سچ مرچان ڪوڙ ڳڙ
شاعر ’ارسٽوفينز‘ هي قصو، ناٽڪ نويس ’اگيٿون‘ جي گھر ۾ رات جي دعوت تي ’پيار‘ جي موضوع تي بحث ڪندي ٻڌائي رهيو آهي. اُنهيءَ بحث ۾ انهيءَ زماني جون عظيم شخصيتون، جن ۾ استاد سقراط، طبيب اريڪسيميڪس، روشن خيال فريڊرس، ڏکٽار، پاسنياس ۽ خوبرو جوان الڪيا بيادس پڻ شامل هيا. يونان جي انهيءَ 416 ق/م واري ٻڌايل ديو مالائي قصي تي کڻي يقين نه به ڪجي. ليڪن ان ۾ اهو ته اعتراف آهي ته مرد ۽ عورت انسان جا ٻه مڪمل حصا آهن. جنهن ۾ هڪ، ٻئي کان سواءِ اڌورو آهي .... ليڪن هن ڪمپيوٽر واري دؤر ۾ ڪي اهڙا ڳاٽي ڀڳا سماج آهن، جتي عورت کي انسان ئي تصور نه ٿو ڪيو وڃي ۽ اهڙا ڪوڙا قصا، تاريخون ورجائجن ٿيون، جنهن ۾ عورت ذات جي لاءِ نفرت، استحصال کان سواءِ ٻيو ڪجھه به ناهي .... جيڪا، عورت مرد کي ڄڻي ڏيهه ڏيکاري ٿي، تنهن کي مرد جي پاسراٽي جي پيداوار سمجھيو وڃي ٿو .... جيڪا تاتي نپائي وڏو ڪري ٿي تنهن کي زر ۽ زمين سان ملائي فساد جي جڙ ڪوٺيو وڃي ٿو .... جنهن جي ٿڻن جي ٿڃ ڌائي مرد وڏو ٿئي ٿو، تنهن کي شيطان جو شر سڏي ٿو. جت عورت سان اهو سلوڪ هجي، ورتاءُ هجي، اتي عورت پنهنجي ڄائي ڄڻي کي ڪهڙي مڪمل سماجي تربيت ڏئي سگھندي ....؟ جيڪا پاڻ احساس محرومي ۽ عدم تحفظ جو شڪار هوندي ته ايندڙ نسل کي ڪهڙي خود اعتمادي ڏئي سگھندي ....؟ اها ايئن ئي ڪندي جو ڄڻيندي ويندي، ڍنگهرن تي اڇلائيندي. سماجي نفسيات ۽ ٻار جي نفسيات جا ماهر، ان ڳالهه تي زور ڏين ٿا، ته انساني شخصيت جي انتشار جو سبب ٻار جي صحيح تربيت نه هئڻ جي ڪري ٿئي ٿو. جنهن ۾ ماءُ جو ڪردار اهم ٿئي ٿو. ليڪن جنهن جاءِ عورت لاءِ اهي لفظ استعمال ٿين ته، ’عورت ذات تي لک لعنت آ .... عورت آپير جي جتي، هڪ لاهي ٻي پائبي ..... عورت کي عقل ڏائي کڙي ۾ آ، رات جو اهو به گم .... ‘ اها موٽ ۾ ڪهڙو ڪلياڻ ڪندي؟
جڏهن ته هن صديءَ جي پهرئين ڏهاڪي ۾ ، انگلستان ۾ عورتون اهڙن لفظن ۽ ٺٺولين تي چڙي پيون هيون. هنن پارليامينٽ جي اڳيان زوردار احتجاج ڪياته عورت کي CHATTLE (شخصي ملڪيت ڳئن ۽ گھوڙن جيان) نه سڏيو وڃي ۽ نه ئي وري سندن وجود جي باري ۾ ايئن ٺٺوليون ڪيون وڃن ته ’خدا پهريائين سڄي دنيا کي تخليق ڪيو ۽ پوءِ آرام ڪيو. پوءِ هن مرد کي تخليق ڪيو ۽ آرام ڪيو. آخر ۾ عورت کي تخليق ڪيو. انهيءَ ڏينهن کان وٺي نه خدا ۽ نه وري مرد آرام ڪري سگھيو آهي ...؟‘
