تاريخ، فلسفو ۽ سياست

فڪر ڦرهي هٿ ۾

هي ڪتاب ”فڪر ڦرهي هٿ ۾ “ نامياري ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار منظور ڪوهيار جي لکيل ڪالمن جو مجموعو آهي جيڪو ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران 2007ع ۾ ڇپايو ويو.
منظور ڪوهيار جو ادبي پورهيو‘ جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي..... پڪ سان چوان ٿو ته توهان پڙهندڙ جي چقمق جھڙن ذهنن ۾ هي لکڻيون ضرور جاءِ والارينديون ۽ ادبي کيتر ۾ هي ڪتاب اهميت جو ڳو ثابت ٿيندو ۽ وقت جي دز هنن لکڻين کي ڪڏهن به لَــٽـي نه سگھندي.
Title Cover of book فڪر ڦرهي هٿ ۾

ترشڻا

’ترشڻا جو انت ڪڏهن ٿيڻو نه آهي ۽ سنتوش ئي پرم آنند آهي‘ــ ’شري ڪرشن‘ جي فڪر جي ڦرهي تي آيل مٿين سٽ تي سوچجي ٿو ته، واقعي لڳي ٿو ته، ’اميبا‘ کان وٺي ’انسان‘ تائين هر ڪو ڪنهن نه ڪنهن ترشڻا جي تحت جيئي ۽ مري ٿو. دنيا جو ننڍي ۾ ننڍو ذرو ’ائٽم‘ ۽ وڏي ۾ وڏا ’ستارا‘ به جهڙو ڪر ڪنهن ترشڻا جي تلاش ۾ ٽٽن ۽ جڙن ٿا. ايئن محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ هن سنسار جي مها ساگر ۾، ترشڻا جي تيز وهڪري ۾، سڀئي جيو ۽ اَجيو وقت جي ڌارا سان وهي رهيا آهن ... اهڙي ريت وقت ڌارا سال 1989ع به، اندازن ڌرتي جي پنج ارب انسانن کي پنهنجين ترشڻائن ۽ ڪامنائن سان سال 1990ع ۾ اچي پهچايو. انهيءَ سفر دوران ڪجھه انسان وقت جي وير جي اٿل پٿل ۾ امر لٽ ٿي ويا .... خبر ناهي ته مئي کانپوءِ کين پرم آنند نصيب ٿيو يا نه ....؟ يا سندن آتمائون اڃا به ڀٽڪن ٿيون .....؟ ليڪن اها حقيقت آهي ته گذريل وقت ڌارا سان وهندڙ سڀني انسانن جون ترشڻائون تاريخ ٿي ويون، انهيءَ دوران ڪنهن کي ڇا مليو ۽ ڇا هٿ آيو؟ تنهنجي ڪٿ ۽ ڪٿا ته نه ٿي ڪري سگھجي، البته يادن جي سهاري ڪجھه ياد ڪجي ٿو ته، لڳي ٿو ، وقت ڌارا سال 1989ع ۾ حضرت انسان جي ترشڻائن پنهنجا پنهنجا جوهر ڏيکاريا هن ڌرتيءَ تي ... ڪٿ زوال، ڪٿ ڪمال، ڪٿي ٺاهيو ، ڪٿي ڊاهيو ..... ڪٿي ترشڻا جھموريت جي روپ ۾ ظاهر ٿي، جيئن برازيل، چلي ۽ نميبيا ۾ ..... ڪٿ مخالفت ۾، جيئن فلپائن ۾ فوجي ٽولي جي بغاوت ...... ڪٿي انهيءَ ترشڻا جي ڪري جھموريت کي طاقت رسي، جيئن روس، هنگري، اوڀر جرمني، يوگوسلاويه، چيڪوسلاواڪيه ۽ رومانيه ۾ ... ڪٿي جھمور وري پيڙا پسي، جيئن بيجنگ ۾ اظهار جي آزادي گھرندڙن ..... انسانن جي انهيءَ ترشڻا برلن جي ديوار ڀڳي، ايامن کان ورهايل ۽ سڪايل ٻکيا ... نيڻ ٺريا .... ليڪن بيروت اڃا به ڀاڱا ٿيو، ونڊيو ورڇيو .... ڪٿي انسانن جي صلح ۽ صفائيءَ جي ترشڻا، ڪلفتن ۾ ڪمي آندي. ڳانڍاپي جون ڳالهيون ٿيون، جيئن چاڊ ۽ ليبيا وچ ۾، مصر ۽ شام وچ ۾، آمريڪا ۽ روس وچ ۾، اقوام متحده جي اداري جي سهاري اعلان ٿيو، سرد جنگ جي خاتمي جو .... ليڪن ڪٿي اها ئي ترشڻا الفتن کي اوڏو نه آئي .... لبنان ۾ تباهي آڻڻ جي، افغانستان ۾ خون وهائڻ جي ..... ڪٿي اجائي طاقت ۽ گھمنڊ ڏيکارڻ جي ترشڻا کان توبهه جي تحت روس جو افغانستان مان فوجن جو ڪڍڻ، ويٽنام جو ڪمپوچيا مان، ڪيوبا جو انگولا مان، هندوستان جو سري لنڪا مان نڪرڻ لاءِ پر ساهڻ .... انهيءَ جي ابتڙ آمريڪا جي ليبيا سان ڏاڍائي، پاناما تي چڙهائي ۽ انهيءَ سال به سندس طاقت، غرور ۽ گھمنڊ جي ترشڻا ۾ ڪمي نه آئي. ڪٿي مذهب ۽ لامذهب کي انسانيت جي ناتي ملائڻ جي سڌ، جنهن جي نتيجي ۾ گوربا چوف، پوپ پال جي ملاقات .... ڌرم جي نالي تي اڌرم ڪرڻ جي ترشڻا، بابري مسجد يا عورت جي حڪومت ڪرڻ جي مخالفت واري حوالي سان.... ڪٿي ’آءِ اين ايف‘ ٽريٽي جي تحت هٿيارن کي ختم ڪرڻ جي ترشڻا ۾ ٻارهن سؤ اڻهتر تباهه ڪن ميزائيل روس ۽ آمريڪا ختم ڪري ڇڏيا ..... ڪٿي هٿيارن ٺاهڻ جي ترشڻا ۾ هٿيارن جي ڊوڙ شروع ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ اگني ۽ ليزر ميزائيل ٺهيا ....
ڪٿي عالم سڀ آباد ڪرڻ جي ترشڻا .... مٺ جيترن سڄاڻ انسانن، اڄاڻ انسانن کي مت ڏيڻ شروع ڪئي، ’ايٽمي هٿيار ٺاهڻ، هوا، پاڻي ۽ ڌرتيءَ تي گندگي ڦهلائڻ، جانورن ۽ ٻوٽن سان ويل وهائڻ خودڪشي ڪرڻ برابر آهي ـــ‘ اها صدا ’گرين پيس‘ جي ساٿارين پنهنجي قول ۽ فعل سان ڏني ... ٻئي طرف دنيا کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ جي ترشڻا .... ڊرگ مافيا جي صورت ۾ .... زهريلي گيسن ٺاهڻ جي ڪارخانن ۾ ... ماحول جي توازن کي بگاڙڻ ۾ .... دنيا جي واپارين ڏني.
ڪٿي محبتن جي اظهار جي ترشڻا. سيف گيمز ۽ ٽيسٽ ميچن جي صورت ۾، سارڪ ۾ ٿيل معاهدن جي حيثيت ۾، ثقافتي وفدن جي مٽا سٽا جي انداز ۾. ڪٿي نفرتن جي اظهار جي ترشڻا، رانديگرن کي پٿرن هڻڻ جي صورت ۾، گار گند، الزام تراشي ۽ واهيات احتجاجن جي طريقن ۾.
سال 1989ع ۾ محبتن جي وڻجارن، محبتون ونڊيون دنيا ۾ .... ظلم ۽ ڏاڍ خلاف ڪڏهن ڪٿي، ڪڏهن ڪٿي، هٿ هٿن ۾ ملائي انساني زنجير ٺاهيا ويا اتحاد جا ...ڪٿي نفرتن جي واپارين ڪلاشنڪوفون ورهايون ... هر گھر، هر گھٽي معصوم ماڻهن جي رت سان رڱجڻ لڳي، مرڻ کانپوءِ به اکين ۾ سواليه نشاني ..... ڪهڙو ڏوهه، ڪهڙي خطا ....؟ ليڪن انهيءَ سال به ڌرتيءَ جا ڌڻي ويڇا نه وساري سگھيا، انائن جي خولن کي نه ڏاري سگھيا ..... ڇڙو ڇڙ رهيا، گرگ آتشين جي گھيرن ۾ ... خبر ناهي ته هن هلندڙ سال 1990ع ۾ پنهنجي بقا جي جنگ ۾ سندن ترشڻا ڪهڙي ۽ طرز عمل ڪيئن هوندو .....؟
پٽ کان پاسو، دعا ۾ اڌواڌ

ڏوهٽو يا پوٽو روپئي يا ٻارنهين آني جي ناس نانيءَ يا ڏاڏيءَ لاءِ و ٺي آيو. ٻه ڏڪندڙ هٿ فضا ۾ بلند ٿيا. لفظ وات مان پاڻ مرادو نڪري ويا: ’ابا! شل وڌئون وڌ هوندين .... وڌي ولر ٿيندين ... تنهنجا ويڙها وسندا ... راڄ ڀاڳ وارو ٿيندين ... آڍڙو ٻڍڙو ٿيندين ...!‘
ڀاءُ، ڀيڻ نياڻي نماڻيءَ ڏي ڀيرو ڪيو ... مٿي تي چمي ڏني .... ڀيڻ جون اکيون پاڻيءَ جي ڪٽوري جيان ڇلڪي پيون ... ڀاءُ لاءِ ٿڌو ساهه کڻي دعا گھريائين: ’ڀائڙا! الله ڪندو خوش هوندين ... جواڻي ماڻيندين ... ڪوسو واءُ نه لڳندءِ .... ڀيڻ ڏي ڀيرا ڪندين .... ولر کان وڇڙيل ڪونج جي سار لهندين ....!‘
پيءُ، ٻاهران جبل جھڙو کهرو، اندران پٽ جھڙو ڪوئنرو .... پٽ ٿوري دير ڪئي ... حيران پريشان ... پيرَ پيو سوريندو .... دعائون پيو گھرندو: ’مالڪ منهنجا! سولي سڻائي ڪجانس ... پناهه جو پاند ڏجانس ... منهنجي گناهن ڏي نه ڏسجانءِ ...!
