نصيحت
’بادشاهه سلامت! حقيقت ۾ آءٌ توهان کي هتي پنهنجي ڪڪڙن جا اعليٰ نسل ڏيکارڻ لاءِ وٺي نه آيو آهيان، پر هڪڙي سبق آموز نصيحت لاءِ اوهان کي تڪليف ڏني اٿم.‘‘
ظاهر شاهه چيو: ” ٻُڌاءِ؟‘‘
هاشم خان ڪُڪڙن ڏانهن اشارو ڪندي ڳالهايو؛ ’جيئندا قبلا! هنن ڪُڪڙن کي مون ڪالهه کان وٺي بکيو رکيو هو. اڄ اُهي چند اَن جي داڻن جي چڳڻ لاءِ پريشان آهن ۽ منهنجو طواف ڪري رهيا آهن. سمجھي ڇڏيو ته، عوام به ڪُڪڙن جيان آهي، انهن کي جيترو بکيو رکندؤ، اوترو اوهان جي چؤگرد ڦيرا پائيندا ۽ ڳيجھو رهندا!‘
ائين چئي، هن ڳوڻ اَن جي گُهرائي ۽ ڪُڪڙن جي آڏو ڇٽرائي، ڪُڪڙن چڳي بس ڪيو ته هو وري اَن جي لَپ کڻي ڪُڪڙن جي وچ ۾ ويو، پر هن ڀيري ڪُڪڙ سندس ڪڍ ڪو نه لڳا. هُن ٻيو ناصحانه نقطو ظاهر شاهه کي سمجھايو:
’حضور! عوام به ڪُڪڙن جيان آهي، جيڪڏهن انهن جو پيٽ ڀريل هوندو ته توهان کي کنگھندا به ڪونه . ان ڪري عوام کي ڪڏهن به سکئي رکڻ جو نه سوچيو ..... جي سُکئي رکڻ جو سوچيو، ته انهن ڪوڪڙين لاءِ، جيڪي توهان جي صدقي ۾ ڪيترائي ڪُڪڙ قربان ڪري سگهن ٿا.‘
ظاهر شاهه بادشاهه بلڪل ائين ئي ڪيو. جئين سندس چاچي وزير با تدبير کيس ٻڌايو هو. ليڪن هڪ وقت اهو به آيو، جو ظاهر شاهه جي خلاف بغاوت ٿي وئي، جن ماڻهن تي ڀروسو ڪيائين ۽ کين سُکيو رکيائين، انهن ئي ترا ڪڍيس. سردار دائود آيو، مگر ان جو نظريو ساڳيو رهيو، امير کي امير ڪرڻ جو، غريب کي غريب ڪرڻ جو ..... نتيجو اها ئي اٿل پٿل، سماجي انتشار ۽ خوني انقلاب منهن سامهون ٿيس ..... جيڪڏهن ظاهر شاهه کي پنهنجو چاچو، وزير با تدبير اهو ٻڌائي ها ته ان نظريي جي پٺيان، هڪ ٻيو به نظريو هوندو آهي. اهو نظريو هوندو آهي، بک بڇڙو ٽول، داناءَ ديوانا ڪري، ته اڄ ظاهر شاهه پنهنجي وطن کان پري جلاوطني واري زندگي، ٿڌا ساهه ڀري نه گذاري ها ۽ نه وري سندس ملڪ خوني انقلابن جي سر زمين بڻجي ها.
دنيا جي تاريخ اٿلائي ڏسجي ته عوام کي بکئي رکڻ جو نظريو هر تاناشاهه، جابر ۽ ناعاقبت انديش حڪمران وٽ رهيو آهي. سندس خيال ۾ جيستائين عوام بُکيو، مجبور ۽ محصور هوندو، تسيتائين فرمانبرداري ڪندو رهندو. ان ڪري انهن پنهنجي مڪروهه نظريي کي عملي جامو پهرائڻ خاطر، ظلم ۽ جبر جا اُهي بند ٻڌا، جن جو بظاهر ٽٽڻ ناممڪن لڳندو هو، پر جڏهن عوامي ٻوڏ جي اٿل آئي ته سڀئي بند، ڪک ڪانن وانگر لڙهي ويا. اهڙي ريت اڄ به انهن ملڪن ۾ ڏاڍ ۽ جبر جي بندن کي روڻيون لڳي رهيون آهن، جتي حڪمرانن جو ايمان انهن نظريي تي آهي ته عوام کي مسڪين ۽ مفلس رکيو وڃي، زور ۽ ٻل جي بنياد تي کين هيسايو وڃي، اڄ نه ته سڀاڻي، اھي بند ٽـٽـڻا آهن ۽ ٽٽندا .... خوني انقلاب اچڻا آهن ۽ ايندا .... جن کي ڪير به روڪي نه ٿو سگهي.
