تاريخ، فلسفو ۽ سياست

فڪر ڦرهي هٿ ۾

هي ڪتاب ”فڪر ڦرهي هٿ ۾ “ نامياري ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار منظور ڪوهيار جي لکيل ڪالمن جو مجموعو آهي جيڪو ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران 2007ع ۾ ڇپايو ويو.
منظور ڪوهيار جو ادبي پورهيو‘ جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي..... پڪ سان چوان ٿو ته توهان پڙهندڙ جي چقمق جھڙن ذهنن ۾ هي لکڻيون ضرور جاءِ والارينديون ۽ ادبي کيتر ۾ هي ڪتاب اهميت جو ڳو ثابت ٿيندو ۽ وقت جي دز هنن لکڻين کي ڪڏهن به لَــٽـي نه سگھندي.
Title Cover of book فڪر ڦرهي هٿ ۾

کري ۽ سچي ڳالهه

سوچيان ٿو: اڄ ڪهڙي نئين نڪوري ڳالهه ڪري، اوهان کي عجب ۾ وجھان يا پنهنجي ڏاهپ، عقل ۽ دانش جو احساس ڏياريان. سوچي سوچي ٿڪجي پيو آهيان، ائين محسوس ٿي رهيو آهي، ڄڻ مان ڪنهن وڏي جيل ۾ پيل اُهو قيدي (جنم ٽيپ ۾ آيل) آهيان، جنهن جا قصا ڪهاڻيون ۽ احوال کٽي ويندا آهن، ساڳيون ئي ڳالهيون رڳو لفظن جي ڦير گھير سان پيو ورجائيندو آهي. منڍ ڪڍڻ سان ئي ٻڌڻ واري کي خبر پئجي ويندي آهي ته ان ڳالهه جو وچ ۽ پڇاڙي ڪهڙي هوندي!
ان ڪري سوچيان ٿو ته اڄوڪي سماج جي ڪهڙي بانڪي شاهه، بهرام، ممتاز و دمساز، گل بڪاؤلي، ليليٰ مجنون يا طوطي مينا جو قصو اوهان کي ويهي ٻڌايان يا وري موجوده دؤر جي ذوالقرنين، پٽ راڻيءَ يا ان بادشاهه جي ڳالهه کوٽيان، جيڪو توهان اسان جھڙن کي کنگھندو ئي ڪونهي ..... اهڙين عظيم ۽ قديم هستين جا قصا ته اوهان ٻال جتيءَ کان ٻڌندا پيا اچو، تنهن ڪري ڳالهه ڪا نئين يا ڇرڪائيندڙ کڻجي .... پر نئين به ڪهڙي؟ پلئه پلاند جي يا ڪارو ڪاريءَ جي ...!؟ چوريءَ جي يا رشوت خوريءَ جي ..!؟ اغوا جي يا ڌاڙي جي ....!؟ سياسي ڏيوالپڻي جي يا سماجي بيحسيءَ جي ...؟ لڄالٽ جي يا ڦرلٽ جي ....!؟ پر اهڙيون ڳالهيون ته اوهان روز اخبارن ۾ پڙهي بيزار ٿي پيا آهيو. پڙهڻ کان اڳ، اوهان پنهنجي نڪ تي ريشمي رومال رکو ٿا، ڄڻ اهڙيون خبرون اخبارن ۾ هاڻي ڌپ هڻي ويون آهن ...
ليڪن سوال اِهو آهي ته ڪٿان آڻن، صحافي بدبودار سماج مان خوشبودار خبرون ....!؟ اخبارن وارن مسيحائي جي دعويٰ ته ڪونهي ڪئي، پر جن ڪئي آهي، هيل تائين انهن ڇا ڪيو آهي؟ خير ـــ مون کي ته ڪانه ڪا اهڙي ڳالهه ٻڌائڻي آهي، جنهن جي ٻڌائڻ سان اوهان جي باغ و بهار ٿي وڃي. توهان جون اکيون ٿڌيون ۽ چهرو شاداب ٿي وڃي يا وري اهڙو قصو ڪرڻو آهي، جنهن سان اوهان جي اندر ۾ هيجان برپا ٿي وڃي. اوهان جا وار ڪانڊارجي وڃن. نس نس ۾ خوف جون لهرون ڊوڙڻ لڳن. جيتوڻيڪ پاڻ کي اهڙي ڳالهه سجھي نٿي. جيئن ته پنهنجو تعلق هڪ ڳالهر قوم سان آهي ۽ جيڪڏهن مون ڪا نئين نڪوري ڳالهه نه کنئي ته پنهنجي سڄي قوم جي مٿان ميار جو حرف اچي سگهي ٿو. صفا نئين نڪوري نه سهي، پر ڪا نواڻ ته هجيس .. ....!؟
ميار کان بچڻ ۽ واعدي کي پاڻي ڏيڻ لاءِ، اڄ مان اوهان کي پنهنجي اندر جي سچي ۽ کري ٻڌائيندس، پر شرط انهيءَ تي ته اوهان ٻي ڪنهن کي نه ٻڌائيندءُ ......
خير، ڳالهه کُٽائڻي، سچي ڳالهه اها آهي ته لکڻ کان اڳ مون جڏهن پنهنجي اندر ۾ جھاتي هنئي ته مون کي ائين محسوس ٿيو ته مان به اوهان وانگر منافق آهيان .. ....! چڙو ڇو ٿا؟ مهرباني ڪري، اوهان پاڻ کان ٿورو مٿي ڏسو . ....! ٿورو پاڻ کان وڏي ڪرسيءَ واري کي، وڏي حيثيت واري کي، وڏي مرتبي واري کي، اوهان کي اتي پاڻ کان وڏو منافق نظر ايندو .... آيو نه !؟
پوءِ اڃان، وڏي ڪرسي، وڏي مرتبي ۽ مان واري جي جيءَ ۾ جھاتي هڻو ...... اٿس نه اندر ۾ منافقيءَ جو ’اٺور‘ ويٺل ....!؟
تنهن کان پوءِ صفا وڏي ڪرسي، وڏي منصب، وڏي شان وارو .... پايو اندر ۾ ليئو ...... آهي نه مها منافق .....؟!