پر ماءُ ته ماءُ ، ٻيو دنياجو ساءُ آ... پٽ لاءِ در ۾ اکيون وجھي پئي دعائون گھرندي: ’مالڪ مٺڙا! جھنگئون، واٽئون، پنڌئون امانَ ڏجانس ...! دشمن دور ڪجانس ....! ڍڪڻهار ڍڪجانس ....! بدنظر کان بچائجانس ....! ديسن پرديسن جو خير، تنهن سان منهنجي ٻچڙي جو به خير، آمين ...!‘
ماءُ، ڌيءَ ڌڻ لاءِ دعا گھرندي ته هيئين چوندي: ’الله سائين، سولي سڻائي ڪجانس ... ڏکيو ڏينهن نه ڏيکارجانس، گھر ڀاتين سان مکڻ ماکي، کيرکنڊ ڪجانس .... عزت آبروءَ جي رکجانس .... بدنيڪي کان بچائجانس!‘ انهن عام دعائن کانپوءِ ... سالڪن جون دعائون، عالمن جون دعائون، اميرن جون دعائون، غريبن جون دعائون، وزيرن جون دعائون، فقيرن جون دعائون، اوليائن جون دعائون ،پيغمبرن جون دعائون ... هر ڪنهن جون دعائون الڳ الڳ .... ڪي عمومي دعائون، ڪي خصوصي دعائون .... ڪي ننڍيون دعائون، ڪي وڏيون دعائون .... پر هي دعائون هر ڪنهن جي لاءِ، هر زماني جي لاءِ، هر مصيبت جي لاءِ ..... جي ’دعا گنج العرش‘ پڙهجي ته روزيءَ ۾ برڪت، دشمن عاجز، ڪافرن تي غالب سفر سلامت (بشرطيڪ، باڊي گارڊ هجن).... ’دعا جميله‘پڙهجي ته گناهه ريگستان جي واريءَ جي ذرن جيترا يا درياهه ۾ پاڻيءَ جي ڦُـڙن جيترا هجن، برڪت ۽ فيض سان سڀ گناهه معاف. انسان ائين اڇو اجرو، جيئن کـَٽي کنڀ مان ميرو ڪپڙو ڪڍي ـــ ڪاڏي ويون چوريون، ڪاڏي ويون سينه زوريون .... ’اسناد دعا بزرگوار نمبر(1 ) ‘ پڙهجي ته جاهل عالم ٿي وڃِي، فقير تونگر ٿي وڃي، اگھو سگھو ٿي وڃي، لڱو چڱو ٿي وڃي، چرٻٽ راجا ٿي وڃي، انڌير نگري ٿي وڃي.
ان دعا جا معجزا، هن گناهگار اکين سان ڏٺاسي ..... بادشاهه، حاڪم يا بدمزاج آفيسر هجي، انهن جا کيسا گرم ڪرڻ کانپوءِ ’دعا فتح مهم‘ پڙهجي، نوڪريءَ جو مسئلو هجي يا پاڻيءَ جي پيچ جو، زمين جو مسئلو هجي يا ٻڌ ڇوڙ جو ، هر مسئلو حل، هر مشڪل آسان ... ’دعا فتح مقدمه‘ پڙهجي ته فريادي اندر، جوابدار ٻاهر ــــ پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي. ڇو ته هر مومن خدا وٽ جوابدار آهي، نڪي عوام جي عدالت ۾. خدا وٽ دير آ، انڌير ڪونهي، پوءِ کڻي ساڙي، ماريس ڏنگائي ماريس.... ’دعا ادائي قرض‘ پڙهجي، وڏا وڏا زراعتي قرض معاف، ڍلون معاف، صنعتي قرض معاف، وڻج واپار جا قرض معاف. پر هن دعا سان گھڻو ڏيڻ وٺڻ ضروري آهي. ڇو ته سکڻي دعا پٽ برابر .....
