تعليم جي تباهي
’قانون جوڙيندڙن کي سڀ کان وڌيڪ، نوجوانن جي تعليم ڏانهن ڌيان ڌرڻ گھرجي. تعليم جي لاپرواهي ’آئين‘ کي نقصان رسائي ٿي ....... تعليم ۽ تربيت اهڙين ڳالهين جن ۾، سڀني شهرين جا مفاد گڏيل آهن، سا سڀن لاءِ هڪ جھڙي هجڻ گھرجي.‘
جنهن جي فڪر جي ڦرهي تان اهي لفظ اڀري، هوا ۾ وکري رهيا آهن. ڪير آهي، اهو نقاد ....؟؟ اهو شخص گھڻو ڪري هيئتدان آهي، بغير دوربين جي ... ماهر حياتيات آهي، بغير تجربيگاهه جي، ماهر اخلاقيات آهي، بغير پيغمبري جي، سياسي مفڪر آهي، بغير وزارت جي ......
هي ’اٿينس‘ شهر جي عظيم درسگاهه ’لائيسم‘ جو ودوان ’ارسطو‘ آهي. شام جو جڏهن اٿينس جا معزز شهري ، سندس درسگاهه ۾ ٿيل بحث مباحثي يا تنقيد جي خبر ٻڌندا ته سندس تعميري تنقيد شهرين کان وٺي سنيٽرن تائين بحث جو هڪ وشئه بڻبي، ته تعليمي نظام کي ڪهڙين بنيادن تي بيهارڻ گھرجي .....؟ پر پاڻ انهن بد نصيب قومن مان ٿياسي، جتي تعليم کي شهرين جو حق نه پر ٿورو سمجھيو ويو ... عمارت اڏڻ لاءِ، آهيرا ئي اهڙا ڪڍياسين جو ڀت پنهنجي بنياد تي وئي. نه سڌي، نه اڀي. جو سڄي قوم جي لاءِ چڱيءَ ريت ڇپر ڇانو ٿئي .... علم جي عمارت هيٺان جن ماڻهن مٿي ڇانوَ ڪئي آهي، سرڪاري چواڻي ته، ملڪ جي آبادي جو ڪل ٽيهه سيڪڙو، پنهنجي چواڻي، ٻه سيڪڙو به ڪو نه .... ڇو ته اهڙا پڙهيل به ڪهڙا پڙهيل، جو پڙهيل ڪيل هجن چڱن ڀلن اڪيڊيمن جا، امتحان پاس ڪيل هجن سخت نظم ۽ ضبط رکندڙ ادارن جا، جڏهن به، چڱا مڙس ٿين ته اٿندي ملڪ جي وڏي قانون ’آئين‘ جو پٽڪو لاهين. چونڊيل نمائندن کي ڦاهي چاڙهائين، ڦٽڪا هڻائين، جيل اماڻين. ٻُڏن ڪو نه اڃا به ڪڏي چون ته، اهو ڪم ’ نظريئي ضرورت‘ تحت ٿيو. باقي رهيا، عام پڙهيل ادارن مان ، پوءِ انهن کي ڪهڙي پئي آهي جو عزت ڪن، فوجداري، شهري، ميونسپل ۽ ٽرئفڪ جي قانونن جي ... ڇو نه شهري هڪ ٻئي جا حق ڦٻائن، ڌاڙا هڻن، اغوائون ڪن، ناجائز قبضا ٿين ۽ حادثا پيش اچن ....
ان جو مطلب آهي ته ڪٿي نه ڪٿي خامي آ، نقص آ، لاپرواهي آ، تعليم ۾، تربيت ۾ ... تڏهن ته اها حالت آهي جو آفيس جو ڪلارڪ، اڳيان به ڪاف ته پٺيان به ڪاف .... صاحب، هيٺيان ڪار، پاڻ بيڪار ... ڊاڪٽر دوا اندر دم ٻاهر .... انجنئير پاڻ ٺهي، روڊ ڊهي .... وڪيل اهڙو جو، جوابدار ٻاهر، فريادي اندر .... سياستدان چوي ڪجھه، ڪري ڪجھه .... مولانا پاڻ نه پلي ڏوجھان جھلي .....ليڪن انهيءَ ناقص تعليم ۽ نااهليت جو ڏوهي ڪير ....؟ ذميوار ڪير ....؟ جنهن کان پڇ ته ٻئي تي آڱر اُڀي ... مينهن چئي ڳئون کي، هل ڙي پڇ ڪاري ..... حڪومت چئي اصلي تربيت ۽ تعليم ڪم والدين جو، والدين چون استادن جو، استاد چون، والدين ۽ شاگرد جو. شاگرد چون، حڪومت ، استاد ۽ والدين جو ....
