تاريخ، فلسفو ۽ سياست

فڪر ڦرهي هٿ ۾

هي ڪتاب ”فڪر ڦرهي هٿ ۾ “ نامياري ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار منظور ڪوهيار جي لکيل ڪالمن جو مجموعو آهي جيڪو ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران 2007ع ۾ ڇپايو ويو.
منظور ڪوهيار جو ادبي پورهيو‘ جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي..... پڪ سان چوان ٿو ته توهان پڙهندڙ جي چقمق جھڙن ذهنن ۾ هي لکڻيون ضرور جاءِ والارينديون ۽ ادبي کيتر ۾ هي ڪتاب اهميت جو ڳو ثابت ٿيندو ۽ وقت جي دز هنن لکڻين کي ڪڏهن به لَــٽـي نه سگھندي.
Title Cover of book فڪر ڦرهي هٿ ۾

وقت جي تقاضا

مان يادن جي ڪمپوزنگ ڪندڙ دماغي خلين تي اڪثر چڙي پوندو آهيان ته، اُهي سنڌي اخبارن ۽ رسالن جي ڪمپازيٽرن وانگر ،19۽ 91 ۾ فرق محسوس نٿا ڪري سگھن. انهن لاءِ هڪ اکر هڪ لفظ ۽ سٽ جي ڪا اهميت ڪانهي. انهن کي اهو احساس به ڪونهي ته ڪڏهن ڪڏهن هڪ اکر يا هڪ سٽ سڄي تخليق جو روح به ٿي سگھن ٿا .... انگن اکرن جي ٿوري تبديلي وڏو فائدو يا نقصان به ڏئي سگھي ٿي، پر ڇا ڪجي .....؟
مون سان به اها مصيبت آهي ته مان به، جڏهن ڪنهن دؤر جي ڳالهه ڪندو آهيان ته، ان وقت منهنجي لاءِ اهو ڏکيو ٿي پوندو آهي ته، مان ان کي انگن جي حوالي سان ڪيئن پيش ڪيان ....؟ اُن وقت مان سوچيندو آهيان ته، مون کان اُهي عورتون به چڱيون آهن، جيڪي ڳالهه ڪندي ڪنهن دؤر جو حوالو ته ڏيئي وينديون آهن ته ، ادي ، مون کي جڏهن شبن ڄائو ته ٻي ڏينهن تي ناني صفوران رضا ڪري وئي يا جڏهن مون کي پهرين ڇڪي آئي هئي ته خدا ڏني جي زال الهاني سان ڀڄي وئي هئي ....‘
خير! پاڻ به اهڙيئي انداز سان ڳالهه ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪيون، ٿي سگھي اوهان کي سمجھه ۾ اچي وڃي .... ته پو ءِ ايئن ٿا کڻي شروع ڪيون ته، جيڪا ڳالهه مون کي ٻڌائڻي آهي، اُها ان دؤر جي آهي، جڏهن يونيورسٽي جون ڀنگياڻيون به طوطيون هونديون هيون.... دؤر سمجھه ۾ آيو اوهان کي ...؟ شايد نه آيو ...! ته پوءِ اُن دؤر جي ڪجھه وضاحت ايئن ٿي ڪجي ته جڏهن يونيورسٽي مان مامن جو دؤر ائين ختم ٿي ويو هو جيئن ڊائنوسار (DINOSAUR) وڏا ريڙهيون پائيندڙ جانور ڌرتيءَ تان آخري هڏڪيون ڏيئي موڪلائي رهيا ها ... وڏا وڏا، ڊگھا ڊگھا، ڪابولي ٻٻرن جھڙا، ڀنڀين ڏاڙهين ۽ وڏن پاچن وارا ماما، ڪي حڪومت جي جبر کان،ڪي پيِءُ مئي کانپوءِ زمين جي ورهاست جي جھيڙي ڪري، ڪي نوڪرين جي تلاش ۾، يونيورسٽي جي صفحه هستيءَ تان ميٽجڻ لڳا ها. ليڪن مامن جيڪو دؤرگذاريو هو ، چيو وڃي ٿو ته، سندن دؤر يونيورسٽيءَ جو سونهري دؤر هو، جنهن ۾ ڏينهن آزاد، راتيون آزاد، ٽهڪ آزاد ۽ سٿڻ جا پاچا آزاد هوندا هئا. ماما مڙس جبل... مهمان نواز ... يونيورسٽي ۾ سؤ مهمان لهن، پر ماما ڌڙڪ نه کائيندا ها ... سندن چوڻ هو ته، ’ماني ڪينٽين جي هاسٽل وارڊن جي، زمين سرڪار جي، حڪم اسان جو ۽ نصيب مهمان جو آهي‘.... ايئن سمجھو ته درياه دل اهڙا هوندا ها، جيئن چئبو آهي ته ابي جي گھر مهمان، اسان جي دل لوڏو ئي نه کائي ..... مامن لاءِ اهو به چيو ويندو آهي ته با ادب بامراد ها ... سڄي ملڪ سان اره زورائي، پر پڙهائيندڙ جي عزت ڪندا ها، پاڻ ۾ وڙهندا ها، پر خيال سان. ڪاپي ڪندا ها مگر لڪائي...
