ايڪويهين صديءَ جو باغي شاعر : شهيد زخمي چانڊيو
زخمي 1984ع کان شـاعـري شروع ڪئي. شاعريءَ ۾ نامور شاعرن نـثـار بـزمي ۽ سـرڪـش سـنـڌيءَ کان اصـلاح ورتـائيـن. سندس شاعريءَ ۾ رومانوي رنگ به آهي، پر مجموعي طرح سندس شاعري ڌرتيءَ جي پيار سان سرشار ۽ مزاحمتي آهي. 1991ع ۾ سنڌي ادبي سنگت ڊکڻ جو بنياد وڌائين. سنڌي ادبي سنگت شڪارپور جو ضلعي رابطا سيڪريٽري به رهيو. ان کان سواءِ سچوا سنڌ جو مرڪزي نائب صدر ۽ مرڪزي سيڪريٽري، آل سنڌ ريسورس پرسن تنظيم جو مرڪزي اڳواڻ، استادن جي تنظيم گسٽا ضلعي لاڙڪاڻي جو پريس سيڪريٽري ۽ هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جو نهايت سرگرم ڪارڪن رهيو. 1996ع کان لاڙڪاڻي ۾ مستقل رهائش اختيار ڪيائين. زخميءَ کي مزاحمتي شاعري ڪرڻ تي بغاوت جو ڪيس داخل ڪري کيس جيل به اماڻيو ويو، پر هو پنهنجي مزاحمتي رنگ کان باز نه آيو ۽ سڄي سنڌ جي مشاعرن ۾ شرڪت ڪري، پنهنجي سُر ۽ مزاحمتي رنگ سبب داد حاصل ڪندو رهيو. سندس شاعريءَ عوامي رنگ جي هجڻ سبب ڪافي مقبوليت ماڻي ۽ سندس شاعريءَ کي سرمد سنڌيءَ سميت سنڌ جي ڪيترن فنڪارن ڳايو آهي.
زخمي چانڊيو فڪري طور سائين جي. ايم سيد جو پوئلڳ هو ۽ سندس شاعري توڙي لکڻين ۾ قومي پرچار گهڻي نظر اچي ٿي. هيءُ شروع کان وٺي قومي تحريڪ سان لاڳاپيل رهيو، پر ڪڏهن به عهدي وغيرهه جي لالچ نه ڪيائين، عام ڪارڪن طور جهر جهنگ جهاڳيندو ۽ آزاد سنڌوديش جو پيغام پهچائيندو رهيو. سندس شاعري قومي محفلن جو حصو بڻجي وئي هُئي، سندس قلم جي بيباڪيءَ کان رياست گهڻو خوفزدهه هُئي، جنهن ڪري کيس تمام گهڻو تنگ ڪيو ويو. پاڻ شروع کان وٺي آخر تائين آدرشي انسان رهيو. پيشي جي لحاظ کان هاءِ اسڪول ۾ استاد رهيو. هو سرگرميءَ سان جدوجهد جو نه رڳو قائل هو، پر ان تي عمل پيرا به رهيو. ڪافي وقت تائين تعليم کاتي ۾ سُپروائيزر طور ذميواريون نڀايائين، پر ارڏي ۽ صاف گو هئڻ سبب کاتي جي اعليٰ عملدارن جا ساڻس اختلاف رهيا، جنهن ڪري کيس ڏوراهن علائقن جي اسڪولن ۾ کيس بدلي ڪيو ويندو هو، پر هيءُ محبتي انسان جتي به ويندو هو، محبتون ماڻيندو ۽ قومي پرچار ڪندو رهندو هو. هن اعليٰ عملدارن جي اهڙي رويي تي سيڪريٽري تعليم مهتاب اڪبر راشديءَ خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس به داخل ڪيو ۽ ٽن مهينن جي دربدريءَ بعد شيخ زيد هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ مقرر ٿيو. هن پنهنجي ڳوٺ جي نياڻين کي پڙهايو ۽ جواب پور جهڙي قبائلي ذهنيت واري ڳوٺ ۾ ڇوڪرين جو اسڪول کولرائي، هڪ نياڻيءَ کي اُستاد مقرر ڪرايو، پر قبائلي ذهنيت رکندڙ سندس عزيزن ان جي مخالفت ڪئي. زخمي چانڊيو جيئن ته هڪ خوددار انسان هو ۽ ڪنهن جي به آڻ نه مڃيندو هو. جڏهن رياست ڏٺو ته هيءُ ارڏو انسان ڪنهن به صُورت ۾ جهُڪڻ لاءِ تيار ناهي، ته هُنن ديسي دلالن هٿان کيس راهه تان هٽائڻ جي رِٿ رِٿي ۽ قبائلي ذهينيت رکندڙن هٿان کيس 24 آڪٽوبر 2000ع تي لاڙڪاڻي ۾ ڏينهن ڏٺي جو اسڪول ڏانهن ويندي، هٿياربندن هٿان شهيد ڪرايو. سندس آخري آرامگاهه اباڻي قبرستان جواب پور ۾ واقعي آهي.
زخمي چانديي کي عملي جدوجهد جي مڃتا طور سنڌي ادبي سنگت مرڪز طرفان بهترين رابطا سيڪريٽري طور ’سدا حيات فهيم فاروق عباسي‘ اوارڊ، سچوا مرڪز طرفان ’بهترين سماجي اڳواڻ‘ استاد بخاري ادبي فورم، لاڙڪاڻي پاران ’استاد بخاري اوارڊ‘ سميت کيس ٻيا به ڪيترا اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ مڃتا طور مليا. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپجندڙ ماهوار رسالي ’ادب‘ جو خاص نمبر زخميءَ جي نالي سان مڃتاطور شايع ڪيو ويو.
زخميءَ جي شاعريءَ جا ٻه ڪتاب: (1) شهر شهر زخمي (سال: 2001ع) ۽ (2) ڏاڍو ساريندين (سال: 2004ع) شايع ٿيل آهن. زخمي چانڊيو شاعر سان گڏ سٺو ڪهاڻيڪار به هو، سندس ڪهاڻيون به قومي ۽ سماجي مسئلن تي لکيل آهن. سندس پونئيرن وٽ ڪتاب جيترو شاعريءَ جو مواد موجود آهي ۽ آئون يقين سان چوان ٿو ته جڏهن به سندس شاعري ڇپي ته هڪ ڀيرو ٻيهر قومي ڪارڪنن جي ضمير کي جهنجهوڙي جاڳائيندي.آئون سندس ئي سِٽن سان کيس ڀيٽا ڏيان ٿو.
هن سِر ۾ جيسين ساهه اٿم، آزاديءَ ۾ ويساهه اٿم،
هڪ وارث سنڌ جو سيد آ، ٻيو وارث ڀِٽ جو شاهه اٿم.