شخصيتون ۽ خاڪا

قومي تحريڪ جا شهيد

ڪتاب ”قومي تحريڪ جا شهيد“ ليکڪ علي نواز آريسر جو سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ شهيد ٿيل سنڌين جي خاڪن ۽ سوانح تي مشتمل آهي.

تاج جويو لکي ٿو :
”اسان جي نوجوان ساٿي علي نواز آريسر هن ڪتاب ۾ جن ٽيهارو شهيدن جا پروفائيل، خاڪا ۽ ڪردار چِٽيا آهن، سي سنڌ جي صدين جي تاريخ ۽ ساڃاهه جي اُهڃاڻ، علمبردار ۽ ارڏي انسان: سائين جي. ايم سيد جا فِڪري پيروڪار رهيا آهن. هنن پُٺيءَ ۾ گهاون کائڻ بدران سيني تي وار سَٺا آهن. لال لهوءَ جي سرگم تي رقص ڪندڙ انهن شهيدن جا چهرا جڏهن اکين آڏو تري اچن ٿا ته هڪدم سِر جُهڪي سندن قدمن جي پيزار چُمڻ چاهي ٿو.“
Title Cover of book قومي تحريڪ جا شهيد

اڳيان اَڏِين وٽ، پَوين سِر سَنباهِيا! : شهيد نور ا لله تُنيو

نُورالله تنيو، جنهن جي وات مان اڃا ماءُ جي ٿڃ سُڪي ئي نه هُئي ته اُن کان وڌيڪ امڙ ڌرتيءَ جي ٿڃ ملهائڻ لاءِ نڪري پيو. سنڌ جون مائرون پنهنجي ٻچن کي لولي ڏيڻ مهل اهو نه آهن چونديون ته منهنجو پُٽ وڏو ٿي ڊاڪٽر ٿيندو، انجنيئر ٿيندو، بلڪه اهو سبق پڙهائينديون آهن ته منهنجو پُٽ وڏو ٿي هوشو ٿيندو، هيمون ٿيندو، دريا خان ٿيندو. ننڍپڻ ۾ ٻارن کي پڙهايل پنهنجي امڙين جو اهو سبق هميشه انهن ٻارڙن جي ذهن تي نقش ٿي ويندو آهي. اهڙيءَ طرح جڏهن اهي ٻار وڏا ٿيندا آهن ته انهيءَ لوليءَ جو سڏ ورنائڻ خاطر ميدان ۾ لهي پوندا آهن. نُورالله تنيو به اهڙن نوجوانن مان هڪ هو، جيڪو پنهنجي امڙ جو سڏ وَرنائيندي شهادت جهڙي عظيم رُتبي کي پُهتو.
نُورالله تنيو عُمر جي لحاظ کان شهيد هيمون ڪالاڻي ۽ ڀڳت سنگهه جو تسلسل آهي، جن کي شهيدن جي ٽِمورتي به چئي سگهجي ٿو. ڇو ته ٽنهيءَ ۾ هڪجهڙائي اها هئي ته ٽيئي پنهنجي پنهنجي وطن جي آزاديءَ جي ويڙهه وڙهندي شهيد ٿيا هئا ۽ ٽيئي ڀرپور جوانيءَ ۾ شهيد ٿيا هئا. وڏي ڳالهه اها آهي ته ٽيئي وڏي بهادريءَ سان وڙهيا هئا ۽ للڪار ڪري وڙهيا هُئا.
هوشو هڪ هُيو، هر هڪ هوشو آهه اڄ،
مٽيءَ مَانُ لڌو، سائي ٿي ڪُک سنڌ جي.
(تنوير عباسي)
سنڌ جي هن بهادر ڪارڪن نُورالله تنيي 1985ع ڌاري شهدادڪوٽ ۾ استاد نيڪ محمد تنيي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد پيغمبري پيشي سان لاڳاپيل هو، جنهن ڪري هُن پنهنجي اولاد کي پڙهائڻ ۾ ڪا ڪسر باقي نه ڇڏي هُئي، پر کيس اها خبر نه هُئي ته نورالله کي سنڌ جي عشق اهڙو ته سبق پڙهايو آهي، جو هي ظاهري عِلم جي حاصلات کان گهڻو اڳتي نڪري چڪو آهي. هن شروعاتي تعليم شهداد ڪوٽ مان، مئٽرڪ ۽ انٽر جو امتحان لاڙڪاڻي مان پاس ڪري بي. ايس. سي جو امتحان امتيازي حيثيت سان پاس ڪيو. نُورالله جو قومي سياست ڏانهن لاڙو ننڍپڻ کان ٿيو، ڇو ته سندس چاچو الطاف تنيو فڪر جي.