تاريخ، فلسفو ۽ سياست

فڪر ڦرهي هٿ ۾

هي ڪتاب ”فڪر ڦرهي هٿ ۾ “ نامياري ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار منظور ڪوهيار جي لکيل ڪالمن جو مجموعو آهي جيڪو ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران 2007ع ۾ ڇپايو ويو.
منظور ڪوهيار جو ادبي پورهيو‘ جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي..... پڪ سان چوان ٿو ته توهان پڙهندڙ جي چقمق جھڙن ذهنن ۾ هي لکڻيون ضرور جاءِ والارينديون ۽ ادبي کيتر ۾ هي ڪتاب اهميت جو ڳو ثابت ٿيندو ۽ وقت جي دز هنن لکڻين کي ڪڏهن به لَــٽـي نه سگھندي.
Title Cover of book فڪر ڦرهي هٿ ۾

شوق جي بها ئي ڪونهي

’عقل ريءَ عذاب، گهڻو پسندينءَ جندڙي‘ــــ اهو پهاڪو ڪيترو پراڻو آهي؟ تنهن جي ڄاڻ ڪونهي، البت، ائين چئي سگهجي ٿو ته ڪنهن سنڌ واسي ڏاهي جي فڪر جي ڦرهي تي تڏهن آيو هوندو، جڏهن هن ديس ۾ ’قحط الرجال‘ ڏٺو هوندو ۽ عقل کان عاري ۽ وانجھيل ماڻهن جي عجيب و غريب حرڪتن جي ڪري ديس واسين کي عذاب ۾ پسيو هوندو .....پر ان پهاڪي جو هڪ هڪ لفظ اڄ به ائين نئون ۽ تازو آهي، جئين املتاس جي وڻ ۾ جھُولندڙ گلن جي ٽاري ...... ڇو ته اڄ به ساڳيو حال آ ’نالي ۾ نهال، اديون آريجن جون . ....!‘
ڀلي کڻي اسان ايترا پڙهيل نه هجون، افلاطون نه پڙهيو هجي، سقراط نه سمجھيو هجي، هيگل،ڪانت، ۽ روسو کي نه ڄاتو هجي. مارڪس، لينن، مائو ۽ گورباچوف جو مطالعو نه ڪيو هجي، پر اسان جا پڙهيل يا اڻ پڙهيل ڏاها، سياڻا ۽ سگهڙ جن جي فڪر جي ڦرهي تي آيل اکر، پهاڪا، چوڻيون، ۽ نقطا، جھنگ جھر ۾، وستي واهڻ ۾، نگر شهر ۾ اسان لاءِ ڇڏي ويا. ڪڏهن انهن تي غور ڪيوسي ته اهي صدين جون صدائون آهن؟ اسان لاءِ واٽون آهن؟ لاٽ آهن؟ نه .....! نه .....! ڪنهن کي ڪهڙي ضرورت سمجھڻ جي ....! اسان پنهنجن شوقن ۾ پورا ۽ شوق جي بها ئي ڪو نه ....!
جڏهن هڪ خسيس هٽ واڻيو به گهه کائي، پنهنجي طاقت ڏيکارڻ لاءِ گس تان لنگهندڙ متاري مينهن جي وريل سنڱ ۾ ٻانهن وجھي زور آزمائي ڪري ۽ جڏهن ٻانهن ٻه ٽڪر ٿيس ...... جيڪو پڇيس ته ڏند شيڪي چوي: ’ڀائي! شوق جي بها ئي ڪهڙي؟ ٻانهن ڀڳي ته گهوري، هُـر کر ته مئي نه .....!‘
مارڻي ته هُرکر آ نه، شوقينن کي، سي ڀي جھڙا تهڙا شوقين هت ......! اصلي آدي بڻيادي، وڏور، معتبر، مهانڊا، پيل پاوا، سر جا سائين، ٻنهي جهانن جا ٻوڙ پلاوَ، لٺ سردار، ڀوتار ......
