تاريخ، فلسفو ۽ سياست

فڪر ڦرهي هٿ ۾

هي ڪتاب ”فڪر ڦرهي هٿ ۾ “ نامياري ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار منظور ڪوهيار جي لکيل ڪالمن جو مجموعو آهي جيڪو ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران 2007ع ۾ ڇپايو ويو.
منظور ڪوهيار جو ادبي پورهيو‘ جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي..... پڪ سان چوان ٿو ته توهان پڙهندڙ جي چقمق جھڙن ذهنن ۾ هي لکڻيون ضرور جاءِ والارينديون ۽ ادبي کيتر ۾ هي ڪتاب اهميت جو ڳو ثابت ٿيندو ۽ وقت جي دز هنن لکڻين کي ڪڏهن به لَــٽـي نه سگھندي.
Title Cover of book فڪر ڦرهي هٿ ۾

’رانديون‘

’اچو ته هيرو شيما ۾ ملون‘
هي ٻول هيا، ستر هزار ماڻهن جي ڪورس ۾ ڳايل گيت جا، محنت ڪشن جي اسٽيڊيم ۾ .... جنهن ۾ هي عهد و پيمان ۽ وچن گونجي رهيو هو، ايندڙ ٻارنهين ايشيائي راندين جي لاءِ .... چين جي گادي واري هنڌ ’بيجنگ‘ شهر ۾، جتي يارهين ايشيائي رانديون جيڪي 22 سيپٽمبر کان شروع ٿيون ۽ 8 آڪٽوبر 1990 تي ختم ٿيون. تنهن کي سنڌ جي ماڻهن شايد غور سان ان ڪري به نه ڏٺو هجي، ڇو ته سياسي اٿل پٿل ۾، سنڌ جو ماڻهو پاڻ کي قيامت صغريٰ ۾ ڦاٿل محسوس ڪندو آهي. ايئن به ٿي سگھي ٿو ته سندن ان ڪري به دلچسپي ڪو نه هجي، جو انهن کي خبر آهي ته انهن راندين ۾ سندن ڪا به نمائندگي ڪانهي.
ليڪن ايئن ٿي نٿو سگھي ته راندين جي اهميت کان ڪو سنڌ واسي اڻ واقف هجن، سڀئي نه سهي، ڪن ته سوچيو هوندو ته رانديون جيڪي سماج ۾ ذهني، جسماني ۽ جمالياتي قوتن جو اظهار ٿين ٿيون، اهي هر نظرئي تحت سماج لاءِ ڦلدائڪ آهن. ڀل اهي جرمني جي جسماني تعليم جي سڄاڻ ’گٽ سمٿ‘ جي تفريحي نظريه تحت کيڏيون وڃن يا ’مس ايپل ٽن‘ جي واڌ ويجھه واري نظريه تحت .... ’اي اي روز‘ جي نفسياتي نظريه تحت کيڏيون وڃن يا سماجي ماهرن جي سماجي تعلقات جي نظريه تحت.
بهرحال رانديون کيڏيون وڃن ٿيون، هزارن سالن کان وٺي. پوءِ اهي رانديون ’زيوس ديوتا‘ جي مندر جي سامهون، اولمپيا اسٽيڊيم ۾ ٿالهي اڇلڻ ۽ ڪُشتي وڙهڻ جي صورت ۾ کيڏيون ويون يا رومن ايمفي ٿيٽرن ۾، جتي انسان انسان کي دسي ڪٽارن، تلوارن، ڀالن ۽ بڙڇين سان ڪٺو. ايستائين جيستائين آکاڙي جي مٽي ’قيصر روم‘ جي مُٺ ۾ اچڻ کان پوءِ رت جا ٽيـپا نه ڳاڙيا ....
