ڏاهپ
سڏ نٿي ڪري ڇا؟
چوواٽن تان، رستن تان
اُتانهين جاين تان .....
ٽڪرين جي چوٽين تان
ڇا توهان کي نٿي چئي ته،
منهنجا سڏ سڻو
منهنجا سڏ سڀني انسانن لاءِ آهن.
مان هيرن جواهرن کان وڌيڪ
قيمتي آهيان.
جيڪو مون سان پيار ڪري ٿو،
مان اُن جي آهيان.
جيڪو ڌڪاري ٿو،
تنهن جي ويجھو نٿي وڃان.
مان ماڻهن کي انصاف سيکاريان ٿي
منهنجو وجود سراپا بهتري
۽ مڪمل خير .......
مان هر ڪنهن کي سڏيندي آهيان،
هر وقت هر جاءِ تان .....
جنهن به مون کي ٻُڌو،
تنهن لڌو.
جنهن ٻُڌو اڻ ٻڌو ڪيو
تنهن کي ذلت ۽ رسوائي ملي.“
هيءُ هڪ گيت جو اختصار آهي، جيڪو پراڻي عهد نامي ۾ حضرت سليمان جي حوالي سان ڏنل آهي. ڏاهپ جي اهميت قديم زماني کان وٺي اڄ تائين انساني سماج ۾ رهي آهي. ڇو ته ڏاهپ ئي هڪ اهڙو سنئون سڌو رستو آهي، جيڪو انسانن کي اجتماعي انداز ۾ منزل جو پتو ڏئي ٿو. دنيا جا سڀئي ودوان، گڻوان، عالم، فاضل سندس اهميت جا قائل آهن. هر ڪنهن کيس حاصل ڪرڻ لاءِ عجيب ۽ انوکا جتن ڪيا. ڪڏهن وڻن جي هيٺان گيان ڌيان ۾ ويهي، ڪڏهن غارن ۽ غفائن ۾ مراقبي جي حالت ۾، ڪڏهن صحرائن ۾ رلندي ۽ ڪشٽ ڪٽيندي، ڪڏهن دريائن ۽ سمونڊن جي ڪنارن تي ڇڇڪندڙ پاڻي جي لهرن کي تڪيندي، ڪڏهن پهاڙن جي چوٽين تان آسمان جي وسعتن کي گهوريندي. سڀني انهيءَ سڏ کي ٻڌڻ جي سعي ڪئي آهي، جيڪو انسانن کي اعليٰ قدر ۽ اصول ٻڌائي ٿو. انهن ئي ڏاهن ۽ سياڻن ماڻهن، وقت ۽ حالتن آهر اعليٰ قدرن ۽ اصولن جي مختلف انساني سماجن ۾ آبياري ڪئي، ته جئين حياتيءَ جو ڦل هر ڪو امن، سڪون ۽ ڀائيچاري سان کائي سگهي.
سڀاڳو آهي اُهو انساني سماج، جتي ڏاهپ اعليٰ انساني قدر جوڙي ٿي. ’جيئو ۽ جيئڻ ڏيو‘ جا اصول سيکاري ٿي. خوشبخت آهي اُهو سماج جتي دردوندن ، فڪر جي ڦرهي هٿ ۾ کڻي مطالعو ڪيو ۽ ٻڌايو ته انسانيت جو معراج محبت آهي، نه ڪي نفرت ......
پاڻ کي به پنهنجي فڪر جي ڦرهي هٿ ۾ کڻي تجزيو ۽ مطالعو ڪرڻو پوندو ته پاڻ ڪهڙي انساني سماج ۾ رهون ٿا؟ بدقسمتي سان پاڻ اهڙي انساني سماج ۾ ته نه ٿا رهون، جتي اعليٰ قدرن جي آبياري جي بجاءِ کين پاڙئون پٽيو پيو وڃي .....؟ اهڙي اڀاڳي انساني سماج ۾ ته نه ٿا رهون، جنهن ۾ رهندڙن لاءِ وقت جي يسعاه نبي ائين چيو هجي ته :
’اوهان جا هٿ رتُ سان ۽ اوهان جون آڱريون بدڪاري سان ڀريل آهن ... اوهان جي چپن ڪوڙ ڳالهايا آهن ۽ اوهان جي زبان شرارت جون ڳالهيون ڪيون آهن ..... اوهان ۾ ڪو به راستيءَ سان دعويٰ نٿو ڪري ۽ ڪو به سچائي سان حجت نٿو ڪري ..... اوهان اجاين ڳالهين تي ڀروسو ڪيو ٿا ۽ ڪوڙ ڳالهايو ٿا ..... اوهان جي پيٽن ۾ دغائون آهن ۽ بدڪاريءَ کي جنم ڏيو ٿا .... اوهان نانگن جي آنن تي آرو ڪيو ٿا، جيڪو ڦوڙيو ٿا، ان مان نانگ ٿو نڪري ..... اوهان ڪوريئڙي جو ڄار اُڻو ٿا، جنهن مان ڪپڙن ٺاهڻ جي اُميد اجائي آهي ... سوجھري لاءِ نهاريو ٿا پر اوندهه پسو ٿا ..... انڌن وانگي ڀت جي سهاري لاءِ هٿوراڙيون ٿا هڻو .... تازن توانن جي وچ ۾ مئلن جيان آهيو .... رڇن جيان گجگوڙ ڪيو ٿا ۽ ڳيرن وانگر اوساريو ٿا ..... انصاف جي واٽ تڪيو ٿا پر اُها نه ٿي لڀي ..... نجات جا منتظر آهيو پر اُها پري آهي.“
جي اسان لڳ ڀڳ اهڙي ئي سماجي حالت ۽ ڪيفيت ۾ رهون ٿا ته پاڻ کي ڏاهپ کان ڏور نه رهڻ گهرجي ۽ کيس ٻُڌڻ گهرجي، سمجھڻ گهرجي، پروڙڻ گهرجي، فڪر جي ڦرهي تان.