انهن پنهنجن حقن لاءِ ’عورتن جو سماجي ۽ سياسي اتحاد‘ نالي تنظيم ٺاهي .... نوي هزار پائونڊ چندو جمع ڪيو .... اخبار ڪڍي .... جلسا ڪيا .... رجعت پسند مردن پارليامينٽ مان ’ٻلي ۽ ڪئي‘ نالي اسپيشل ايڪٽ پاس ڪرايو ... مٿائن تشدد ٿيو .... جيلن ۾ وڌو ويو ... جلاوطن ڪيو ويو .... ليڪن عورتن جي جھدوجھد سياسي ۽ سماجي سڄاڻن جي پٺڀرائي ۾، رجعت پسندن ۽ مذهبي جنونين کي جھڪائي وڌو ..... اڄ سڀني ترقي پسند ملڪن ۾ اهو خنده پيشاني سان اعتراف ڪيو ٿو وڃي، ته سندن سماج ايستائين ترقي نٿو ڪري سگھي، جيستائين اعليٰ قدر ۽ معيار نه ٿو ڏئي سگھي، جيستائين عورت کي گھر کان وٺي، ملڪي معاملن تائين ڀاڱي ڀائيوار نه ڪيو ويندو ..... ليڪن اسان وٽ هن صدي جي ذري گھٽ آخري ڏهاڪي ۾ به عورت کي پرايو ڌن سڏيو ٿو وڃي ....
ڌيءُ ڌڻ چيو ٿو وڃي ... اسان وٽ عورت اها ئي مجبور ۽ محصور، قيدياڻي، باندياڻي، ٻڌي ٻانهي مجازي خدا اڳيان، پيءُ جي اڳيان، ڀاءُ جي اڳيان .... انهيءَ ڪري جو اسان وٽ اڃا به ڌيءُ ڌڻ هوندي آهي، رڍن جي ڌڻ جيان ..... مال جي مالڪ جي مرضي آ سودي ۾ ڏي، قرض ۾ ڏي، آڍري ڏي، وڪڻي يا ڪهي کائي ....اسان وٽ اڃا به عام عورت (خاص الخاص عورتون نه)انهيءَ حالت ۾ آهن ته:
هيڪ جيئن ته ڄاياس، ٻيو ڄاپندي جي مران،
گـھـنگـھر گـھـڻـو ٿـياس، ڄـاپـي مـاروئـڙن کـي .
پهريٽي ڄائي ته سورن ۾، نڀاڳي ليکبي .... پڻنهس کي آيو ويو، سنوڻ طور ست پادر هڻندو ته متان ٻيهر ڌيءُ ڄڻي ٿي .... هندو ڪميونٽي ۾ ٽن پٽن جي مٿان ڌيءَ ڄائي ته شهر ڍنڍورو ، مائي ، ٽکڙ ڄائي آ .... ڀڳوان خير ڪندو! ..‘ جوان ٿئي کان پوءِ جنهن کي خبر پئي نڪ کي موڙو ڏئي هليا ويندا، ’نه مائي! ٽکڙ ڪير وٺندو ...!‘ ٻهراڙيءَ ۾ ڄائي ته ڄمڻ سان سورن جي ستي ملندس .... ڪنهن انڌي ڪاڻي جي نالي ٿي ويندي .... جوان ٿي ته انڌي جو پيءُ اچي در تي بيهندو ۽ چوندو ’ ٻانهن ڏيو ...!‘ سڀ ڪو چوندو، جيڪو منجھه ازل، تنهن کي ڪير وجھي جھل .... پوءِ ٻانهن انڌي جي حوالي ۽ انڌي جي جوءِ، الله جي حوالي ....