والدين هانوَ تي هٿ رکي چون، ’اسان کان ڪو پڇي ته اسان ڇا نه ٿا ڪيون .... سار ۾، سنڀال ۾، اڳ ۾، پوءِ ۾، .... اسان جي آرزو ته اولاد ڊاڪٽر ٿئي، انجنيئر ٿئي، صاحب ٿئي، خوب ڪمائي، پئسا آڻي، پاڻ سنواري ... انهيءَ آرزو جي ڪري طرحين طرحين جا جتن ڪرڻ، ڦاها ڦڪڻ، پارتون سفارشون ڪرائڻ، ٽيوشن ڏيارڻ ....ڪاپي ڪرائيندي ڌڪا جھلڻ .... سليڪشن ڪرائيندي گھر ٻهارڻ .... اولاد سياست جي شوق ۾ جيل وڃي ته، اڳ ۾ دڳ ۾ ... اولي گھولي .... ايلاز مصاف، ضمانت ڪرائي، ڪيس ڳائن .... جڏهن اولاد پڙهي اچي ته ڳڻتي ۾ جھڄڻ ۽ جھرڻ .... وزيرن وٽ، اميرن وٽ .... بنگلي ٻاهران ڌاڙ گھوڙا پٽڪو سٽڪو، نوٽ هڻائڻ، نوڪريون ڏيارڻ .... اسان اڃا گھٽ ٿا ڪيون اولاد جي تعليم ۽ تربيت لاءِ .....؟
استاد چوي، ’مان ڪهڙو شاگرد کي فرش تان کڻي عرش اماڻيان ...! پاڻ ئي فرش تي پيو ليٿڙيون پايان ۽ وجود جي ويٺو جنگ وڙهان. اهڙو پهچ وارو هجان ها ته ماستري ڇو ڪيان ها. مون کي ته خبر هئي ته، گھوڙو کري ته گھه ڪري، مڙس کري ته ماستر ٿئي ــ مون ته کرڻ کان بچڻ لاءِ وڏا وس ڪيا هيا. هرهڪ هلندي پڄندي واري وٽ صدا هنيم، صوبيداري جي، سب رجسٽراري جي، تپيداري جي، روينيو ۾ ڪلارڪي جي .... پر ڳوهه ڦاٿي ڊوهه سان. ايڏن جھدن، ايڏن ڪشالن، ايڏن ڪشٽن ۽ ڏي وٺ سان مليو ته ڇا مليو ....؟! نه روب، نه تاب .... نه پئسو، نه پنجڙ ... سواسؤ شاگردن جي ڪلاس جي حاضري وٺان ته پيرڊ پورو ..... پڙهان ته اڌ چريو .... ٽيوشن نه ڏيان ته بک مران، ڏيان ته الزام سهان ... وڃان ته ڪاڏي وڃان .... ماٺ ڪيان ته مشرڪ ٿيان، ڪڇان ته ڪافر ....!
وٺو شاگرد کي ته جواب ئي نرالو، ’هڪ شاگرد، هزار سور ..... پيءُ ۽ ماءُ جي آرزو الڳ ...استاد جي آس الڳ .... سياستدان جي خواهش الڳ .... سرڪار جي سڌ الڳ ..... ڪنهن کي پرچايان، ڪنهن کي سرچايان ۽ آخر ۾ استادن جي ’اصحاب ڪهف‘ واري ننڊ ۾ خلل نه وجھان .... سرڪار سڳوري جي رکي سکي تعليمي پاليسي تي صبر ساريان .... سياستدانن جا جلسا ڪامياب ڪرايان، پمفليٽ ورهايان، چاڪنگ ڪيان، سالگرهن ۾ تاڙيون وڄايان، ورسين ۾ روئان، پٽيان ۽ آخر ۾ اهڙو علاوالدين جو چراغ ڪاڏنهن آڻيان، جو پيءُ ماءُ کي دولت جا انبار آڻي ڏيان .... انهيءَ ڪري پاڻ ’پينگھي کان قبر تائين علم حاصل ڪرڻ‘ جو مطلب اهو سمجھيوسي ته ڏوريون ويٺو ڏور، جيسين ساهه سرير ۾ .... نوڪريون آهن ڪو نه جو پڙهي پورو ڪجي ۽ سرڪار کي ستائجي ... اهليت آهي ڪو نه جو علم سان تڪڙ ڪجي ۽ پوءِ ڌنڌي جو سوچجي ۽ پيءُ ماءُ جي حسين خوابن ۾ ٽاڪوڙو وجھجي ....