مامن جي موڪلائڻ کان پوءِ پيارن جو دؤر ائين آيو جيئن ٻوسٽ کان پوءِ طوفان ايندو آهي. هر شئي پنهنجي جاءِ تان هٽڻ لڳي. پيارن جي چوڻ مطابق ته، انقلاب اچي ويو هو ۽ ماڻهن جي چوڻ مطابق ته، ٿرٿلو مچي ويو هو. هاسٽلن جي ڪمرن کي عام تالن بجاءِ انٽر لاڪ لڳي ويا ها .... ڪارتوسي، پستولن ۽ سيون ايم ايم جي جاءِ تي اسٽين گن ۽ ڪلاشنڪوف اچي وئي هئي. جلوسن ۾ تاڙين جي بجاءِ گولين جي گونج سان داد ملڻ لڳو هو... پيارا، کائڻ، پيئڻ جا وڏا شوقين ها. سندن ايمان هو ته، جان آهي ته جھان آهي نه ته بندو بي ايمان آهي .... مفت جي ڪڙهائي کائي کائي پراڻي ڪال جي مئموٿ MAMMOTH هاٿين جيان ٿي پيا ها ..... ٽولن جي صورت ۾ هلندا ها ... ٽولا ڪري وڙهندا ها ... سندن خيال هو ته پيار ۽ جنگ ۾ سڀ ڪجھه جائز آ ....!
هڪ دفعي ٻه پيارا ڪئنٽين تي رات جو دير سان پهتا ... جنهن پياري تڪڙ ڪئي. تنهن کي ته گوشت جي پليٽ ملي وئي. جنهن هٿ ڌوئي آرڊر ڏنو. تنهن ڪئنٽين جي باورچي ۽ سيٺ کي سٺيون گاريون ڏئي مجبوريءَ ۾ دال ورتي ... دال واري پياري کي احساس ٿيو ته اڄ منجھس پروٽين جي ڪمي نمايان ٿيندي سو گوشت خور پياري کي پيار ۾ چيائين: ’پيارا، هڪ ٻوٽي قوم کي به ڏيو؟‘ گوشت خور پياري وراڻيس، ’نه پيارا ، قوم اڳيئي کوٽ ۾ آ.....‘
’لعنت ٿي قوم جا دشمن!‘ دال خور پياري ڪاوڙ جي چيس. ’لعنت آتوتي سامراجي سوئر!‘.... گوشت خور پياري به ٺاهوڪو جواب ڏنس. هڪدم روالور نڪري ويا، گوليون نڪري ويون. جيئن ته نوان نڪور پيارا ها. تنهن ڪري سندن نشانا، نشانن تي نه لڳا. يونيورسٽي جي تاريخي گند ۾ هن جھيڙي کي ’ٻوٽي جھيڙو‘ سڏيو ويو...