جي ڏي وٺ ۾ وئي ته به سورن سانگھارو ڪونه ٿيندس ... روز جھيڙا، روز فساد .... ڪڏهن مڙس ڳت کان وٺي پيڪي ڇڏي ايندس، ڪڏهن ڀاءُ ٻانهن کان وٺي ساهري ڇڏي ايندس ....ايئن سڄي عمر اڳيان پاڻي، پويان چڪ هوندس. پوءِ به چوندس ته ڌيءَ اها جيڪا ساهرا به ملهائي ته پيڪا به ملهائي ....جي ڏي وٺ ۾ نه وئي ته پيٽ ۾ ويندي ...پهريون پيٽ يا ٻيو پيٽ ماءُ پيءُ جو، جيئن مال آڌيارو ڏبو آ ... پيءُ ماءُ جون نظرون به پيٽ ۾، ته مڙس جون به .... ڪڏهن ٿي ٻچا ڦوڙي ته وارثي ڪيون ... جي ڌيءَ ڄائي ته پيءُ خوش، مڙس ناراض، جي پٽ ڄائو ته مڙس خوش، ابو امان ناراض ... ايئن جنڊ جي ٻن پڙن ۾ پئي ڏڏربي، چچربي، پيسبي .... پر جي منهن مهانڊي سان، هڏ ڪاٺ سان ڄائي ۽ پڻنهس آڀاڙ جو ترو ته پوءِ ٽڪن تي وڪامبي ... ملهه ٿيندو، واڪ لڳندو .... پنجويهه هزار .... پنجاهه هزار ..... ٻه جريب ٻنيءَ جا .... پوءِ پيءُ ماءُ پنهنجن ئي هٿن سان ڏاڏي جيڏي ڏگھه سان ٽنگ جيڏي ڪنوار ڪڍي ڏيندو . ....!
شهر ۾ ڌيءُ نه ٿي ڄڻ ڪني مڇي، ڪير وٺي؟ اڳيون زمانو ته ڪونهي جو ليلم پائي لڏي اچي، ور جي گھر ويهي ..... هاڻي ڪير ٿو ڏسي سگھڙائپ، رڌي جي، پڪي جي، ٽوپي جي ٽڳي جي ....؟ يا لڇڻ کي ڪير ٿو ڏسي، اٿڻ ۾ ويهڻ ۾، ڳالهائڻ ۾، ٻولهائڻ ۾، ادب ۾، اخلاق ۾....؟ هر ڪو ڏسي ٿو ڏاج کي، ڏاج ۾ ڇاهي ؟ ڪار آ يا فرج آ، ٽي وي آ يا وي سي آر آ ... پيءُ ماءُ ارڪو ترڪو ڏاج ۾ ڏئي ڌيءُ اگھائي ....مرڻ کان اڳ پٽن کي وصيعت ڪري ته توهان وري ٻين کي قرضي ڪجو ....
هيءَ ڌيءَ هئي شهر ۽ ٻهراڙيءَ جي هيٺين ۽ وچين طبقي جي، پر جي اها ڪنهن خاني، خان يا سيد وٽ ڄائي ته ويچاريءَ جو جوڙ نه ملندو، جيڪو گھرندو تنهن مان وڏ نڪرندي، اسان اُلاڻا، هو فلاڻا ....! ڪاڏهون ڳالهه ٺهي، جوڙ جتيءَ جا به ناهن ....! ڇو ته الاڻو ، الاڻي کي ڏيندو، فلاڻو فلاڻي کي ... پوءِ ويٺي ورهه ٿي ويندا، چانديءَ جون تارون پئجي وينديون ... آخر ۾ بي بي ڀلي، ڍڪي ڀلي .... ستي ٿيندي تعويذ لکندي، جڳ محتاج ... جي ڌيءَ، مڏي ملڪيت واري وٽ ڄائي ته ڄڻ پکي، پڃري جو ٿئي. ڪيئن طوطن جھڙي ڌيءَ خان، سرائي ۽ سيٺ ايئن سوني پڃري مان ڪڍي ڏي، انهن کي، جيڪي سندن ملڪيت ۾ ٻلي جيان تارا وجھيون ويٺا آهن. پوءِ جيڪا پيءُ يا ڀاءَ جي مرضي،سا الله جي مرضي ...
