلاقي قدرن جي رکيا ڪئي، وحشيت ۽ بربريت جي اونداهي دؤر ۾ به ڏيئي جي روشني ثابت ٿيا .