هونئن به چيو ويندو آهي ته هڪ گھر ۾ ٻه ٺڪر ضرور ٺهڪندا آهن. پر يونيورسٽي جا پيارا اهڙا ٺڪر ها، جو هروڀرو به پيا ٺهڪندا ها. آخر نوبت اتي اچي پهتي ، جو ’کڙتالي‘ پيارن، ’صالحين‘ پيارين کي ڦٿڪائي وڌو . نتيجي ۾، پلو پلاند جي ڀوَ کان کڙتالي پيارا، يونيورسٽي مان کڙين تي زور ڏئي نڪري ويا ۽ صالحين پيارا پنهنجي زخمن جي ڇٽڻ جو انتظار ڪرڻ لڳا .... انهيءَ دوران اوچتو ئي اوچتو ، ’پرين‘ جو دؤر شروع ٿي ويو .... ’پرين‘ لفظ جو رواج ڪيئن پيو ...؟ چيو وڃي ٿو ته مهراڻ يونيورسٽيءَ جو هڪ پٽيوالو جيڪو قضاالاهي سان چريو ٿي پيو. چريائپ جي عالم ۾ هر ماڻهو، ڇيڻي،ڀتر، ٺڪر کي ’پرين!‘چئي مخاطب ٿيندو هو ــ مثلن جيڪڏهن ڪنهن ڪي مٿانهس باهوڙ ڪئي ته هو کيس ٻچڪر ڏئي چوندو هو: ’پرين! ڏس مون کي نه کائجانءِ!‘
هن ديواني جو خُلق ڏسي، يونيورسٽي جا پاٺڪ به متاثر ٿيا ۽ انهن هڪ ٻئي کي’پرين!‘ چوڻ شروع ڪيو... پرين عمومن شهپري، سنهڙا، قد جا پورا پنا، سڀاءَ ۾ باندرن جھڙا، يونيورسٽي جي تيز هوائن ۾ ٿيڙ کائيندا وتندا ها. جيڪڏهن ڪو پرين ٿاٻو، کائي ڪري به پوندو هو ته، يونيورسٽيءَ جا سخت پٿر به رحم کائي کين چوندا ها: ’پرين!‘ ڌڪ ته نه لڳئي!؟‘
پرين جيئن ته ڊائيٽنگ ڪندا ها. ان ڪري مهمانن کي به ڊائينٽگ ڪرائيندا ها. شام جو ماني کائڻ جي بجاءِ ٽيليفون جون تارون چٻاڙيندا ۽ رسيور کي چڪ پايون پيا هوندا ها. مارئي هاسٽل جي ڪورٽ ڏانهن اُڇلايل اهو سندن آخري بال هوندو هو:
’باءِ گاڊ ...! جيڪڏهن اوهان مون سان نه ڳالهائيندءُ ، ته پوءِ اڄ پاڻ کي، گوريون کائي خودڪشي ڪرڻي پوندي ....! ليڪن پرين ڪڏهن به پنهنجو اهو ڪيل واعدو نه پاڙيو ... هميشه نڪ جي پڪائي سان صبح جو مختلف ڊپارٽمينٽس ۾ پيا ٿيڙ کائيندا نظر ايندا ها ... اُف! ڳالهه ڪٿان کان ڪٿي پهتي ، مونکي توهان کي اُن دؤر جي هڪ خالص ڳالهه ٻڌائڻي هئي ...
ها....‘ ته مشترڪه ۽ خاص ڳالهه مامن، پيارن ۽ پرين جي دؤر جي اهائي هئي ته: ’اچو ته بائيڪاٽ ڪريون!‘
هر جنرل باڊي جي ميٽنگ ۾ احتجاج جو اهو هڪ انداز هيو ... مامن يونيورسٽي بند ڪرائي ....پيارن ڪو نه گھٽايو .... پرين پاڻ ملهايو ... نتيجي ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل شاگرد تعليمي خودڪشيءَ جو شڪار رهيا .... چئن سالن جو ڪورس ستن سالن ۾ ٿيڻ لڳو ..... سنڌ يونيورسٽي جو نالو ’بند يونيورسٽي‘ جي نالي سان مشهور ٿيو ... وقت جي سرڪار سڳوري جيڪو چاهيو پئي، هنن اهو پاڻ پي ڪيو.
اڄ ڪنهن جو دؤر آهي ...؟ مامن جو ، پيارن جو، پرين جو يا سپرين جو ....؟ پاڻ کي ته خبر ڪونهي. پر ٻڌجي ٿو ته يونيورسٽي ۾ مامن ، پيارن ۽ پرين جي اڃان کاکڙ کوکڙ موجود آهي، جن جو ايمان اڄ به’بائڪاٽ‘ ۾ آهي. پر اهڙا شاگرد به آهن، جيڪي احتجاج جي ان خودڪشيءَ واري طريقي جي مخالفت ڪن ٿا. جياپي جي جنگ ۾ مقابلي جي خواهش رکن ٿا ۽ وقت جي تقاضا سمجھن ٿا.