سماجي معاهدو
ڀيشم، مک تي مرڪ آندي ۽ پوءِ پنهنجي وديا جي اٿاه جل مان يڌشٽر جي اُڃ اجھائڻ لڳو:
’راجن! منش جاتيءَ ۾ جڏهن حرص ۽ حوس جو انت نه رهيو ته چوڌاري انياءُ ٿيڻ لڳو. تڏهن ماڻهن گڏجي اهو فيصلو ڪيو ته جيڪو به شخص ڪنهن جو سامان چوريءَ يا زوريءَ کڻندو، زيادتي ڪندو يا ماريندو ته سڀئي ان جو گڏجي مقابلو ڪنداسين ۽ سزا ڏينداسين.‘ٿامس هابس، جان لاڪ ۽ جي جيسڪس روسو کان، گھڻو اڳ، سماجي معاهدي (SOCIAL CONTRACT ) جو تصور مهاڀارت جي اتهاسڪ پستڪ ۾ ملي ٿو ۽ دنيا جا سڀئي گڻ ايشور، فلاسافر، ڏاها ۽ سماجي ماهر انهيءَ ڳالهه تي اتفاق ڪن ٿا ته اهو انساني معاهدو هيو، جنهن انسان کي اشرف المخلوقات يا سوچيندڙ جانور THINKING ANIMAL ۽ سماجي جانور سڏرايو. اهو سماجي معاهدو هيو، جنهن برائي ڀلائي، نيڪي بدي، جزا سزا جو تصور ڏنو، انساني سماج ۾ ضابطو ۽ توازن پيدا ڪيو .... انهيءَ جي ڪري ئي انسانن مختلف سڀيتائن کي جنم ڏنو .... اهڙن انساني گروهن ۾ سنڌ واسي به هيا.
سنڌ واسين جي تهذيب ۽ تمدن جا نشان موهن جو دڙو، جھڪر جو دڙو، چانهوءَ جو دڙو، آمري جو دڙو، اڄ به اسان جي لاءِِ باعث فخر آهن ... ليڪن ڇا اسان جو، ايندڙ نسل اسان جي ڪارنامن يا ڪرتوتن تي ڪنڌ کڻڻ جھڙو ٿيندو .....؟ اسان تي فخر ڪري سگھندو ....؟ اهو هڪ سوال آهي، هر سنڌ واسيءَ لاءِ ... جڏهن ته هن وقت ايئن محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ سماجي معاهدو ٽٽي چڪو آهي .... انساني سماج ڀڄي ڀورا ٿي رهيو آهي ... اهو سماج جنهن لاءِ سماجي ماهر چون ٿا ته اهو ذات جي اظهار ۽ نسل جي تحفظ جي لاءِ وجود ۾ آيو هيو، ڇا اهو اسان وٽ موجود آهي ....؟ اسان ته اهي سڀ رسمون، قاعدا، قانون، اصول وساري ڇڏيا، جنهن ۾ ڪنهن اڙئي کي آڌار ڏبي هئي، ڏکئي جو ڏک ونڊبو هو، بکئي کي کارائبو هو، ڀلئي کي دڳ لائبو هو، اشراف لاءِ عزت هئي، ڪميني لاءِ نفرت هئي .... وڏيرا ننڍيرا، مکي، معتبر چڱا مڙس مظلوم جي مٿي تي هٿ رکندا هيا. لچ لفنگي ۽ ظالم کي ڀت برادريءَ مان ڪڍيو ويندو هو .... طرحين طرحين سزائون هونديون هيون. ڪڏهن ٿالهي ڀت بند، ڪڏهن حقو پاڻي بند، ڪڏهن ڏنڊ چٽيون ، ڪڏهن ڳوٺ يا شهر نيڪالي، ڪڏهن ڪاٺ ۾، ته ڪڏهن ڪني آڱر وڍي ڀلي، پر هاڻي، خدا جو شان آ، گڏهه خاندان آ.
