احمقن جي جنت ۾ رهندڙ ماڻهو
مهينو جنوري
ڏيهاڙا آخري
مان ’هالينڊ‘ جي شهر ’روٽرڊم‘ ۾ هيس. پوسٽ گريجويٽ ڊپلوما پئي ڪيم، ’هائوسنگ، پلاننگ اينڊ بلڊنگ ۾‘.
هڪ طرف پنهنجي پياري پاڪستان مان ڌڙا ڌڙ خطن ذريعي معلوم پئي ٿيو ته، عالم اسلام ڪر موڙي اٿيو آهي. عراق جو صدر صدام حسين آمريڪا ۽ سندس اتحادين کي ٽوٽا چٻائڻ لاءِ آذرتوآهي. اهڙي دوست جو به خط آيو، (جنهن جي نالي لکڻ جي جرئت نٿي ڪري سگھجي) تنهن ذاتي حال احوالن سان گڏ لکيو هو:
’منظور! تون ڏسندي ته عراق، آمريڪا لاءِ ويٽنام ثابت ٿيندو. صدام حسين هاڻي صحيح لائين اختيار ڪئي آ جو هن صيهونيت ۽ عيسائيت سان سنئون سڌو ٽڪر ورتو آهي.‘
ٻئي طرف هتي جيڪو ماحول پئي جڙيو، ان جو ڪجھه اندازو اخبارن پڙهڻ سان پئي ٿيو. جنوري جي پهرين هفتي ۾ اخبارن ۾ آيل جنهن ڪارٽون ڌيان ڇڪايو هو، سو هو’اوپلينڊ‘ جو. ان ۾ ڏيکاريل هو ته هڪ امن جو پيامبر، هڪ ئي هٿ ۾ زيتون جون ٽاريون ۽ تابوت کنيون اچي رهيو آهي. ان ڪارٽون جو مطلب ۽ مقصد ڇا ٿئي ٿي سگھيو، سمجھڻ وارا سمجھي ويا هوندا ....!؟
مان اتان جون اخبارون پڙهندي جنهن رد عمل ۽ ڪيفيتن مان گذرندو هوس، اهي اوهان آڏو جيئن جو تيئن پيش ڪيان ٿو:
هڪ اخبار جي سرخي جنهن پنهنجي ڌاڪڙ اخبارن جي سڪ لاٿي، سا هئي: ’دنيا پنهنجو ساهه منجھايون بيٺي آهي .....‘ منهنجي اندر مان ازخود سوال ٻنڀ ڏئي نڪتو هو، ’ڇو .....!؟‘ پوري خبر پڙهڻ کان پوءِ، جواب اهو مليو هو ته، ’گلف‘ ۾ خوفناڪ جنگ ٿيڻ واري آهي.
’اين آر سي‘ اخبار ۾ خطري جي گھنٽي وڄائيندڙ سرخي هئي: ’مغربي ثقافت خطري ۾!‘
مون کان ازخود نڪري ويو ته، پاڻ جاٿي هجئون، اتي خطرو، اتي هياسي ته، دين خطري ۾! ملڪ خطري ۾! ملان ۽ ليڊر مٿو کائي ويا ... هتي پهتاسي مس ته ويچاري مغربي ثقافت ڏچي ۾ پئجي وئي. پوءِ ته ان خبر کي بي صبرن وانگر رهڙڻ شروع ڪيم، ڪجھه توهان به حظ وٺو، لکيل هو:
’برلن جي بت ڀڳي کان پوءِ مغرب مس مس سک جو ساه کنيو هو ته سرد جنگ جو انت اچي ويو آهي. پر جڏهن ڪويت تي حملو ٿيو ته، مغرب کان اوچتو ڇرڪ نڪري ويو ته هي ڇا ...؟ ڇا مغرب وري اهڙين قوتن جي گھيري ۾ اچي ويو آهي، جيڪي اسان جي سياسي ثقافت کان نفرت ڪن ٿيون؟ جيئن ڪميونسٽن چيڪو سلاواڪيه تي حملو ڪري اسان کي ستل ننڊ مان جاڳايو هو. پر انهيءَ وقت اسان کي دير ٿي وئي هئي. هاڻي اسان کي (يورپ وارن کي) عقل ۽ دانش کان ڪم وٺڻ گھرجي ۽ پنهنجن لڪل قوتن کي تيزيءَ سان ڪتب آڻجي.‘
