تاريخ، فلسفو ۽ سياست

فڪر ڦرهي هٿ ۾

هي ڪتاب ”فڪر ڦرهي هٿ ۾ “ نامياري ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار منظور ڪوهيار جي لکيل ڪالمن جو مجموعو آهي جيڪو ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران 2007ع ۾ ڇپايو ويو.
منظور ڪوهيار جو ادبي پورهيو‘ جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي..... پڪ سان چوان ٿو ته توهان پڙهندڙ جي چقمق جھڙن ذهنن ۾ هي لکڻيون ضرور جاءِ والارينديون ۽ ادبي کيتر ۾ هي ڪتاب اهميت جو ڳو ثابت ٿيندو ۽ وقت جي دز هنن لکڻين کي ڪڏهن به لَــٽـي نه سگھندي.
Title Cover of book فڪر ڦرهي هٿ ۾

ميلو لطيف جو

اهو به وان پرستي جو دؤر هو، جڏهن گھر زهر لڳندو هو. ’همين ياران دوزخ، همين ياران بهشت‘ وارو زمانو هو. ڪڏهن ميلي ۾ ته ڪڏهن جھميلي ۾، ڪڏهن ريل ۾ ته ڪڏهن .... وري وقت اهو به آيو جو، ’سُتا ئي سونهن، ننڊ عبادت جن جي.‘ اندازن ڏهاڪو سالن کان پوءِ اصحاب ڪهف وانگر ننڊ مان اٿي وقت جي بازار ۾ پراڻن سڪن کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي سي، ته خلق کلائي سي .... خبر پئي ته هن ڪمپيوٽر جي دؤر ۾ ڏهن سالن جي وڇوٽي، ڏهن صدين جي برابر آهي. ايڏو پاڻ کي پوئتي ڏسي احساس ڪمتري ٿي. سوچيندو رهجي ويس ته حاشيائي فرد (MARGINAL MAN ) جي حيثيت سان ڪيئن هڪ جيڏن ۾ ٺهندس ...؟ هڪ پاسي وان پرستي جو جنون جاڳيو ته ٻئي پاسي لطيف جو ميلو ڀريو پئي آيو. اندر ۾ اڻ تڻ، اڌما. پورا ٻه ڏينهن ’ها‘ ۽ ’نه‘ ۾ گذريا. ٽئين ڏينهن تي پڪو ارادو ڪري نڪتم. آخري ڏينهن جي آخري رات هئي، لوڪ لڏڻ تي هيو ، چري اڏڻ آئي هئي. سومهڻي جي وقت لطيف جي نگري ڍول فقير جي آواز ڀليڪار ڪئي:
’الاڙي، الا! مارو مٽ ملير جا ٻيلي سڀئي پرکيا سون.
سوکي ويل سڀڪو، اوکي تونهين تون
مولا مٿان مون، ٻڙو نه لاهج ٻاجھه جو....
ان وقت اهو بيت مون کي ائين پئي لڳو، ڄڻ منهائين هئي، اُنهن سڀني مهندارن جي لاءِ، جن اؤکي ۾ ماروئڙن کي اڪيلو ڇڏيو هو .... آواز جي پڙلاءَ جو پيڇو ڪندي سرڪاري پنڊال تي پهتم، پنڊال اڌ هيو، پر ماڻهن جي ڳاهٽ ڏسڻ ئي نه ڏنو ته اسٽيج تي ڪهڙيون من موهيندڙ صورتون آهن. ڪيترن جوانن ڏسڻ جي شوق ۾ پنڊال جي چوڌاري جڙيل لسي ڀت تي چڙهي مزي سان ديدار درشن پئي ڪيو. پاڻ ته زندگيءَ ۾ ڪڏهن اوڏڪي ڀت به نه اورانگھي هئي سي، سو دل جي حسرت ، دل ۾ ئي رهجي وئي .... پوءِ دل ۽ من جي صلاح اها بيٺي ته جوڳي رمندا ڀلا....
ائين ڪراڙ ڍنڍ جي وٽ ڏيئي هڪ ڀرئي بازار ۾ پهتم ته، تيز روشنيءَ ۽ رڪارڊنگ جي شور ۾ سامهون موت جي کوهه پئي سنڀاريو ... پريان سرڪس شو وارن پئي سڏيو .... پٺيان چيڪلن ۽ چوڏيلن اندر جي ٻار کي نينڍ پئي ڏني ۽ ساڄي پاسي ’پروفيسر شو‘ جي دعوت هئي . دل کان پڇيم ته، ’ڇا ٿي چئين موت جي کوه جي باري ۾ ....؟ ٽهڪ ڏيندي چيائين،’هي موت جو کوهه سنڌ جي شهرن ڪراچي ۽ حيدرآباد کان مٿي آهن؟‘...