سنڌ ۾ موهن جي دڙي جي اوطاق ۾ اها راند شطرنج جي صورت ۾ کيڏي وئي. جنهن سان ڪنهن به ماڻهوءَ جي ذهني پرک ٿيندي هئي. هستناپور (دهلي) ۾ چوپڙ راند کيڏندي بد قسمت ’يڌ شٽر‘ پنهنجي پياري جوءِ کي داو تي رکيو ۽ مهاڀارت جي يڌ جو ڄڻ آغاز ڪيو. اها راند مڪي ۾ شمشير زني جو اهو ڪمال بڻي جو حضرت علي عليه السلام پنهنجو عمامو اڇلي، تلوار جي ڌار سان هوا ۾ اهڙي چابڪدستي سان ٻه اڌ ڪيو، جو عرب جا سڀئي شمشير زن ايئن چوڻ تي مجبور ٿيا ته، تلوار جي ڌڪ سان ته اٺ کي ٻه اڌ ڪري سگھجي ٿو، پر اها وڏي هنر مندي آهي. اها راند ڪنهن قوم لاءِ زوال به ثابت ٿي، جيئن بلوچن جي لاشار ۽ رند قبيلن جي وچ ۾ گھوڙن ڊوڙائڻ تان ٻيهر اهڙو ته فساد اٿيو، جو پنجٽيهه سال بلوچ قبيلن هڪ ٻئي کي ڇيهون ڇيهون ڪري ڇڏيو.
راند روند جا اهي ٻئي رخ هر زماني ۾ مختلف رهيا، ليڪن راند ڪرڻ جو اهو مهذب انداز سڀني کي سٺو لڳو، جيڪو يونانين 1370 ق.م ۾ اختيار ڪيو هو. هنن راندين کي اعليٰ مقام تائين پهچائي هڪ واضح نظريه ڏنوهو ته، رانديون امن ۽ صلح جو پيغام آهن. محبت ۽ پيار جو پيام آهن. انسانن جي لاءِ مقدس ۽ مهان آهن. انهن ئي بنيادي اصولن کي سامهون رکي، جديد اولمپڪ جو تصور پهريائين جرمني جي، ’گٽ سمٿ‘ ڏنو ۽ ان کي عملي جامو، فرانس جي ’بائر ڊي پائر ڪو برٽن‘ پهرايو. جنهن جي ڪوشش سان 16 اپريل 1896ع ۾ يونان جي گادي ’اٿنيس‘ ۾ اولمپڪ راندين جو آغاز ٿيو.
بين الاقوامي سطح تي، هن وقت تائين اهڙن بنيادي اصولن کي سامهون رکي رانديون ڪرايون ويون آهن.
ليڪن سوال اهو آهي ته، آخر ايڏا هرج خرچ ڪري رانديون ڇو ٿيون ڪرايون وڃن ....؟ ڇا رانديون واقعي ايڏيون اهم آهن ....؟ جڏهن ته گھڻن جي خيال ۾ ته اهي فضول آهن، وقت جو زيان آهن ۽ پئسي جي بربادي آهن. وري ٻين ماڻهن جو اهو خيال آهي، مثبت رخ واريون رانديون نهايت اهم آهن. انهن راندين جي ذريعي نوجوان نسل کي نٻلتا ۽ ڪائنرتا کان بچائي سگھجي ٿو. سندن ڪم ڪرڻ جي دماغي ۽ جسماني صلاحيتن کي وڌائي سگھجي ٿو.
پر پاڻ انهن راندين کي ڇا ٿا سمجھئون .....؟ جڏهن ته پاڻ وٽ به صدين کان رانديون کيڏيون وڃن ٿيون. انهن ۾ ٻلهاڙي، ملهه ۽ ڪوڏي ڪوڏي کان وٺي رڇ ڪتي جي ميل، ڪڪڙن ڦڙڪائڻ تائين اچي وڃن ٿيون. انهن ۾ ڪي منفي ڪردار ادا ڪن ٿيون. حقيقت اها آهي ته مثبت راندين جي سرپرستي ڪرڻ وارا تمام گھٽ ۽ اذيت ڏيندڙ راندين جي سرپرستي ڪرڻ وارا پير، مير، وڏيرا، تمام گھڻا رهيا آهن.
