سوچون سڀ ڪنهن جون
ٿيو ايئن جو سوامي بنکنڊي مهراج شري ساڌ ٻيلي واري جي هڪ سو ٻاهٺين ورسي هئي، سوز ٻروچ ، سريش راجاڻي، محمد علي پٺاڻ ۽ مان گڏجي اهو پروگرام طئه ڪيو هيوسي ته، وچين ميلي جو درشن وٺبو، جڏهن پاڻيءَ جا ڇنڊا جھليندي .... جھولي لال جا نعرا هڻندي ، بابا بنکنڊي جي اڱڻ تي پهتاسي.... اڱڻ اهو منظر پسايو ته جتي تر ڇٽڻ جيتري به جاءِ ڪو نه هوندي هئي، اتي ماڻهو تيلا تيلا لڳا پيا هيا. سڄي سنگت جو گڏيل تاثر وڃي اهو بيٺو ته، جيئن پوءِ تيئن سنڌ جي ميلن، عرسن جي رونقن کي، بدامني ، بدنظمي ۽ انتشار جو راڪاس ڳهندو پيو وڃي. هي ميلا جيڪي ميلن ميلاپن ، ڏيٺ ويٺ وڻج واپار ، روحاني ۽ دنيائي راحتن جا حيلا وسيلا آهن، سي هاڻي ختم ٿيندا ۽ موڪلائينداپيا وڃن. ساڌ ٻيلي ۾ جاين جڳهن ، مڙهين مندرن ، سماڌن ۽ آسڻن جا حال هي هيا جو سرَ سر کان جدا ٿيندي پئي وئي. پر ڪو پُرسان حال ڪو نه هيو، ڇو ته ساڌ ٻيلو تيرٿ ، حوالي آ اوقاف کاتي جي ۽ اوقاف کاتي کي ڪير چوي ته شينهن تنهنجي وات ۾ ڌپ .... ٻه ٽي جايون جيڪي منهن سامهون بيٺيون هيون. انهن مان هڪ بابا بنکنڊي وارو مندر، ٻي لائبرري ۽ ٽيون ڀنڊارو صاحب (رڌ پچاءُواري جاءِ) جن کي شيوا ڪارين پنهنجي هڙئون وڙئون يا چندو چاڙي ڪري پئي ٺهرايو آهي.انتظامي لحاظ کان مڙيئي نالي ۾ هڪ RELIGIOUS PURPOSE COMMITTIE به ٺهيل آهي، جيڪا ڇڪي تاڻي ميلن ٺيهلن جو انتظام ڪري وجھندي آهي ۽ وقت ٽپائيندي آهي ....
خير ڳالهه ڪرڻي هئي، انهي بحث جي جنهن ۾ سوز ٻروچ ور کنجي لهي پيو هيو، جڏهن اسان چڪر چاڙي هڻي، ساڌ ٻيلي جي ڪنڊ ڪڙڇ لتاڙي، هڪ ڪوٺيءَ ۾ پاڻي پيئڻ ۽ ٿڪ ڀڃڻ جي سانگي براجمان ٿيا سين . ان وقت اڃا سنگت ساڌ ٻيلي ۾ واسو ڪو نه ڪيو هيو. سريش راجاڻي کي ڪو ڏٺل وائٺل نظر اچي ويو، سو ته همراه سان ٻاهر ڪچهري ۾ مشغول ٿي ويو ۽ هيڏانهن ڪوٺي ۾ بي خبر همراهن هڪ ٻي سان حال احوال اورڻ شروع ڪيا:
’ڀلا، جھامن داس هندوستان ويو ڇا؟‘ هڪڙي ٻئي کان پڇيو.
’ها، ها! پندرهن ڏيهاڙا ٿيا اٿس، ‘ ٻي جواب ڏنو.
’توهان به تيار آهيو، ٻڌئون ٿا؟‘
’بس ڇا ڪيون، ڏسين پاڻ ٿو حالتون ... ‘ ٻي همراهه ٿڌو ساهه کڻي وراڻيو.
’ڪاڪا! اها ته زيادتي آ.... ‘ اهو وچ وارو ٽپو سوز ٻروچ جو هيو، جنهن شرطي ڏاند وانگر ٽڪ ڏسي ٽاڏ ڏني.
’ڪيئن سائين!؟‘ همراهه هڪو ٻڪو ٿي، سواليه نگاهن سان سوز ٻروچ کي ڏسڻ لڳو.
’توهان پنهنجي ڌرتي ماتا، گھر، شهر، ٽڪاڻا، مندر سڀ ڇڏيون ٿا وڃو... اڃا ڪيئن؟‘ سوز ٻروچ پنهنجي سوال جي وضاحت ڪندي چيس.
’ڀلا ڇا ڪيون سائين، آهي ڪو تحفظ؟‘
’جيستائين، تحفظ جو سوال آ، تحفظ ته ڪنهن کي به ڪونهي‘.... سوز ٻروچ جواب در سوال ڪيس.
