وٺي هر هر جنم وربو! : شهيد احسان ميمڻ
شهيد احسان احمد ميمڻ 1960ع ڌاري ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ قادر بخش ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد هاءِ اسڪول ڳڙهي ياسين ۾ هيڊ ماستر هو. هن شروعاتي تعليم مقامي طرح حاصل ڪئي، مئٽرڪ 1975ع ۾ هاءِ اسڪول ڳڙهي ياسين مان، انٽر 1977ع ۾ سي. اينڊ . ايس ڪاليج شڪارپور مان، بي. ايس. سي 1981ع ۾ ڪيميسٽري ڊپارٽمنٽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان، ايم. ايس. سي ڪيميسٽري ڊپارٽمنٽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان پاس ڪئي. احسان ميمڻ ننڍپڻ کان ئي ڪافي ذهن هوندو هو ۽ پڙهڻ ۾ سندس تمام گهڻي دلچسپي هُئس. سندس خاندان به خوشحال هُئڻ ڪري، هن جي پڙهائيءَ ۾ ڪا به رُڪاوٽ نه آئي. هن پڙهائيءَ دوران ٻي ڪنهن به شيءِ ۾ دلچسپي نه ورتي ۽ پنهنجو پورو ڌيان پڙهائيءَ طرف ڏنو. احسان ميمڻ جڏهن شڪارپور ڇڏي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ آيو ته قومي تحريڪ ۽ فڪر جي. ايم سيد سان لاڳاپجي ويو.
احسان ميمڻ سياست جي شروعات سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي. هيءَ پهريان جساف جو ميمبر ٿيو، بعد ۾ جساف سنڌ يونيورسٽيءَ جو چيف آرگنائيزر ٿيو. احسان ميمڻ جو شاگرديءَ وارو دور تمام شاندار رهيو ۽ هن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سياست ڪندي ۽ سائين جي. ايم سيد جي نظريي جي پرچار ڪندي، قومي تحريڪ ۾ مثبت لاڙا آندا. هن جو مطالعو تمام وسيع هوندو هو ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي بلاڪس هاسٽل تي سنڌ جي مذاحمتي شاعر حليم باغيءَ جي صحبت ۾ رهڻ جو موقعو مليو ۽ حليم باغيءَ جي شاعري مٿس گهرو اثر ڇڏيو. احسان ميمڻ ڪو نالي ماتر ڪارڪن نه هو، پر هن ته خوشحال سنڌ جي تاريخ جا باب پنهنجي ذهن ۾ محفوظ ڪري ڇڏيا هُئا. هيءُ نظرياتي ۽ عملي ڪارڪن هو، هيءُ سنڌ جي آزاديءَ جو واحد حل سائين جي. ايم سيد جي نظريي ۾ ئي سمجهندو هو ۽ سائين جي. ايم سيد جي اکين ۾ هن آزاديءَ جي عشق جا مَچ ٻرندي ڏٺا هُئا. احسان ميمڻ کي جيترو سنڌ جو عشق هو، اوترو ئي هُو سائين جي. ايم سيد سان پيار ڪندو هو ۽ سائين جي. ايم سيد به کيس تمام گهڻو ڀائيندو هو. احسان نهايت ئي خوبصورت ۽ بااخلاق هوندو هو. هيءَ جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ آيو هو ته انب جي ٻُور جهڙو جوڀن کڻي آيو هو ۽ سندس رتول ڳلن مان رَت ٽِمندي محسوس ٿيندو هو، جنهن ڪري هيءُ هڪ ئي وقت ڪيترين ئي دلين ۾ ڌڙڪڻ لڳو هو؛ ساڻس ڪيترين ئي ڇوڪرين پيار جا پيچ اڙائڻ چاهيا هئا، پر هن ڪڏهن به اهڙي مجازي عشق طرف ڌيان نه ڏنو، ڇو ته هن جي چپن حقيقي عشق جي مڌ جا پيالا پنهنجي اندر ۾ اوتيا هُئا. هن آزاديءَ جي چمڪ جيڪا سيد جي اکين ۾ ڏٺي هُئي ۽ خوابن ۾ هن جيڪو آزاد سنڌوديش جو تصور ڪيو هو، تنهن جي آڌار تي هُو سنڌ جي تاريخ، جاگرافي، موهن جي دڙي جي تهذيب ۽ سنڌ جي خوشحاليءَ تي تنظيمي دوستن سان طويل بحث ڪندو هو ۽ بقول انهن دوستن جي ته جڏهن هُو سنڌ تي ڳالهائڻ شروع ڪندو هو ته هُو ڪنهن انقلابي ناول جو ڪردار لڳندو هو ۽ سندس اکين ۾ اهڙي ته ڏِيا اچي ويندي هُئي، جو اُن جي تجليءَ جو تاءَ برداشت ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو هو، کيس سنڌ جي آزاديءَ ۾ پُختو ويساهه هو.
مونکي ماما جمن دربدر ٻڌايو ته آئون هڪ ڀيري حليم سان ملڻ هاسٽل تي ويس، اُتي منهنجي ملاقات شهيد احسان سان ٿي، سندس وڻندڙ سڀاءُ ۽ نظرياتي سوچ مونکي تمام گهڻو مُتاثر ڪيو. اُن بعد جلد ئي هن سگهاري سوچ ۽ سگهاري آواز کي رياست جي ڪارندن هميشه لاءِ خاموش ڪري ڇڏيو ته جمن جي اندر مان هي سِٽون درد جي دانهن بڻجي نڪتيون، جنهن جي گُونج سڄي سڄي سنڌ ۾ اڃا تائين گُونجي رهي آهي.
وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو،
ختم اونداهه ٿي ويندي، چِٽي چانڊاڻ ۾ ملبو.
قومي تحريڪ جي هن بهادر ۽ نظرياتي ڪارڪن کي 26 مئي 1983ع تي پاڪستاني فوجين ’هوشو هاسٽل‘ تي چڙهائيءَ ڪري گولين جا برسٽ هڻي شهيد ڪيو. سندس شهادت سڄي سنڌ کي لوڏي ڇڏيو ۽ سائين جي. ايم سيد جي ڪنن جڏهن اها خبر ٻُڌي ته کيس تمام وڏو دِلي صدمو پهتو. شهيد احسان ميمڻ جي مڙهه کي جساف مرڪز جا عهديدار ڳوٺ کڻائي ويا ۽ کيس اباڻي قبرستان، ڳڙهي ياسين ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ٻئي ڏينهن تي سائين جي. ايم سيد آلين اکين سان سندس وارثن وٽ پهچي ڏُک ۾ شريڪ ٿيو. شهيد احسان ميمڻ سوڳوارن ۾ پوري سنڌ سان گڏ، پوڙهو پيءُ، امڙ، پنج ڀاءُ ۽ چار ڀينرون ڇڏيا.