مُهاڳ : تاج جويو
ڪنهن دور ۾ سنڌ جي قومي دانشور، عبدالواحد آريسر، سانگهڙ ضلعي کي ’سنڌ جي تاريخ جو ڳاڙهو ٽُٻڪو‘ سڏيو هو. هُن اها ڳالهه سانگهڙ ضلعي اندر سوين حُرن جي شهادتن ۽ انگريز سامراج جي ٿنڀن؛ ليوڪس، تروٽ ۽ ٻين کي ڏينهن جا تارا ڏيکارڻ جي حوالي سان ڪئي هُئي. پر آءُ جڏهن سڄيءَ سنڌ تي نظر وجهان ٿو ته مون کي سنڌ جو هر خطو، بلڪ سڄي سنڌ، دنيا جي تاريخ ۾ ڳاڙهو ٽُٻڪو نظر اچي ٿي. سنڌ جي صدين جي تاريخ موهن جي دڙي يا اُن کان به اڳ آمري ۽ مهر ڳڙهه کان وٺي ڍولا ويرا تائين رت جي درياهن ۾ وهنتل محسوس ٿئي ٿي. پوءِ به هن ڌرتيءَ جي مٽيءَ، ماڻهوءَ ۽ تهذيب ۾ الائي ڪهڙي سگهه موجود آهي، جو هيءَ ڌرتي، اُن جو ڪلچر ۽ اُن جا ماڻهو، پُنر جنم وٺي وري ساڳي سگهه ۽ سوڀيا سان، هن دُنيا جي گولي تي اُڀري اچن ٿا. موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ مان مقتولن جي لاشن جي اڃا ’سائنسي کوج‘ نه ٿي آهي.اڃا ڪاهوءَ ۽ چانهونءَ جي دڙن ۾ دٻجي ويل انسانن جي کوپڙين ۽ عُضون جي ڊي. اين. اي ٽيسٽ نه ٿي آهي. اڃا سنڌ جي الائي ڪيترن دڙن، ڀِڙن، ماڳن، مڪانن ۽ وسندين واهڻن جي تاريخ تي دنيا جي نظر نه پئي آهي. سنڌ جي ٻاڙيءَ ٻاڙيءَ ۽ هن ڌرتيءَ جي اوڙ اوڙَ ۾ شهيدن جو لال لهُو سمايل آهي. هن ڌرتيءَ جي واريءَ جي ڪڻن ۽ ڌُوڙ جي داڻن ۽ ڪَڻ ڪَڻ ۾ ڪيئي ڪهاڻيون موجود آهن. حُب الوطنيءَ جون، بهادريءَ جون، سامُن تي سِر ڏيڻ جون، لوئيءَ ۽ لڄ جي بچاءَ جون سوين آکاڻيون موجود آهن. هن ديس جي دُولهن ۽ دودن هر دور ۾ سِرن جا نذرانا ڏئي، مِٽيءَ ماءُ جو ڳاٽ اُوچو ڪيو آهي ۽ پُڻ پنهنجو نالو سنڌ جي تاريخ ۾ سج جي روشني ۽ چنڊ جي چانڊوڪيءَ جيان قائم رکيو آهي.
سنڌ صدين کان شاهوڪار وطن رهي آهي. سنڌوءَ جي سدا حيات پاڻيءَ هن سرزمين جي ٻاڙيءَ ٻاڙيءَ کي آباد ۽ سيراب ڪيو آهي. سنڌو درياهه اسان جي حيات جو ضامن آهي. سنڌوءَ جي ٻنهيءَ ڪنارن تي آباد انسانن پنهنجي وطن کي سرسبز ۽ شاداب رکڻ لاءِ، هر هاڪاري ۽ حملي آور سان مُهاڏو اٽڪايو آهي ۽ مات کائي به جيت حاصل ڪئي آهي: تڏهن ئي شايد سنڌ جي سدا حيات اديب موهن ڪلپنا چيو هو: ’جو مارڻ سان نٿو مري، سو سنڌي آهي‘
اسان جي نوجوان ساٿي علي نواز آريسر هن ڪتاب ۾ جن ٽيهارو شهيدن جا پروفائيل، خاڪا ۽ ڪردار چِٽيا آهن، سي سنڌ جي صدين جي تاريخ ۽ ساڃاهه جي اُهڃاڻ، علمبردار ۽ ارڏي انسان: سائين جي. ايم سيد جا فِڪري پيروڪار رهيا آهن. هنن پُٺيءَ ۾ گهاون کائڻ بدران سيني تي وار سَٺا آهن. لال لهوءَ جي سرگم تي رقص ڪندڙ انهن شهيدن جا چهرا جڏهن اکين آڏو تري اچن ٿا ته هڪدم سِر جُهڪي سندن قدمن جي پيزار چُمڻ چاهي ٿو. هُو شينهن بدن بشير خان قُريشي: هُو موتيي ۽ رابيل کان اُجري من وارو شخص قيوم منگي: هُو ڪارونجهر جي رُوپلي ڪولهيءَ واري جُرئت جو سُمبل سڪندر سُومرو: هُو معصوم مُکڙيءَ جي مُرڪ جهڙو نوجوان نور الله تُنيو: هُو پِرهه جي پاندن ۾ ساهه کڻندڙ نوجوان رُوپلو چولياڻي. هُو ٽوڙيءَ جا سرموڙ شهيد- عبدالمالڪ خُشڪ، ذڪريا ميمڻ، امان الله وسطڙو ۽ انور عباسي. هُو حليم باغيءَ جي شاعريءَ جهڙي حسين جوڙي: رضا محمد بنگلاڻي ۽ ڪمال راهمون، هُو سنڌ جو منگل پانڊي سميع الله ڪلهوڙو، يا سندس نقشِ قدم تي هلندڙ مظفر ڀُٽو يا هُو منهنجو سينٽرل جيل جو ساٿي، مُٺ تي سگريٽ پيئندڙ ۽ وردي پوش سُفاڪن هٿان شهيد ٿيندڙ ’مستانو سنڌي‘ يا منهنجي ساهه جو سڳو سرائي قربان کهاوڙ ۽ ٻيا سڀ آسمانِ سنڌ جا ننڍا وڏا ستارا ۽ سيد جي قافلي جا ڳڀرو نوجوان، جن جو هن ڪتاب ۾ ذڪر ڪيل آهي. اسان جي محبتن ۽ سجدي گاهه جو مرڪز آهن. سچ پچ منهنجي نوجوان ساٿي علي نواز آريسر هنن شهيدن جي سيرت نگاري ۽ صُورتگري ڪندي، پنهنجي رُوح جو سمورو تقدس پنهنجي تحرير جي سِٽ سِٽ ۾ سمائي هيءَ خاڪا تخليق ڪيا آهن.
لِکڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي، پر سِٽ سِٽ ۾ ساهه وجهڻ هر ليکڪ جو ڪم ناهي. مون کي پڪ آهي ته جيڪو به شخص، هن ڪتاب ۾ شامل هڪ هڪ شهيد جو خاڪو پڙهندو، اُهو مون سان شامل راءِ ٿيندو ته هيءَ ڪتاب لکڻ واري پنهنجي من جون سموريون سچايون ۽ سُهڻايون، سِٽن جي سينڌ ۾ اوتي ڇڏيون آهن ۽ دُنيا کي واضح ڏيکاريو آهي ته:
سدا اُڀريا سنڌ ۾، آنڌيءَ جيئن انسان،
وڙهندي مُڙس مهان، مٽيءَ منجهه سمايا.
ها، مون پنهنجي اُن يارَ کي ته ياد ئي نه ڪيو آهي، جيڪو خوبصورت ٽوپي، چاپئين ڏاڙهي ۽ وٽيل شهپرن سان جڏهن اسٽيج تي اچي ’قومي گيت‘ پڙهندو هو ته محسوس ٿيندو هو ته هي راجا ڏاهر، دودي سومري ۽ رُوپلي ڪولهيءَ جو ڪو ٻيو رُوپ آهي. ماڻهو چون ٿا ته هُو قبائلي دُشمنيءَ جو شڪار ٿي ويو- ڪير ٿو چئي؟ هُن ته پنهنجي قاتل سَرو چانڊيي کي به، (جڏهن هُو جيل اندر زخمي حالت ۾ قيد هو) تڏهن هن پنهنجو ريٽو رَت کيس ڏنو هو ته من هُو بچي، من هُن ۾ ساڃاهه اچي، من هُو انسان ٿئي ته جيئن هُو پنهنجي قبائلي جهيڙن ۾ ضايع ٿيندڙ سگهه، سنڌ جي آزاديءَ واري سپني جي ساڀيان لاءِ ڪتب آڻي. هُو ڄام خان، جنهن کي اصلي نالي بدران هرڪو ’زخمي‘ واري رُوپ ۾ ئي سُڃاڻندو هو، هُو سيد جو اوتروئي فِڪري ۽ سچو پوئلڳ هو، جيترا هي سمورا شهيد آهن.
هُن اُنهيءَ علائقي ۾ عورتن جي تعليم لاءِ اسڪول کوليو، جتي هر نياڻيءَ جي مٿان ’ڪارو ڪاريءَ‘ جي تلوار لٽڪيل هئي. هُن پنهنجي نياڻيءَ کي پالي، تاتي جوان ڪيو ۽ هن پنهنجي قائم ڪيل اسڪول ۾ ماسترياڻي بڻايو ۽ راڪيٽ لانچر جي پهري ۾ هلندڙ قبائلين جي نياڻين، جڏهن ’الف انب‘ بدران ’الف انقلاب‘ پڙهيو ۽ ’سين سانُ‘ پڙهڻ بدران ’سين سنڌ‘ پڙهڻ شروع ڪيو ته قبائلي سماج جي ٺيڪيدارن سَرو چانڊيي هٿان کيس شهيد ڪرائي ڇڏيو. پر ياد رهي ته ’زخمي چانڊيي‘ جي هيءَ عِلمي لاٽ، اپر سنڌ جي قبائلي جاهليت وارن رواجن کي ضرور دفن ڪندي ۽ اُن خطي ۾ عِلم جو عَلم بُلند ٿيندو ۽ سنڌ جي سُڀاڻي واري آجپي جي حقيقي منزل اَوس ويجهڙي ٿيندي.
تاج جويو
حيدرآباد
30 نومبر 2013ع