ايم سيد سان لاڳاپيل هو، وٽس قومي ڪارڪنن جي اچ وڃ هوندي هُئي ۽ انهن جي ڪچهرين مان هن سيد ۽ سنڌ کي ويجهي کان ڏٺو، پرکيو ۽ محسوس ڪيو هو. انهن ڪچهرين سندس ذهن تي اڻمٽ نشان ڇڏيا هُئا، اهڙيءَ طرح کيس گهرو ماحول قومي تحريڪ ڏانهن مائل ڪيو . اُن بعد جڏهن سرائي قربان سان ويجهڙائي ٿيس ته سرائي جي دوستي هن کي مُڪمل نظرياتي بڻائي ڇڏيو ۽ ’جيئي سنڌ قومي محاذ‘ ۾ شموليت ڪري ڪم ڪرڻ لڳو، بعد ۾ جڏهن سرائي قربان ’جيئي سنڌ متحدهه محاذ‘ ۾ شموليت ڪئي ته هيءُ به ساڻس ’جسمم‘ ۾ شامل ٿيو ۽ سرائي جي شهادت کانپوءِ کيس ’جسمم‘ جو سينيئر وائيس چيئرمئن مقرر ڪيو ويو. نُورالله نهايت ئي محنتي ورڪر هو ۽ گهڻو وقت قومي ڪمن ۾ صرف ڪندو هو . هن جو گهڻو وقت سرائي قربان ۽ رُوپلي سان گڏ گُذرندو هو.
نورالله 21 اپريل 2011ع تي سرائي قربان، رُوپلي چولياڻيءَ سان گڏ سنڌ جي تنظيمي دوري تي وڃي رهيو هو ته سانگهڙ_کپري روڊ باکوڙي موريءَ وٽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن هٿان شديد زخمي ٿيو. ان دوران سندس ساٿي شهيد ٿي ويا، پر نُور الله بچي ويو هو، اُن وقت هن نهايت ئي بهادريءَ جو مظاهرو ڪيو هو ۽ وڏي آواز سان آزاد سنڌوديش جا نعرا هڻڻ شروع ڪياهُئائين، سندس نعرن جي گُونج ٻڌي مقامي ماڻهو وٽس ڊوڙي آيا، جن کي هن ٻڌايو ته اسان جيئي سنڌ جا ڪارڪن آهيون ۽ تنظيمي دوري تي وڃي رهيا هئاسين ته رياستي دهشتگردن اسان مٿان حملو ڪري اُنڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ منهنجا دوست شهيد ٿي ويا آهن. جڏهن مقامي ماڻهن اهو ٻڌو ته هُو جيئي سنڌ جا ڪارڪن آهن ته اُنهن فوري طور تي کيس اسپتال پهچائڻ چاهيو، پر هن اُنهن کي چيو ته توهان مان ڪنهن وٽ موبائل هُجي ته هنن نمبرن تي اطلاع ڪريو، واضح ڪندو هلان ته نورالله جو اُن وقت سينو گولين سان پروڻ ٿيل هو ۽ سندس چيلهه کان هيٺيون حصو مڪمل سڙي ختم ٿي چڪو هو، پر هن جو حوصلو سلامت هو ۽ هن اهڙي حالت ۾ انهن دوستن جا نمبر ٻڌايا ۽ پاڻ انهن دوستن سان ڳالهائي آگاهه ڪيو ته اسان جي مٿان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن حملو ڪيو آهي، سرائي قربان ۽ روپلو شهيد ٿي ويا آهن، منهنجو اڌ جسم گولين سان پروڻ ٿيل آهي ۽ اڌ جسم سڙي چُڪو آهي ته سندس دوستن کي يقين ئي نه پئي آيو ته ايئن ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟ اهڙي حالت ۾ سندس حوصلا سلامت ڪيئن پيو ڳالهائي، تيستائين مقامي صحافين ٽي. وي چينلن تي بريڪنگ نيوز نشر ڪئي ته سڄي سنڌ باه جي ڄِڀين ۾ ڀڙڪي اُٿي ۽ سڄي سنڌ مان قومي ڪارڪنن جا قافلا باکوڙي موريءَ تي پُهچڻ شروع ٿي ويا.