حضرت علي رضه جو چوڻ آهي ته : ’ٻن ماڻهن کان ڊڄندا ڪريو، جڏهن ڪمينو ڍؤ تي هجي، ٻيو جڏهن غريب بکيو هجي.‘
وڌيڪ فرمايو اٿائون ته: ’مفلس ماڻهو جو ايمان بصر جي کل کان به وڌيڪ سنهو ٿئي ٿو ....‘ ان مان ثابت ٿيو ته جنهن سماج ۾ بک، بيروزگاري ۽ مفلسي وڌيڪ هوندي، اتي سماجي انتشار اوس اچڻو آهي، ڇو ته بيروزگاري ڏوهن جي ماءُ آهي. ان ڪري هر ان انساني سماج ۾ جتي حڪمرانن کي ڊگهي نظر هوندي آهي، سي اهڙي اٿل پٿل ۽ انتشار کان بچڻ لاءِ اڳواٽ ئي اهڙا قدم کڻندا آهن جنهن سان لال به لڀندو آهي ته پريت به رهجي ايندي آهي. اهي پنهنجي عوام کي بيروزگاري جھڙي بلا کان بچائڻ لاءَ جتن ڪندا آهن.سندن سک جي اپاءَ لاءِ سوچيندا آهن. ٻين قومن يا انساني سماجن ۾ آيل اٿل پٿل ۽ خوني انقلابن مان سبق پرائيندا آهن. ائين جيئن ڪنهن سياڻي کان پڇيو ويو ’تون سياڻپ ڪٿان سکئين ....؟‘ وراڻيائين:’ بيوقوفن کان!‘
پر ڪي حڪمران اهڙا به هوندا آهن، جيڪي غلطيون ڪندا آهن، ڀوڳيندا آهن پر مڙندا ڪو نه آهن. جئين چئبو آهي ته ’هيري سندي هير ٽنگ ڀڄي به نه مڙي‘ عوام کي اتي آڻي بيهاريندا آهن، جتي بکيو گدڙ، شينهن سان به لڙي پوندو آهي، نتيجي ۾ شينهن اڳيان، گدڙ پٺيان هوندو آهي، ڳڀا ڳڀا ۽ ٽڪر ٽڪر ٿي ويندو آهي. پر جي خوني انقلاب تائين اها ڳالهه کڻي نه به پهچي ته به هڪ اهڙي سماجي انتشار ۽ بي چيني جو آغاز ٿيندو آهي، جنهن ۾ ڏوهه ئي ڏوهه هوندا آهن، جنهن ۾ تباهي ئي تباهي هوندي آهي. جسماني، معاشي ۽ اخلاقي بربادي سماج ۾ ائين پکڙبي آهي جئين ڪينسر آخري اسٽيج ۾ اچي، انساني جسم ۾ پکڙبو آهي، جنهن کي روڪڻ لاءِ شعاعن جي علاج وارو طريقو به ناڪام ٿي ويندو آهي ۽ زندگي ختم ٿي ويندي آهي. دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ اهي حڪمران طبقا، جيڪڏهن ان نظريي جي پوئواري ڪن ٿا ته وڏي غلطي تي آهن. نيوٽن جي حرڪت جو ٽيون قاعدو آهي، ’عمل ۽ رد عمل برابر آهن‘ جيڏو به زومائتو بال توهان ڀت تي هڻندوُ بال اوڏي ئي طاقت سان توهان ڏانهن موٽ کائيندو. جيڏو به دڙڪي، ڌوئنس ۽ دٻاءَ مان ڪم ورتو ويندو، انهن حڪمرانن کي اوتري ئي اڀار ۽ بغاوت جي توقع رکڻ کپي، ڇو ته اها حقيقت آهي، ته جَـوَ پوکي ڪڻڪ نٿي لڻي سگهجي.
هر دور جي حڪمرانن کي اها تاريخي منادي آهي ته عام ۽ اهل ماڻهوءَ کي پنهنجي سياسي انتقام جي آڳ ۾ نه سيڪن، ڇو ته اهڙو ماڻهو ان خونخوار ٻلي جيان ٿي سگهي ٿو جنهن کي ڪوئي بند ڪمري ۾ لٺ کڻي مارڻ لاءِ ڪڍ پيو هجي. جيڪڏهن هن کي ڪٿان به ڀڄڻ جي واهه يا وٿي نظر نه آئي ته هو مارڻ واري جي نڙگھٽ ۾ ضرور ٽپو ڏئي چڪ هڻندو.
ان ڪري وقت جي حڪمرانن کي ڊگهي نظر ۽ گهري سوچ رکڻ گهرجي. سياڻپ جو ثبوت ڏيڻ گهرجي. پاڻ کي ۽ سڄي قوم کي اٿل پٿل بيچيني ۽ انتشار کان بچائڻ گهرجي ۽ هر ان نصيحت تي به سوچ ويچار ڪرڻ گهرجي، جيڪو بقول ڪنهن فارسي شاعر جي ته :
’مرد بايد ڪه گيرد اندر گوش،
گر نوشته ست و پند بر ديوار.
(جيڪڏهن نصيحت ڀت تي به لکيل هجي ته به ماڻهوءَ کي هيئين سان هنڊائڻ گهرجي.)