’پر سائين، اسان سان ته ٻٽو ويل آ.... شهرن ۾ دهشتگرد، ننڍن شهرن ۾ واهڻن ۾ ڌاڙيل .... اڳي هوندو هو رڳو ڀرئي ٻيڙيءَ ۾ واڻيو ڳورو ،هاڻي ته ڀرئي سنڌ ۾ واڻيو ڳورو ٿي پيوآ‘
’ڪاڪا، ڏکين ڏينهن کي مڙس ٿي منهن ڏبو آ نه!؟
’اسان ڪچيون پنڊيون، اسان ۾ اهڙي سگھه ڪاٿي ... اڳي چيو ويندو هيو ته مڙس ماڻهو ٿجي يا وري مڙس ماڻهن جي پاڙي ۾ رهجي ... هاڻي ته مڙس ماڻهو به پٽڪو ڪڇ ۾ ڪيون، کل لڪائڻ ۾ پورا آهن. سو اسان ڪنهن جي آسري تي تڳون ....؟‘
’پر مان کي اهو ته ٻڌايو ته جنهن ڌرتي ڏانهن توهان وڃو ٿا، اها توهان کي جاءِ ڏيندي ؟ ‘ سوز ٻروچ سوال جي ڏکي ترار وهائي ڪڍيس.
’اسان سمجھئون ٿا ته اُتي ڪا پڪي ڪانهي پئي. اُتي به هاڻي لوڪل ۽ نان لوڪل جو مسئلو پيدا ٿي پيو آهي. پر اُتي هي روز روز جي هڻ هڻان ۽ کڻ کڻان ته ڪونهي نه ....‘
’حقيقت ۾ جيڪڏهن توهان اهو سوچي هتان وڃو ٿا ته، توهان نه صرف اسان سان ظلم ٿا ڪيو پر پاڻ سان نه ....
’ڪيئن ؟‘ همراهه پريشان ٿي وري سوز ٻروچ کي عجيب نظرن سان گھورڻ لڳو.
’هيڏاهن توهان ڀڳا ٿا وڃو، هوڏانهن هو ڀڳا ٿا اچن ... ٻنهي صورتن ۾ اسان کي نقصان .... تنهن کان سواءِ اوهان کي به اُتي ،اُتان جا اصل باشندا ’شرنارٿي‘ ۽ ’ٻاهريون‘ سڏيندا. اُتي به توهان کي ۽ توهان جي ايندڙ نسل کي طعنا تنڪا برداشت ڪرڻا پوندا ....
’توهان پنهنجي جاءِ تي صحيح آهيو. پر مون کي اهو ٻڌايو ته هتي به طعنن تنڪن جو گنگڻ ڳچي ۾ ناهي پيل ڇا؟‘
’پر ڪاڪا ! ڀڄڻ ڪو مسئلي جو حل ته ڪونهي؟‘
’ڀائي ! جاٿي پڄي نه سگھي ، اُتي ڀڄڻ ڪم وريامن جو ... ‘
’پر اهو ته ائين آ، جيئن ڪو کڏ مان نڪري، کوهه پئي يا کوهه مان نڪري کڏ ۾ پئي !‘ سوز ٻروچ مثال ڏيندي سمجھايس.
’ڀائي ، اهو مثال تون ايئن ڪري ڇو نه ٿو وٺين ته جنهن کي چڪ پيل آ، اهو ايئن چوندو ته چڪ کان چھنڊي ڀلي... آزار اتي به هوندو پر هتان جي ويل کان ته گھٽ هوندو .... هاڻي ڏسو ٿا ته معصوم ٻارن کي به نٿا ڇڏن.‘ ڪاڪي به مثال سان جواب ڏنس.
انهيءَ بحث دوران سريش راجاڻي به ڏٺل مان جان آجي ڪرائي اندر اچي چڪو هيو. مان مناسب موقعي جو فائدو وٺندي سوز ٻروچ کي اٿاريندي چيو:
’ٻروچ ! اهو بحث وري ٻي ميلي تي ....!‘ ڪاڪي کي آٿت ڏيندي چيم، ’ڌڻي ڀلو ڪندو ... اهو ئي رکپال آ... پتت پاون آ .... ملڪ ۾ امن شانتي ٿي ويندي ... دل نه لاهيو .‘
’پر حقيقت ۾ مان پنهنجن لفظن مان پاڻ ئي مطمئن ڪو نه هيس. انهن ٻنهي ويچار ڌارئن منهنجون متيون منجھائي وڌيون هيون. مان انهيءَ ڪشمڪش ۽ آنڌمانڌ ۾ رهيس ته ڪير صحيح هيو ....؟.
سوز ٻروچ ٿي پئي سوچيم ته، ٻروچ صحيح پئي لڳو. ۽ ڪاڪو ٿي سوچيم ته اُهو به حق تي پئي لڳو ... پر جي ٻئي صحيح آهن ته پوءِ غلط ڪير آهي ....؟