پڇيومانس، ’ ڀلا سرڪس شو ....؟‘
جواب ڏنائين، ’سياستدانن جي قلابازين ۽ ڪمالن کان وڌيڪ آهن، ٻن ٽن مسخرن جون قلابازيون ؟‘
پڇيو مانس، ’چيڪلا ۽ چوڏيل ....؟‘
چيائين، ’اڇي ڏاڙهي اٽو خراب ‘
پڇيومانس، ’نڀاڳي ! ڀلا پروفيسر شو؟‘
چيائين، ’واروڪر!‘
سو دل جي صلاح سان، نه ڪيم هم نه تم ، ٽڪيٽ وٺي اتاولو ٿي اندر گھڙيم. ٽيهارو، چاليهارو کن ڪرسيون، سامهون اسٽيج هئي .... ڪرسين تي، سنڌ جو عام ماڻهو اربو ، نبو، ليمي، ڏاڙهون، مٺي ۽ ڪوڙي کي ڏسي دل باغ و بهار ٿي وئي. پنهنجو پاڻ کي چوڻ لڳم.
’ڏس زماني جو ڦير! اهو به زمانو هيو جڏهن پروفيسر جي ايم ــ مهڪري جھڙا استاد ليڪچر ڏيندا هيا ۽ توهان جھڙا ناخلف اڌ ڪلاس مان ڀڄي ويندا ها ۽ هي به زمانو آهي جو پروفيسرن کي هڙئون وڙئون ڏئي به ماڻهو ٻڌڻ لاءِ آتا آهن. ٿوري جھٽ کان پوءِ پنجابي گانن جي ڌم ٿي وئي. مون سوچيو ، ترقي جو زمانو آهي، ان ۾ به ڪو نفسياتي نقطو ضرور هوندو ته، خشڪ ليڪچر ٻڌڻ کان اڳ دماغي توازن جي لاءِ گانن جي مالش ٿيڻ ضروري آهي. پر خبر تڏهن پئي جو انهن گانن جي ڌن تي پنج ڇهه الهڙ جوانيون جھومنديون اچي اسٽيج تي پهتيون. مون حيرانگي ۾ انهن کي پئي ڏٺو ته، اوچتو پروفيسر جي ايم مهڪري جو نسخو ياد اچي ويو ته، ’هڪ عمرانيات جي شاگرد کي نه صرف تماشو ڏسڻ گھرجي، پر ان سان گڏ تماشبين جي رد عمل تي به ڪرڙي نظر رکڻ گھرجي.‘
انهيءَ بنيادن تي مون اوسي پاسي وارن تي به نظر وڌي ته، همراهن جي کيسن، ورن پٽڪن، ۽ انگوڇن مان ويڙهيل سيڙهيل، سڌا ڦڏا نوٽ نڪرڻ سان اسٽيج تي بيٺل الهڙ جوانيون هيٺ لهي آيون . مان اڃان عمل رد عمل جي چاج جوچ ۾ هيس ، ته هڪ مٽيار مون کي ڪلهو هڻي چيو، ’چليا، صرف ويکندي جاندي او، ڪڇ ديندي ويندي نهين .....؟‘مون دل ۾چيو ، ’مائي !هاڻي بس ڪر، جو ڳوهه ڦاٿي آ ڊوهه سان ..... وس هلي ته توکي ۽ اجازت ڏيڻ وارن کي گھاڻي ۾ پيڙائجي‘.... ڪٽون کائيندي، نام نهاد ’پروفيسر شو‘ کي پٺي ڏئي اوڳي اٺ وانگر کڻي سڌ ڪيم. اڳتي وڌيم ته ايئن محسوس ڪيم ڄڻ لطيف جي ميلي تي نه پر ڪنهن وڏي جوا جي ٽِـڪري تي پهتو آهيان .... وک وک تي گھوڙيءَ راند، ڇڪي ڦرڻي، ’آ ٻن تي چار ! چئن تي اٺ! ڏهن تي ويهه! ‘ جا آواز .... اندر جي ڪانءَ هرکايو ته، تون به ڪي ٻه هٿ ڏيکار ، پوءِ سيٺ سيرو مل يا جتي هٿ ۾ ... پر چري من چيو نه ڪيو، چيائين، ’چڱا مڙس !مڻيادار جي ميلن ۾ اها ڳالهه ٺهي نٿي......‘