هڪ ٽين سرخي، جيڪا موضوع جي لحاظ کان انوکي لکي، سا هئي ته، ’دنيا جي تهذيبن کي جنونين کان بچائڻو آهي.....‘
هيءَ خبر ڊچ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي هڪ ڪامريڊياڻي جي بيان جي حوالي سان هئي، ڪامريڊياڻي جو فرمان هيو:
’اهو نعرو برابر اسان ڪنهن وقت هنيو هيوسي ته، آمريڪيو، گھر وڃو ....! جڏهن آمريڪا، ويٽنام، ڪمپوچيه ۽ نڪارا گوا ۾ مداخلت ڪئي هئي. پر اسان هاڻي آمريڪين کي همٿائينداسين ته، ڀل عراق کي تهس نهس ڪري ڇڏين. ڇو ته هيءَ جدوجھد صرف تيل جي ناهي، نه وري بين الاقوامي قانون جي پوئيواري لاءِ آهي، پر ايٽمي هٿيارن کي ختم ڪرڻ، اسرائيل کي زندهه رکڻ ۽ دنيا جي تهذيب کي جنونين کان بچائڻ جي لاءِ آهي.‘
انهيءَ پٽاڙ پڙهڻ کان پوءِ اندازو ٿيو ته يورپ جا ڪامريڊ چريا ٿيندا ته به، ميمڻن وانگر ڀتر پنهنجن گھرن ڏانهن اڇلائيندا.
ڪجھه اخبارن جا ايڊيٽوريل ته ڄڻ ماسي جنت وارا ڍيڪ هيا. سندن لکت جو مطلب هو ته، عراق جي ڪويت تي قبضو ڪيو آسمان ڪو نه ڪري پيو، ڇو ته اهو عربن جو پنهنجي مٽي مائٽي وارو معاملو هيو. پر عراق کان اهو نه ٿيو جو يورپ کي فراخدلي سان تيل مهيا ڪري. هونئن به يورپ کي تيل جي معاملي تي بليڪ ميل ڪرڻ ڪا شرافت ڪونهي ..... هڪ اخبار جي سرخي ته سنئون سڌو اعلان جنگ هئي:
’اسان کي جنگ ڪرڻي آهي ــ
هانس وان ميرلو‘
هانس وان ميرلو، ڊچ پارليامينٽ جو ميمبر ۽ حڪومت ۾ شامل جماعت ’ترقي پسند لبرل‘ جو اڳواڻ هو. تنهن ’هيگ‘ شهر ۾ ٺڪي ٺوڪي اعلان ڪيو ته، ’جيڪڏهن جنگ جو فيصلو تيل جي ڪري ڪرڻو آهي، ته به اسان کي ڪرڻو آهي. جيڪڏهن اسرائيل کي بچائڻو آهي، ته به ڪرڻو آهي. جيڪڏهن عراق کي ايٽمي طاقت ٿيڻ کان روڪڻو آهي، ته به ڪرڻو آهي ....!‘
مان ان مان اندازو ڪري ورتو هيل اسان جي محبوب صدر صدام حسين سان گھٽ نه ٿيندي. يورپ ۽ آمريڪا وارا گڏجي سڏجي هن جي ڇنڇري ضرور لاهيندا. پر ٻين دوستن جيان هڪ سادي سودي مسلمان جي حيثيت سان ان معجزي تي به يقين هو ته آخري فتح مرد مومن صدام جي ٿيندي. جي نه به ٿي ته، تباهي ۽ بربادي، شرمساري ۽ ذلت ته اتان جي عوام جي حصي ۾ ايندي ..... اسان جو ڇا ....!؟ کٽيءَ جي گھران وئي شُو ......!