تنهن ڪري سرڪار خوش، استاد خوش، والدين خوش، سياستدان خوش .... اسان خوش، قوم خوش .... خوش ئي خوش پر ڳوڙها اکين ۾ ....،
ڏسجي ته حڪومت ڏي ته حڪومت وٽ جواب، لاجواب اهڙو جو هڪ پائيءَ جي به مهڙ ڪو نه .... حڪومت ويچاري ڪري ته ڇا ڪري، هڪ حڪومت هزار ڪم .... ذري گھٽ، سڄي سال ۾ ٻه سيڪڙو بجيٽ جو تعليم تي خرچ ڪري، وڌيڪ ان لاءِ نه ڪري ته متان پڙهيل بي روزگارن جو تعداد وڌي. دانهن ٿئي، ڪوڪ ٿئي، تنهنڪريEach one Teach one هڪڙي اسڪيم لکن جي مٽ، نه واءِ نينس، نه مينهن نينس ... تعليم يافته ماڻهن جو تعداد وڌندو وڃي بنان خرچ پکي جي ... باقي جي شاگرد ۽ استاد ڪوڙا فارم ڀرين ۽ ڀرائين ته الا بلا سندن سر تي ... حڪومت انگ اکر گڏ ڪرڻ واري ۽ دنيا کي ڏيکارڻ واري، ڪا ڏچي ۾ پوڻ واري ته ڪو نه . ....!؟
سوال وري به ساڳيو ، آخر تعليم جي لاپرواهي جو ذميوار ڪير؟ ...حقيقت ۾ ڳالهه اها آهي ته ڏوهه ورهائي کڻجي ته ڳالهه ٺهي. ڏوهه سرڪار جو به، ته استاد جو به، پيءُ ماءُ جو به، ته شاگرد جو به .... جي جھالت کي در تان ڌڪي ڪڍڻوآ، اهليت کي آڻڻو آ ۽ جھموري قدرن کي وڌائڻو آ ته پوءِ سرڪار سڳوري کي گھٽ ۾ گھٽ بجيٽ جو چار سيڪڙو تعليم تي خرچ ڪرڻ گھرجي. جڏهن تعليم يافته ۽ ترقي يافته قومون پنهنجي بجيٽ جو ستن کان تيرنهن سيڪڙو تعليم جي مد ۾ رکن ٿيون .... سرڪار سڳوريءَ کي اهڙن تعليمي ماهرن ۽ استادن جي صلاحن جو آڌرڀاءُ ڪرڻ گھرجي. جيڪي خوشامندي کودڙيا نه پر جوهان آموس، وليم جيمس، جان ڊيوي، ۽ گورڊون وانگر تعليم ۽ جھموريت کي لاڳاپيل سمجھن ..... والدين جي لاءِ عرض اهو آهي ته تعليم کي واپار نه سمجھن، اولاد کي زور جي ميندي ڊاڪٽري ۽ انجنيئري جي صورت ۾ نه هڻائن، ڇو ته اها ميندي رنگ نه لائيندي پر پاڻ لڄائيندي.
استادن کي گذارش اها ته، انهن کي اهو نه سوچڻ گھرجي ته کين پگھار آهر پڙهائڻ گھرجي، پر اهو سوچڻ گھرجي ته پنهنجي نسل ڏانهن سچ، ساڃهه، هنر ۽ حرفت کي منتقل ڪرڻو آهي. جيڪو سندس قومي وجود جي بقا ۽ شناخت کي برقرار رکندو.
شاگردن کي اهو نه سوچڻ گھرجي ته تعليم صرف ڊگري جو نالوآهي. پر اهو سوچڻ گھرجي ته اها ڄاڻ آهي، جيڪا جاهل ۽ عالم، اهل ۽ نااهل جي فرق کي واضح ڪري ٿي .... جيڪڏهن هن سال، اسان سڀني اهو فيصلو ڪري ورتو ته تعليمي کيتر ۾ لاپرواهي نه ڏيکاربي ته پڪ ڄاڻو ته ڪو نااهل پيدا نه ٿيندو، جيڪو ملڪ جي آئين ۽ قانون سان هٿ چراند ڪري سگھي .....