من جي هٿان مجبور ٿي اڳتي وڌيم ته چانهه جي هوٽلن تي کدڙن ويچارن ٺينگ ٽپا ڏيئي زندگي جي سڳي سورڻ لاءِ جتن پئي ڪيا ۽ جنس جي صحرا مان آيل اڃيارن ، فحاشي جي ڪني دٻي مان اڃ پئي اجھائي . مون پنهنجو پاڻ کان سوال ڪيو ... ’هي ڪنهن جو ميلو آهي ...؟‘ جواب سمجھه ۾ نه آيو، پر ايتري ۾ هڪ سنهي گھٽي اچي وئي، جنهن ۾ ماڻهن جي ڪلهي گس لڳي پئي هئي. مون پنهنجو رخ به اوڏانهن ڪري ڇڏيو. گھٽيءَ جي کٽڻ کان پوءِ هڪ ميدان اچي ويو.... گولن جي روشنيءَ ۾ ماڻهن جو مچيون هيون .... ’ڇا ٿو وهي واپري ...؟‘ ڏسڻ خاطر هڪ مچي ۾ جھاتي پاتم، ڇهن سالن جي ڇوڪري کان وٺي ويهن سالن جي ڳڀرؤ تائين، پيرن ۾ ڇير ڇمڪي رهي هئي. منهنجون نظرون ڇهن سالن جي ٻار تي کتل هيون جنهن جي هٿ ۾ قلم کڻڻ جيتري سگھه مس هئي. ان جا پير ڇير جي وزن کان ڇل ٿي ڄڻ احتجاج ڪري رهيا هئا، ڄڻ چئي رهيا هجن. مون کي ڇڏيو ته مان ڊوڙندو اسڪول وڃان .... هڪ ساعت مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ منهنجو ڇهن سالن جو ’بالاچ‘ منهنجي اڳيان نچي رهيو هجي ....؟ مون ان ڪري تصور کي هڪدم ڌڪو ڏنو ۽ چيو ، ’نه هي پرايو پٽ آهي ....!‘ شايد اها ئي بنيادي بي حسي هئي تڏهن ته ڪيترا ئي پٽن جا پيئر پٽن جيترن کي نچندو ڏسي لطف اندوز ٿي رهيا هيا. انهن مچين ۾ وڌيڪ ڏسڻ جي سگھه نه ساري اڳتي وڌيم ته ڪجھه ميڙ نظر آيا. اجائي جستجو واري عادت کان مجبور ٿي ليئو پاتم ته ڏٺم، ڇوڪرن جي بجاءِ ڇوڪريون هيون. ماڻهن جون نظرون بکين بگھڙن جيان سندن جسم جي هڪ هڪ انگ سان چنبڙيل هيون. مون پنهنجي تصور کي وڌيڪ ڪريهه ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ڄڻ ڀڄي نڪتس. پاڻ کان پڇندو رهيس. ’ڏوهه ڪنهن تي ڏجي ....؟
گھٽين جي ور وڪڙن مان آزاد ٿي، جڏهن ٻاهر نڪتس ته، درگاهه جا قبا صاف نظر اچي رهيا هيا.... تيز قدمن سان درگاهه ڏانهن ويندي، انهن ٿريلن تي به نظر پئجي وئي، جن ڪاٺ جي ٺپن سان ماڻهن جا هٿ ڳاڙها پئي ڪيا، پر سندن هٿ بي رنگ هيا، مون کي حيرت نه ٿي، ڇو ته مون کي خبر هئي ته، اهو ئي اسان جو سماجي انصاف آهي ته جيڪو انُ اُپائي سو بکيو هجي ... جيڪو ڪپهه چڻي، تنهنجا لٽا ليڙون هجن ... جيڪو بلڊنگون ٺاهي، سوئي بي گھر هجي ... درگاهه ڏانهن هلندي جڏهن اوچتو نظر ان ڪرڙوڍ شخص تي پئي جنهن جو سڄو جسم بدنما لڙڪندڙ موهيڙن سان جھنجيل هو. منهنجي بدن مان ازخود دُرڙي نڪري وئي. هو خاموش ويٺو هيو، پر ائين لڳو ، ’مول ڪينسر‘ جو مريض ڄڻ اسان سڀني تماشگيرن تي طنز ڪندو هجي ۽ پڇندو هجي ته، توهان جو پٽڪا پائي لطيف جي ميلي تي آيا آهيو، ڪڏهن مون جھڙن ماڻهن جي ڏکن کي ونڊڻ لاءِ به سوچيو اٿو ....؟ موٽ ۾ مون وٽ ڇا هو .....؟ ڪجھه به نه ... سو شرمساري جي انداز کي گھٽائڻ لاءِ منهنجون وکون تيز ٿي ويون ، درگاهه ڏانهن ... تيزيءَ سان درگاهه جي ڏاڪڻ تي، جتين سنڀاليندڙ کي جوتا ٿمائي درگاهه جي صحن ۾ گھڙيم ... صحن تي ڌمال هلي رهي هئي، پوڙها پڪا، ننڍا وڏا، مرد عورتون سڀ نچي رهيا هيا. صحن جو سرسري جائزو وٺندي، ستل ماڻهن تي نظر ڦيرائيندي ، روضي ڏانهن رخ رکيم . پهريائين ته پينن فقيرن پاسا ورتا. ڪنهن کي ڏنم ڪنهن کي ’معاف ڪر....!‘ پاڻ ڇڏائيندو ، هڪ گلن جي ڪنڍين واري سان ٽڪريم ... گلن جي ڪنڍين واري هٿ ۾ کڻي ڪنڍي ڏني. پئسا پڇيم ته، وٺڻ کان نابري واري بيٺو ... دل ئي دل ۾ سندس شڪريو ادا ڪندي، مرشد جي روضي جي چائٺ ٽپيم .... ماڻهن جي ڌڪن ۾ ازخود مزار اندر ٽپي چڪو هيس .... پاسي وارن اتريئن دروازي کان ٻاهر نڪتم ته ساڳيو ئي ڪنڍيءَ وارو سامهون... ’مرادي ڏي!؟‘ هن چيو.... سندس تري تي ٻه روپيا رکيم، همراهه ناراض ٿي ويو..... پنج روپيه تري تي اڇلائي اڳتي وڌيم ... پٺيان هڪ زومائتي گار ٻڌم، شايد ماءُ تي هئي، تڏهن ڪاوڙ نه آئي يا ائين سمجھيم ته گلن سان گڏ خار به هوندا آهن ..... روضي جي پٺ ۾ بيهي، پريشاني ۾ پگھر پئي اگھيم ۽ سوچيم ته ، خبر ناهي ته ميلي جي موٽ ڪيئن ٿيندي ....؟ اڃا انهيءَ شش پنج ۾ هيس هڪ ميار ٻڌم، بيت جي صورت ۾:
’هيا ڇو نه هياڇا، جياپي جھان ۾
ٻڏي ڇو نه مئا ، پاڻي پائي پاٽ ۾.
ڇرڪ نڪري ويو ته هي ميار ڪنهن ڏني ....؟ لوڻو هيم ته قبرن جي وچ ۾ پنجن ماڻهن جي محفل لڳي پئي هئي. محفل جو مور سفيد ريش بزرگ، الفي پاتل پلٿي هنيون بيت ويٺو ٻڌائي ’واهه واهه!‘ ۽ ’سبحان الله !‘جو ورد ٿي رهيو هيو. هڪ ٻيو بيت به ٻڌايائين:
هنج نه قيد ڪجن، مور نه وجھجھن پڃري
ساريون راتيون سيد چوي، لاتيون جي لنون
واهيري نه ويهن، جھڻ ڀڻ ڪن جھنگ ۾.
مون کان رهيو نه ٿيو ، پلٿ هڻي پاسي ۾ ٿي ويٺم. هو لطيف جا بيت ٻڌائيندو پئي ويو، منهنجي حيرانگي وڌائيندي پئي ويو. مون سوچيو پئي اهي بيت ته مون رسالن ۾ به نه پڙهيا آهن. وڏي اسر سان حالي احوالي ٿياسي ته خبري پئي ته مانجھي مڻياردار ’خيرپور ميرس‘ جي پاسي جو، درگاهه ابراهيم بن ادهم جي هيٺيان، گھاڙيءَ ۾ ويٺو آهي. نالو دلمراد اٿس، ذات جو چنو آهي. ابن ڏاڏن کان لطيف جو پانڌيئڙو آهي.
جڏهن موڪلاڻي ٿي ته دل ڏڍ ڏيندي چيو، ڏٺئه مانجھن سان ميلو ٿي ويو نه ....؟ ان کي ميلو چئبو آهي ....!
پر دل ٻيو خوفائتو احساس به ڏياريو ته، جي اهڙا آديسي به اٿي ويا ته پوءِ ڪنهن سان ميلا ... ڪهڙا ميلا ....؟