اُن بعد مقامي ماڻهن هن کي سانگهڙ اسپتال پهچايو. جڏهن مٿس حملو ڪندڙن کي اها خبر پئي ته هڪ ماڻهو بچي ويو آهي ته انهن جو هڪ ماڻهو جُوس ۾ زهر ملائي وٽس کڻي آيو. پر اُتي بيٺل ماڻهن هُنن جي انهيءَ فرعوني حرڪت کي سمجهندي، اُهو جُوس جو گلاس هاري هُنن جي سازش کي ناڪام بڻايو، پر اهو ماڻهو ڀڄي نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. نُورالله کي سانگهڙ جي اسپتال ۾ طبي امداد ڏيڻ کان پوءِ حيدرآباد جي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، پر سول اسپتال وارن اهو چئي ڪراچي منتقل ڪيو ته اسان وٽ ڪو به ايمرجنسي ۾ ڊاڪٽر موجود نه آهي ۽ نوجوان جو سڄو جسم سڙي چُڪو آهي، جنهن جي سرجري ٿيندي ۽ اسان وٽ سرجري جي سهوليت موجود نه آهي.(شايد هتي به قانون نافذ ڪندڙ ادارا پنهنجو اثر استعمال ڪري چُڪا هئا) اُن بعد کيس ڪراچي منتقل ڪيو ويو، جتي سندس جسم مان گوليون ڪڍيون ويون ۽ سندس جسم جي سرجري پڻ ڪئي وئي، جنهن ڪري سندس طبيعت ۾ ڪافي بهتري اچي چُڪي هُئي.
نورالله سانگهڙ کان ڪراچيءَ تائين نهايت ئي بُردباريءَ جو مظاهرو ڪيو هو ۽ هن سنڌي، اردو توڙي انگريزي ميڊيا جي اڳيان کُلي ڳالهايو هو ۽ مٿس حملي آورن کي بينقاب ڪيو هو. سندس اهڙي بهادري ۽ جُرئت کان هُو بلڪل خوفزده ٿي ويا هُئا، جنهن ڪري هُنن اسپتال ۾ مارڻ جو پِلان سوچيو ۽ کيس 30 اپريل 2011ع تي اسپتال ۾ شهيد ڪيو ويو. جتان سندس مائٽن ۽ قومي ڪارڪنن جي قافلي جي صورت ۾ شهدادڪوٽ آندو ويو، جتي قومي جهنڊي جو ڪفن ڏيئي، قومي تراني جي گُونج ۾ وصيت موجب، پنهنجي شهيد ساٿي سرائي قربان کهاوڙ جي ڀر ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
نُورالله تُنيو نهايت ئي بهادر هو، هن باکوڙي موريءَ واري سانحي وقت جنهن بهادريءَ جو مظاهرو ڪيو، اُن سچ ته سنڌي ماڻهن ۾ نه صرف حوصلو پيدا ڪيو آهي، پر سامراج جي لاءِ اهڙي ته للڪار آهي، جيڪا صدين کان سنڌ جي جوڌن: دولهه دريا خان کان ويندي، هوشو شيدي تائين. هيمون ڪالاڻيءَ کان ويندي، سميع الله ڪلهوڙي تائين. ڪيترن ئي ڪُونڌر پُٽن جي آواز ۾ گُونجندي رهي آهي. مقامي ماڻهو ٻڌائن ٿا ته اسان سانگهڙ جي سَرزمين کي انگريز دور کان وٺي رَت جي راند ۾ وهنجندي ڏٺو آهي، ڪيترن ئي ڪُونڌر پُٽن کي ڌرتيءَ جي جنگ وڙهندي شهيد ٿيندي ڏٺو آهي. ها اسان راجا ڏاهر ۽ دُولهه دريا خان جهڙن سُورمن جا داستان به پڙهيا آهن، پر اسان هن نوجوان جي بهادريءَ کي سلام ٿا پيش ڪريون. جنهن جو سڄو جسم سڙيل هُجي، پوءِ به للڪاريندو رهي ته ٺاهينداسين ٺاهينداسين، ’سنڌو ديش‘ ٺاهينداسين.آءُ جڏهن پنهنجي مڪمل حواسن سان هن پسمنظر تي سوچيان ٿو ته: مونکي يقين اچي ٿو وڃي ته سيد جو خواب ضرور ساڀيان ماڻيندو ۽ آزاد سنڌوديش جو جهنڊو اقوام متحده ۾ ضرور جُهولندو.
پُڇيو جي رب محشر ۾ ته ڪهڙو بِهشت ٿو گُهرجي،
ته چوندس اي مٺا محبوب! محبوب مونکي سنڌ ٿي گُهرجي.
(سرويچ)