اڳي ته نانگ به رستي روڪ ڪئي ته اسان کيس چوندا هياسي ’فقير! نه تون اسان جو مندو، نه اسان تنهنجا مندا، تنهنجي واٽ پنهنجي ۽ اسان جي واٽ پنهنجي!‘ نانگ کي به سمجھه پوندي هئي.سري پري جاءِ ڏيندو هو، پر هاڻي انسان رستي روڪ ڪيون بيٺو آهي .... نانگن کان به ويل آهي ... مرن کان به ڪريل آهي ... زناورن کان به چڙهيل آهي ... مسافر ويچارو پنهنجي واٽ وٺيون پيو ويندو ... شايد ڪنهن جي جنازي ۾ شريڪ ٿيڻ، شادي ۾ پير کڻڻ، ڪنهن بيمار کان پڇڻ. نوڪري وارو هيو، ٻچن کي ڏسڻ، بيمار هيو، علاج ڪرائڻ ... پر هي سڀ جا مندا ۽ ويري ... ڳٿڙ کان جھليندس، بٽ هڻندس ، گاريون ڏيندس، گھليندس ... گھر ۾ ماتم ٿيندو ... چڱا ڀلا وچ تي پوندا ...
انساني جسمن جو واپار هلندو .... سودو ٺهيو ته واپس ورندو نه ته لاش ڪنهن واه ۾، ڪنهن ڦٽل کوهه ۾، ويران جاءِ تي ڳجھين جو ڳاه ٿيندو ... ليڪن پوءِ به سڄي سماج جي بت ۾ سيسراٽي ڪو نه، درڙي ڪو نه .... ڇو ته اهي روز روز جا قصا آهن، ڪارنامه آهن .... جيئن هي قصو منهنجي پاڙي لاهوري محلي لاڙڪاڻي جي، ڇهن سالن جي يتيم ٻار راجيش ڪمار جو آهي .... صبح سويري ماءُ ٺاهي سينگاري ٿيلهڙو ڳچيءَ ۾ وجھي پنهنجي ارمانن ۽ آرزوئن سان کيس اسڪول موڪلي ٿي انهيءَ آس سا ته، .... ٻچڙو پڙهندو ..... وڏو ٿيندو ... ماءُ جا هڙئي ارمان پورا ٿيندا .... ليڪن ابهم ٻارڙو اسڪول مان اغوا ٿي ويو .... چٺي پهچي وئي .... پورا ٻه لک روپيا ڀنگ ..... ڪاڏنهن اچن ٻه لک ....؟ نتيجو .... ننڍڙي ابهم کي بي درديءَ سان ڦاسي ڏئي، ڪني کڏ ۾ اڇلايو ٿو وڃي ..... نه اڀ ڏريو، نه زمين ڦاٽي ..... ليڪن هڪڙي پٽ جي ماءُ جو اندر اڌ ٿي پيو .... هانءُ ڦسي پيو .... ذهني توازن وڃائي ويٺي ... ليڪن هت ته روز اهڙا دل خراش قصا ورجائجن ٿا ... ڪنهن جو ڀاءُ کڄي ٿو، ڀيڻ مري ٿي .. پيءُ کڄي ٿو ... پٽ کڄي ٿو ... ڪو اجتماعي فيصلو نه، معاهدو ڪو نه، شايد اکين جو پاڻي سڪي ويو آهي .... شايد سڀئي اذيت پسند تماشائي ٿي ويا آهيون، جو ايڏي ذلل کي سهاٽيون ويٺا. ايئن ٿو لڳي ته سنڌ هاڻي بي سماج نگري ۾ تبديل ٿيندي ٿي وڃي. ها، ايئن لڳي ٿو ته هي بي سماج نگري آهي .. جھلي ڪلواڙي ۾ هڪ غريب ماستر ارشاد علي ڪلوڙ کي انهيءَ ڪري ماريو وڃي ٿو جو هو ڀنگ نه ٿو ڏئي سگھي .... هڪ ٻئي ڳوٺ مان ٽن عورتن ڪريمت، رابعه ۽ ڪوڙي کي ان ڪري اغوا ڪيو ويو ته جيئن پنهنجي نفس جو پورائو ڪجي. سردار گلبهار خان جھتيال کي ان ڪري اغوا ڪيو وڃي ٿو ۽ موت ڏانهن نيو وڃي ٿو ته هو صرف سردار نه پر هڪ شريف کلمک ۽ سماجي ڪارڪن پڻ آهي. ’ٿلهو ڳوٺ جي ڊاڪٽر عبدالغني شيخ کي ان ڪري اغوا ڪيو وڃي ٿو، ته هو شهرن کي ڇڏي ٻهراڙي ۾ خدمت ڪرڻ چاهي ٿو. ٿرڙي جادو شهيد تي