’دعا استخاره‘ پڙهجي ته ملڪي معاملن ۾ سڀ ڪم آسان، خواب ۾ اشارا، ڪنايه ۽ حڪومت ڪرڻ جون سڀ رمزون ملي وڃن ته نوي (90 ) ڏينهن ۾ اليڪشن ڪرائجي يا مرندي گھڙيءَ تائين نه ڪرائجي. مجلس شورا ۾ ڪهڙا وزير کڻجن، ڪهڙا امير کڻجن. ڪهڙي ٽـٽوءَ کي ٽارو هڻجي، ڪهڙي تازي کي اشارو ڪجي. حڪومت ۽ اقتدار جي حوالي سان هيءَ دعا ڪارائتي، پر اها خبر ڪا نه پوندي ته موت ڪيئن ٿيندو. زمين تي يا آسمان تي يا ٻنهي جي وچ تي ....؟
’دعا باران‘ پڙهجي هڪ سال مينهن نه وسي، پرواه ناهي، ٻئي سال پڙهجي، ٻئي سال به برسات نه پوي، پرواه ناهي ور ور ڪري پڙهجي تان جو پنجن سالن جي سؤڪهڙي کانپوءِ، سڀني سالن جي ڪسر نڪري پوندي ۽ پورا پنج ڏينهن لاڳيتو مينهن، ڪچا گھر ۽ لانڍيون سڀئي سربسجود، خدا جي رحمت اڳيان ـــ انسان نا شڪر، ڪئمپ ۾ ڌڪا کائيندو وتندو امداد لاءِ، گھر هڪڙن جا ڪرندا، امداد ٻيا وٺي ويندا! خدا جنهن کي به ڏئي بغير حساب جي ڏئي، ڪنهنجي ڀاڳ سان ڪهڙي ريس ...! دعائون ته دعائون آهن، ڪنهن کي به لڳن، بي بي ستيءَ جي دعا ڌاڙيل کي لڳي ته گولي ئي نه لڳيس. گولي وات واري تڏهن لڳيس جڏهن وهنجندي لاهي يا وڏيري سان حصي پتي تي اڻبڻت ٿي پويس يا نئون صاحب نه ٺهيس ....
ڪي دعائون لوڪ ورثو هونديون آهن، جيئن انڌي جمن چارڻ دعا گھري هئي ته، ’ننهن کي ماڙيءَ تي ڏڌ ولوڙيندي ڏسان،‘ پر جمن چارڻ اڄ حال حيات هجي ها ته هيئن دعا گھري ها: ’ننهن کي قومي اسيمبليءَ يا صوبائي اسيمبليءَ ۾ سياست کي ولوڙيندي ڏسان.....‘ ڪي دعائون سماجي هونديون آهن: مثلن ڊاڪٽر دل جي مريض کان پڇيو، ’هاڻي طبيعت ڪيئن آهي؟‘ جواب مليس: ’هاڻي توهان جون دعائون آهن.... ‘ ڪي دعائون دفتري هونديون آهن. وڏي صاحب کي، پٽيوالي ٽن ڏينهن جي موڪل جي درخواست ڏني: آخر ۾ لکيائينس ته، تنهنجي آل و اقبال جو دعاگو رهندس‘ صاحب نوٽ هنيس Not allowed
ڪي دعائون سياسي به هونديون آهن. جيئن ٻه کدڙا، هڪ جسماني ۽ ٻيو سياسي ڪنهن ڪاني ڪرامت واري وٽ پهتا، بزرگ ٻئي هٿ مٿي ڪري ٻاڏايو: ’خداوند! هنن کي صاحب اولاد ڪر!‘ جسماني کدڙي تاڙي وڄائيندي ٺهه پهه جواب ڏنس ته: ’برزگ سائين، دل سان دعا ئي نه لڳي!‘ پر سياسي کدڙي آس نه لاٿي، زور سان چيائين ’ آمين!‘ چون ٿا، ان ڏينهن کان وٺي سياسي کدڙو ڳهرارو ٿي پيو آهي. رکي رکي کيس اُڊيڙ به ٿين ٿا، مٿي کي ڦيري به اچيس ٿي، ڳالهائي به بي تڪو ٿو. گھڻن ماڻهن جو خيال آهي ته کيس سياسي آڦري ٿي پئي آهي. پر پوءِ به اسان جي دعا اٿس ته خيرن سان پير لهي، ائين نه ٿئي جو ڪچن مهينن ۾ ڇڪي اچي وڃيس ۽ حال هيڻان، سور ٻيڻان ٿي وڃنس.....