سوچ جا ساگر
انسان سوچ جو ساگر آهي، جنهن ۾ هزراين خيال ڇولين وانگر ڇلندا رهن ٿا، ور ور ڏئي اٿلي پون ٿا، هيڏي هوڏي گرداب جئين ڦرندا وتن ٿا.
انساني سوچن جي بحر بيڪران کي ڪير آهي جو پابند سلاسل ٿو ڪري .....؟ ڪير آهي، جيڪو سندس سوچن تي پهرو ٿو هڻي .....؟ کائنس سوچڻ جو حق ٿو کسي .....؟!
انهن سڀني سوالن جو جواب اهو آهي ته اهو به انسان ئي آهي، جيڪو ائين ڪري ٿو. جيڪو نٿو چاهي ته سندس هم ذات، هم نفس به انسان چورائي ۽ سوچيندڙ جانور سمجھيو وڃي. انهيءَ عمل جي پٺيان به انسان جي خودنمائي ۽ خودپسنديءَ وارو عمل آهي. ڇو ته هر سوچ جو نتيجو عمل هوندو آهي ۽ هر عمل جي پٺيان انساني سوچ ڪار فرما هوندي آهي. سوچ منفي به ٿي سگهي ٿي، سوچ مثبت به ٿي سگهي ٿي. هي لڙايون، هي جھيڙا، هي اڳرايون، هي اره زورايون، هي ٺڳيون، هي دولاب، هي محبتون، هي قربتون، هي دوستيون، هي همدرديون، اهي سڀ ڪجهه ڪنهن نه سوچ جو عملي اظهار آهن.
ليڪن جنهن به سماج ۾ انساني سوچ آزاد آهي ۽ اجتماعي حيثيت سان کيس وڌڻ ويجھڻ ڏنو ٿو وڃي، اتي انسان مادي غير مادي ثفاقت کي انتهائي عروج تي پهچايو . جنهن سماج ۾ صرف چند ماڻهن کي سوچڻ جو حق ڏنو ويو، اهو سماج چند ماڻهن جو محتاج ٿي ويو. هڪ هٽيون قائم ٿيون .....چند ماڻهن، گروهن، گهراڻن پاڻ کي ’عقلِ ڪل‘ سمجھيو ...! سندن ئي سوچ، هر زهر جو تياق، هر بيماري جو علاج سمجھيو ويو. عام انسان کي صرف پيرڙيو ۽ پوئلڳ سمجھيو ويو .....پيرڙين، پوئلڳن، مريدن، خادمن مان ڪنهن به انحرافي ڪندڙ کي سزاوار ٺهرايو ويو.قانون جي تحت، مذهب جي تحت، روايتن جي تحت ..... عجيب الزامن سان، ڪفر جي فتويٰ سان، غداريءَ جي خطابن سان، مگر انساني سوچ جو سفر جاري ۽ ساري آهي. انسان جيڪو ڪڏهن ’هومو هيبلس‘ جي ارتقائي منزل تي هيو ته به سوچيو هيائين ..... جڏهن ’هومو سيپينس‘ جي منزل تي آهي ته به سوچي ٿو ..... مختلف سماجن ۾ مختلف انداز سان ..... ڪٿي ڀَـلو ڪٿي ڍلو ..... ڪٿي تيز ڪٿي آهستي .....
اسان وٽ به ماڻهو سوچي ٿو. توڙي جو هتي به سوچن تي پهرا آهن، فتوائون آهن، سزائون آهن، روايتن جون رنڊڪون آهن، سياسي،سماجي ، ۽ ثقافتي شخصيتن جون هڪ هٽيون آهن ..... اسان جھڙين هٿ ٺوڪين ڏاهن، فلسفين، ايرن غيرن، نٿو خيرن جون هٺ ڌرميون آهن. جن کي پنهنجين سوچن، نظرين، فلسفن کي گھر ويٺي سڄي ديس جي ماڻهن تي مڙهڻ جو شوق هوندو آهي. اُن شوق جي پٺيان هڪ آرزو هوندي آهي پاڻ وڻائڻ جي، ڏاهي ٿيڻ جي، معتبرائپ ۽ مهنداري جي ......
اسان گهڻو ڪجهه عام کي گھوٽي پيارڻ جي ڪوشش ڪئي سي پر ڪڏهن اهو به ڄاتوسي ته عام به انسان آهي، انهن وٽ به سوچ جو سفر جاري آهي ..... آهستي يا تيز، ليڪن آهي سهي ...... سندن ذهن ظاهر ۾ ته وساميل رکَ جا ڍير سهي، ليڪن اندر چڻنگان دٻيون پيون آهن. جڏهن به وقت جي واءَ رک کي وائريو ته اهي چڻنگون ڀنڀٽ ٿي وينديون .....
تنهن ڪري صرف پنهنجي فلسفي، پنهنجي ڏاهپ، پنهنجي عقل، سوچ ۽ سمجھه کي ٻين جي مٿان ٿاڦڻ انصاف ناهي. رياڪاري آهي.
انهن کي به سمجھڻ گهرجي، جيڪي ريل تي، بس تي مسافري ڪندي، کيت يا ڪارخاني ۾ ڳهندي، ڪنهن بي انصافي يا اڻ برابريءَ کي محسوس ڪندي سوچيندا آهن ۽ مخلتف اندازن ۾ اظهار ڪندا آهن.
پاڻ کي پنهجيون اجاره داريون ختم ڪرڻ گهرجن، ٻين کي به ٻُڌڻ گهرجي ته اُهي ڇا ٿا سوچين ۽ محسوس ڪن.