ڌاڙيلن چڙهائي ڪري هڪ هيڊ ماستر، چئن شاگردن، هڪ ڪلارڪ هڪ پٽيوالي کي ان ڪري اغوا ڪيو ته، جيئن سنڌ جا علمي ادارا پنهنجي موت پاڻ ئي مري وڃن ..... ’سگا‘ جي ميمبر ’علي بخش‘ لاکي کي ان ڪري اغوا ڪيو ٿو وڃي ته ڪو به ماڻهو جيئن سنڌ جي خير خواهي نه ڪري ... فوزيه ڀٽو کي ان ڪري اغوا ۽ قتل ڪيو ٿو وڃي ته جيئن ڪو به سنڌ واسي پنهنجي نياڻي نه پڙهائي سگھي .....سياسي پارٽين جا ماڻهو (هارايل يا کٽيل) ان ڪري اغوا ڪيا ٿا وڃن ته جيئن ماڻهن جو ايمان سياسي پارٽين تان کڄي وڃي ته اهي ڪو سنڌ واسين کي تحفط فراهم ڪري سگھندا .... ڌاڙيل ڳوٺ’هاشم جا ڀاڻ‘ تي ان ڪري حملو ڪن ٿا ۽ ٻاويهه ماڻهن کي بي درديءَ سان برسٽ هڻن ٿا ته جيئن ڳوٺاڻا، حڪومت جي تحفظ ڪندڙ ادارن تي ڀروسو نه ڪن ۽ اها حقيقت پڻ آهي ته هاڻي ماڻهوءَ جو ماڻهوءَ تي ڀروسو ختم ٿي چڪو آهي. اڳي چيو ويندو هيو ته وڻ وڻ تي ناهي پوندو پر ماڻهو ماڻهو تي پوندو آهي. ليڪن هاڻي ماڻهن ۾ ماڻهپو ڪاٿي رهيو آهي؟ جيڪڏهن ڪو کٽيل ڌر وٽ دانهي ٿئي ته جواب ئي کتو ’اڳي ماڻهو نه کڄندا هئا ڇا جو هاڻ اسان کي اچي ورتو اٿو ....!؟ هارايل ڌر ڏانهن ڪو عرض کڻي وڃي ٿو چهڙ ئي هڪ ’ووٽ ڏنا هيوَ جو اميد ڪري آيا آهيو‘ ... باقي رهي پوليس انهن جي اڳيان روئڻ اکين جو زيان آهي، ڇو ته بگھڙ ٿئي ڌراڙ ته رڍن جو الله واهي ....هاڻي ايئن محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ سنڌ جي سڀني سياسي، مذهبي، سماجي گرن اهو وساري ڇڏيو آهي ته ڪي انساني رشتا ناتا ۽ واسطا به ٿيندا آهن ... هونءَ به هاڻي چڱن جا پٽڪا بنڊن تي آهن، تڏهن ته ڌاڙيل چٺيون لکي شريف ماڻهن کان ڊبل گھوڙا بوسڪيءَ جا پٽڪا گھرائن ٿا ۽ پاڻ کي ’مڙس ماڻهو‘، ’جوان جا پٽ‘، ’گاڙدي‘، ’ڪونڌر‘ ۽ ’قنڌار‘ سڏرائن ٿا. ليڪن سڀئي سياسي سماجي ۽ مذهبي پيشوا ياد رکن ته جيڪڏهن انهن ڇتن ڪتن کي نه جھليو ويو، ته اهي ڪڙم جا ويري سڄي سنڌ چڪيندا ....
جيڪڏهن انهن فيل مستن کي نه روڪيو ويو ته سڄي سنڌ جي سياسي، معاشي ۽ اخلاقي ڀيل ٿي ويندي ....هاڻي ئي ڪيترا ماڻهو سنڌ کي ’دار الحرب‘ سمجھي ڀڄي رهيا آهن ۽ ڪي ماڻهو انتقام جي آڳ ۾ انڌا ٿي ساڳيو ئي ڌنڌو اختيار ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن اها انڌيرگردي ايئن جاري رهي ته پوءِ هي ڪرمن ڪٽي قوم پنهنجي موت پاڻ مري ويندي. دشمن کي ضرورت ئي نه پوندي ته اسان کي نيست نابود ڪري، ڇو ته جيڪو ڳڙ سان مرندو آهي تنهن کي زهر ناهي ڏبو.
ان ڪري بقا جو اهو آخري رستو بچيو آهي ته گڏجي سنڌ جي انهيءَ سماجي معاهدي کي ورجايون ته جيڪڏهن ڪو به ڪنهن سان زيادتي ڪندو ۽ ڪنهن کي اغوا يا قتل ڪندو ته، سڀئي گڏجي ان جو مقابلو ڪنداسين ۽ سزا ڏينداسين