ان ڳالهه ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونهي ته، سياست وانگر راندين تي به پنهنجي ملڪ ۾ چند خاندانن جي بالادستي رهي آهي. جن کي راند جي واڌ ويجھه سان دلچسپي گھٽ، پاڻ سان وڌيڪ رهي آهي. ان ڪري سندن ئي پٽ، پوٽا، ڀائر، ڀائٽيا، ماما، ڀاڻيجا ملڪ جا سرڪرده رانديگر يا منتظم رهيا آهن. ڇو ته انهيءَ راند جي سهاري کين ٻاهرين ملڪن ۾ گھمڻ ڦرڻ جا موقعا ملن ٿا. ميڊيڪل، انجيئرنگ يا ٽيڪنيڪل ڪاليجن ۾ داخلائن لاءِ مخصوص سيٽون حاصل ٿين ٿيون.انهيءَ بنياد تي انهن کي مخصوص ادارن ۾ نوڪريون ۽ عهديدارن جي حيثيت سان فنڊ ملن ٿا. جنهن ڪري اهي راندين ڪرائڻ وارن ادارن کي ڄؤر وانگر چنبڙيا پيا آهن. نتيجي ۾ هر باصلاحيت رانديگر کي ٿڏيو وڃي ٿو. باوجود ايڏين ديوارن جي جيڪڏهن ڪو سر ڦريو رانديگر نمايان ٿي وڌي آيو ته ڪنهن ٽريننگ ڪيمپ يا وڏي ٽورنامنيٽ ۾ ان ڪري حصو وٺي نه ٿو سگھي، ڇو ته کيس اطلاع دير سان پهچي ٿو. اهڙي ٽيڪنيڪل انداز سان هڪ باصلاحيت رانديگر جو پتو صاف ڪيو وڃي ٿو. ان ڪري مجموعي طور تي بين الاقوامي ۽ روايتي راندين ۾ ملڪ جي ڪارڪردگي مايوس ڪن رهي آهي.
اصل سوال آهي ته پاڻ مثبت راندين کي پنهنجي سماج ۾ وڌائڻ جي حق ۾ آهيون يا نه ؟ ....جي ناهيون ته پوءِ جيئن هلي ٿو، تيئن ٺيڪ آهي ... جي آهيو ته پوءِ هيٺين ڳالهين تي غور ڪرڻ ضروري آهي:
(1) راندين کي ملڪي سطح تي هڪ اهڙو سماجي تربيت جو ادارو سمجھڻ گھرجي. جيڪو سماج جي اندر محبت، ڀائيچاري، امن ۽ تعظيم جو ضامن آهي.
(2) رانديون ملڪ جي يڪجھتي کي وڌائڻ جو هڪ ذريعو تسليم ڪندي، راندين جي سرڪاري ادارن ۾ مخصوص شخصيتن جي اجاره داري کي ختم ڪيو وڃي، ته جيئن طبقاتي ۽ علائقائي بنيادن تي مخصوص طبقي يا ڪميونٽي جي ماڻهن کي وساريو يا نظر انداز نه ڪيو وڃي.
(3) راندين جي فروغ لاءِ سرندي وارن ماڻهن کي ۽ غير سرڪاري ادارن کي کلي دل سان اڳتي اچڻ گھرجي.
(4) سرڪار سڳوري راندين جي فروغ لاءِ جامع ۽ صحيح منصوبه بندي ڪري، جيئن ملڪ جي باصلاحيت رانديگرن کي همٿائي سگھجي.
(5) انفرادي طور تي هر سڄاڻ ماڻهو اهڙي مثبت (روايتي ۽ بين الاقوامي) راند جي حوصله افزائي ڪري، جيڪا نوجوان نسل جي رڳن ۾ خون جي گردش کي تيز ڪندي رهي. منجھس برداشت جي قوت، نظم ۽ ضبط وڌائي. هر انهيءَ راند روند جي مخالفت ڪرڻي آهي، جيڪا نوجوان نسل کي تباهي، بربادي سستي، ويڳاڻپ ۽ اذيت پسندي جي طرف ڇڪي ۽ ڪو ريهه لٿل ڳڀرو ڀورين جي ويڙهه تي خوش ٿيندي ايئن نه چئي ته:
’مير صاحب دي ڀوري، سرائي دي ڀوري ڪون اهڙي کڙه ماري، جو سرائي دا بنگلا ڌڏدا پيا ها!‘