وڏيري جي شوق ’مولوءَ‘ کي فرصت ئي نه ڏني ته وڏيري جي ڪُتي کان وڌيڪ پنهنجي جوءِ ۽ ٻارن جي پرگهور لهي. سندس هٿ جوءِ ۽ ٻارن کي ڀونڊي ڏيڻ ۾ گذري ويو:
’لخ جي لعنت ٿي ڀيڻان! ماڻهو جا ته ڦر ئي ناهيو، ڪنهن ڪُتي جا ڦر آهيو!‘ ۽ ٻيو هٿ وڏيري جي ڪتي تي پيار ۽ پاٻوهه ۾ هٿ ڦيرائيندي گذري ويس:
’چُ، چُ ....... ٻچُ، ٻچُ! اڙي ٿري نا ٿري (ڪُتي جو نالو) مڙس ماڻهو ٿجانءَ! سڀاڻي ميل ۾، اڳيان پويان ملهائجانءِ ...... ڀوتار اڳيان، ماکي بي مهابو نه ڪجانءِ ....‘
پير صاحب جي درگاهي ميلن، ’چڳ وڍئي مريد ولوءِ کي‘ ان پلي ذات پلي‘ ٿيڻ ئي نه ڏنو. ان جي پلي اڃا ڀري ئي مس ته سائين جي ڏن ۾ وئي يا شوقين پٽ جي جھميلي ۾ ...... پٽهنس علڻ، ان پلي ڀڃي وڃي ڀلاوڻي کي ڏني ..... مڙس ڊبل گهوڙا بوسڪي جو پٽڪو هڻي ٿيئٽر ۾ وڃي پهتو. ڇير جي ڇمڪي تي هڪ هڪ نوٽ گهوري ڏنائين .... مانڊي ۾ لئه ٿي وئي، گهر ڀينگ ٿي ويو. سڃو ٿيو ته پاڙي واري جو گهر تاڙيائين. پهريون سنهو چور ..... پوليس ڪڍ. پوءِ ٿلهو چور ..... پيو جيل ...... آخر ڌاڙيل ..... شير شاهه جو شڪرو گهر جا ڪڪڙ ماري ....!
مير صاحب جي ميراڻي شوق، ’ميهر‘ جي جُتي نياپن، سنهين آڻڻ، نيڻَ ۾ گسائي ڇڏي. مير صاحب، ڪک ڪشتن ۽ مردانگي ڪمزوريءَ ۾ پورو. جي تر ماري ته راڄ ننگ لڪائڻ ۾ آذرتو. .... جي پر ماري ته به پرينءَ جي ٽهل ٽڪور ۾ اوڊيون، زراعتي قرض ڪُڙمن جي نالي .. جانڻ جي ڏاڙهي ۾ مختيارڪار جا ٻئي هٿ. جانڻ کي قرض جي جن نه ڪن. چاوڙيءَ ۾ پيل.ٻئي هٿ مٿي، پيو پٽي . پر سياست جو شوق هڙني کي انگريزن جي دؤر ۾ ائين مليو. جئين بکي بگھڙ کي واٽ ويندي رڍ ملي وڃي! چکي چريا ٿيا ..... سياست اهڙي ڪيائون نه سڄڻ کي آسرو نه دشمن کي ڀوُ ..... رڳو اسيمبلين ۾ ويهڻ ۽ اوٻاسين ڏيڻ جو شوق ....دعوتون کائڻ پيئڻ، شڪار ڪرائڻ ۽ هٿن ڌورائڻ جو شوق .... نيٺ انهيءَ سياست اهو رنگ لاتو جو انهن سان سڱ ڪيائون جيڪي ڌريائين ئي ڌاريا هيا ..... ڪنهن چين ته ’بابا! وڏڙا چئي ويا آهن ته سي ئي سيڻ ڪجن، جنين پکا اوڏڙا ......‘ پر انڌي ڀونڊي ۾ خوش. جواب ئي اهو ته ’شونقڙو ٿا پورو ڪيون ....!‘ بس پوءِ عقل واري جو عقل، بي عقل جي ڄمار ....! نانگن جا ٻچا هٿن سان پالي، تاتي وڏا ڪيائون. نانگن فطرت ڏيکاري. نانگن وک وک تي ڏنگ هنيا. اقتصادي طور تي سماجي طور تي ...... پر هنن وٽ ترياق جي تلاش ڪٿي ....!؟ اڃا اڳتي .....