ڌيءُ نام نهاد غيرتي وٽ ڄائي ته ڄڻ ڪلهه مري وئي .... غيرتي هٿ وٺي پٽ کي سمجھائيندو ته، عورت آ ٺڪر جو ٿانءُ، هڪ ڀڳو ٻيو وٺبو .. جي پلاند ڪرڻو هجئي سياڻپ وارو، ته دشمن کي ماري پنهنجي ئي عورت کي ڳترا ڪري مٿان اڇلائينس. ڪارو ڪاريءَ جي ڪيس ۾ خون آيو ويو يا وڌ ۾ وڌ ٽي سال ٽيپ .... جي فيصلي ڦاڙيءَ ۾ ڏنڊ چٽيون پئجي ويا ته به پرواه ڪونهي. خون بها ۾ به عورت ئي ويندي ....گيٿ مليندي، لوڙي چوڙي پاڻ پٽيندي، تون رڳو مڙس ماڻهو ٿجانءِ، ڇو ته عورت اچڻي وڃڻي شيءِ آهي. جي کوسيري وئي ته چوٽيري ملندي، چوٽيري وئي ته کوسيري ملندي.
پر جي ڌيءَ جو الله ڀاڳ ڀلو ڪيو، مڇي ماني لائق ويڙهي ۾ ڄائي .... درئون گھرئون ور ملي ويس ، سڳو سوٽ .... چاچو، بابو سڀئي خوش ته جي گھر ۾ کڏ هجي، ته ٻهر ٻاهر ئي نه ڪڍجي... ٻئي ننڍا نيٽا، سنَ مان ساءُ پيو اچي، مڙسهنس اڃان ڪاليج پئي پڙهيو ....پيءُ ۽ چاچي جي خرچ تي يونيورسٽي ويو. پٺيان جبل جيڏيون اميدون، آسرا ... جڏهن ٻه اکر پيٽ ۾ پيس ته ڄاڻ وڌيس ته محبت ڇا آهي ....؟ زندگي ڇاآهي ...؟ سمجھه ۾ آيس ته زندگيءَ جو ساٿيLIFE PARTNER پڙهيل ڪڙهيل هجي، فارورڊ هجي، نوڪريءَ ۾ سوين هيٺايون مٿايون، صاحبن سان ته ڳالهائي سگھي، پروموشن ته ڏياري سگھي .... نوڪري مليس ته پيرن تي بيٺو، پاڻ ڀرو ٿيو ته، پـرَ لڳس ... ڏهه ڏند چوڏهن پاسيريون، اهڙي ته وڻي ويس جو فنا في المعشوق ٿي ويو ..... مٿا کٿا ڏئي عشق جي شادي Love Marriage ڪيائين .... همراهه کي هاڻي چوڻ وارو ڪير؟ ڇو ته ’سچ مرچان ڪوڙ ڳڙ ،پير پئسو زال گر، جيئن پئي آکي تيئن پيو ٽـر‘ ... انڌي محبت ۾ پويان ويس وسري، اڳيان لڳس مصري ....ترقي پسند ۽ ترقي يافته مرد نئون آشيانه اڏي ويهي رهيو، پراڻي آکيري ڏي ڏٺائين به ڪو نه ته ڪو ساهدار به سندس انتظار ۾ هوندو .... سادي سودي عورت وٽ اهي ئي اوسارا، ڍنڍڪار هڏڪيون ۽ پوءِ:
آئل ڙي او لاڻا، ڏنا جي جيجل ماءُ ..... *