عادت نه مٽي عادتي، علت مور نه جاءِ ــــــ اُٺ پوي ڪڻڪ ۾ چڻ ڪنڊا کاءِ ...... ڇو ته اڃا همراهن جو شوق رهيل هو، جيڪو چنيسر پورو ڪيو هيو ..... پر هت ته قطار چنيسر ٿيڻ جي شوق ۾....! اڳيان ليکن نه ليکن، هيءَ جُتي سوڌا جھوليءَ ۾!
ڀر ۾ مري ڀاءُ، ٻاجھه نه پئي ٻرڙي کي .....! اڙي سائين! ائين نه ڪيو ...... زور آور نه ٿيو ..... ڪتو ڇا ڄاڻي ڪڻڪ جي ماني ..... پر سمجھه عمر سان ڪو نه اچي. ٺهه پهه جواب ته : ’مران ته منجي ۾، نپان ته پيالي ۾.‘
پر ٿيو اهو ئي، مُئا به جن ڪاڻ ــــ ماريو به انهن ...... هنن اڃا بان ڪئي ته ٻيا تيار ..... سندرا کڻي ٻڌائون ... پٽڪا کڻي پاتائون ته کيپ ٿا کٽئون .... لکن جي ٿا لوڏ ڪيون، مڻن جي ٿا موٽ ڪيون .... فڪر جي ڦرهي تان ابن ڏاڏن جي اکرن گهڻي ڌوڏ ڏنن ته اڪن کان ٿا انب گهرو ۽ ٻٻرن کان ٿا ٻير گهرو ....... ڏاها ٿيو ...... سياڻا ٿيو ......آزمائي کي آزمائي سو ڌوڙ منهن ۾ پائي ...... پر چنيسر ٿيڻ جو شوق ڪاڏي وڃي ۽ شوق جي بها ڪو نه ....... نتيجو اهو ئي، چونڊيندي چور وڃي بيٺا ککرين ...... پوءِ ڪنن تي هٿ ته ’ڀُـلي واڻي گانءِ کاڌي . ....!‘
ڀوتار جو ٿيو بادشاهه ماڻهو ....... ۽ بادشاهي شوق، مهل ۽ ڪمهل ڪاٿي ٿا ڏسن ..... چئي: ’چنيسر ته اصلي آءٌ، ٻيو مڙيئي هو نانءُ .....‘ پوءِ ته سائين منهنجي کي چوان، راڻو خان، جاڙو خان، ڌڱاڻو خان قطارن ۾ ... شوق جي پٺيان سڀ ڪجهه لُٽائڻ وارا، جيري لاءِ ٻڪري ڪهائڻ وارا ..... پُڇ ٻڌي مهري ٿيا .....علاوالدين جو لشڪر پٺيان، پاڻ اڳيان .....ساڻ لوڌ ڪُتن جي به ..... پنهنجن تي ئي هلان ڪرائڻ ، پنهنجن تي ئي باهڻ ۽ بڇائڻ ..... سنڌ جي سدا حيات شاعر جي فڪر جي ڦرهي تي آيل اکرن آڏو آين ’ايءَ نه مارن ريت، جو سيڻ مٽائن سون تي‘ پر ڀوتارن جون اکيون ٻوٽيون ته ملڪ ئي ميدان ..... انڌو مڱڻهار ڏسي نه ڪري يار. ڪتو به کاڌئون ڪک به نه ڀريئن ..... جي کڻي ڪجهه به چئو ته ساڳئي رڏي، ’شوق آ ۽ شوق جي .......‘
خبر ناهي ته انهيِءَ چنيسر ٿيڻ واري آخري شوق ۾، انهن کي، اسان کي ۽ سڄي قوم کي ڪيڏي بها ڏيڻي پوندي ....؟ جيڪا شايد اڄوڪي وهندڙ خون کان به وڌيڪ هوندي. جڏهن سوچجي ٿو ته اها ساڳي ئي سٽ فڪر جي ڦرهي تي اچي ٿي:
’عقل ريءَ عذاب، گهڻو پسندينءَ جندڙي‘