لاڙ پَٽ جو لاڏلو : شهيد حنيف زئور
ٻيو عشق جيڪو ڇوڪرن يا ڇوڪرين واري جي ڪوشش ڪرڻ باوجود پنهنجي اندر ۾ اُن لاءِ جڳهه ٺاهي نه سگھيو آهيان، ڇو ته مون هڪ عشق ڪيو آهي، هڪ محبت ڪئي آهي، جيڪو منهنجي شهه رڳ ۽ جان کان به پياري محبوبه سنڌ ڌرتيءَ سان آهي.
مٿيون ڊائريءَ جو ورق شھيد حنيف جي ڊائريءَ تان ورتل آهي، جنهن مان شھيد حنيف جي سنڌ سان عشق، تڙپ، سچائي ۽ ثابت قدميءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. لاڙ پَٽ جو هي لاڏلو سائبيريا جي پکين وانگر مهمان ٿي آيو هو ۽ ٿوري وقت ۾ سنڌ ڌرتيءَ جو واس وٺي، سُڳداسي چانورن جي خوشبوءَ پنهنجي ذهن ۾ سمائي هميشه هميشه جي لاءِ هليو ويو. هُن جو وڃڻ فطري هُجي ها ته سندس پوڙهو پيءُ خدا جي رضامنديءَ سمجهي لُڙڪن جو زهر پي خاموش ٿي ويهي رهي ها، پر هن کي وقت جي نام نهاد رياست جي پالتو ڇاڙتن ديسي دلالن سامراجي سازش سان هٽايو هو، جيڪو ڏُک سائين عبدالواحد زئور جي ذهن ۾ ڪرڀ بڻجي رهجي ويو آهي. پوءِ به سندس والد، ڀائر توڙي ڀينرن کي مٿس فخر آهي ته هُو سنڌ جي عشق جي ڏوهه ۾ ڪُٺو ويو آهي. حنيف زئور قومي تحريڪ جو هڪ جانباز ۽ اڙٻنگ سپاهي هو، جنهن جي عملي ڪردار کان وقت جي يزيدي رياست خوفزدهه هئي، جنهنڪري کيس دوکي سان شھيد ڪرايو ويو.
حنيف زئور 27 آڪٽوبر 1984ع تي بٺوري جي هڪ غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو. سندس والد سائين عبدالواحد زئور پيغمبري پيشي استاد سان لاڳاپيل هو ۽ حنيف جو جنم ٽن ڀينرن کان پوءِ ٿيو هو، جيڪي ٽيئي ڀينرون ننڍپڻ ۾ ئي گُذاري ويون هيون. هي سڪيلڌو اولاد هُئڻ ڪري لاڏلو به گهڻو هو، جنهن ڪري هي لاڏ ڪوڏ ۾ پليو نپنو ۽ وڏو ٿيو هو. سندس والد اُستاد هُئڻ جي ناتي جهڙي ريت پرورش ۾ ڪا ڪمي نه ڇڏي هُئي، اهڙي ريت تعليم ۽ تربيت ۾ ڪا ڪمي نه رهڻ ڏني هئائين. حنيف ٻاروتڻ جا پنج سال پورا ڪري ڇهين سال ۾ قدم رکيا ته سندس والد صاحب (جيڪو اُن وقت ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهائيندو هو) ڳوٺ جي اسڪول ۾ داخل ڪري پاڻ پڙهائڻ لڳو، جتان پنج درجا پاس ڪري هاءِ اسڪول بٺوري ۾ پڙهڻ لاءِ وهاريو ويو، بٺوري هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪري، انٽر هائير سيڪنڊري اسڪول بٺوري مان پاس ڪيائين.
حنيف زئور تعليم مڪمل ڪري مختلف خانگي ادارن ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. هن روزگار جي شروعات ميزبان چانهه جي ڪمپني کان ڪئي، پر اُتي سندس دل نه لڳي ۽ سندس اندر ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي قرض چُڪائڻ جي ولوڙ هر وقت هوندي هئي، جنهن ڪري ڪُجهه عرصي لاءِ ڪراچي هليو ويو، جتي سچ اخبار ۾ صحافت ڪيائين، پر صحافت ۾ هن جڏهن سچ جو گلو مروڙجندي ڏٺو ته موٽي ڳوٺ آيو، ڪُجهه عرصو سُئي گئس ۾ ڪچي مُلازم طور ڪم ڪيائين. ان دوران هي جيئي سنڌ قومي محاذ ۾ شموليت ڪري تنظيمي ڪم ڪرڻ لڳو، جنهن ڪري کيس اُن عارضي مُلازمت مان ڪڍيو ويو. اُن بعد شھيد حنيف ڪُل وقتي ڪارڪن ٿي ڪم ڪرڻ لڳو ۽ هي سياسي توڙي سماجي مسئلن ۾ حصو وٺڻ لڳو، هن پاڻيءَ جي مسئلي تي ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪرايا، قومي ڪارڪنن جي گمشدگيءَ خلاف بٺوري ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪيترائي ڪامياب مظاهرا ڪرايائين. مقامي سطح تي مختلف ڪمپنين ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جا مسئلا هجن يا آزادي مارچ هجي، ڪالاباغ ڊيم ۽ ٿل ڪئنال خلاف تحريڪ هلائڻي هجي، يا ذوالفقارآباد خلاف احتجاج هُجي، هي هر مورچي تي سڀني کان اڳڀرو رهيو، شھيد حنيف جيئي سنڌ قومي محاذ ۾ ضلعي جي مختلف عهدن تي رهي نهايت ئي سنجيده ورڪر طور ذميواريون نڀايون. هي هڪ پڙهيل لکيل ۽ نظرياتي ورڪر هو. جڏهن بشير خان رُوپوش هو ته هن پنهنجي گهر ۾ کيس پناهه ڏني هُئي.
حنيف زئور ذاتي زندگيءَ ۾ نهايت ئي خوددار رهيو، هن پنهنجي زندگيءَ جو هڪ پل به اجايو نه وڃايو، هن جڏهن ڏٺو ته سندس والد صاحب رٽائرڊ ٿي چڪو آهي ته هن هڪ ڀيرو ٻيهر نيشنل بينڪ ۾ ملازمت شروع ڪئي، جتي هن ڪانٽريڪٽ تي چئن سالن تائين ڪم ڪيو ۽ پڪو نه ڪرڻ سبب هن ٻين ملازمن کي اُتساهي ليبر ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو، اڃا ڪيس هلندڙ ئي هو ته رياست جي ڇاڙتن کيس 22 نومبر2011ع تي رات جي اوندهه ۾ شھيد ڪري ڇڏيو. هن جي خودداري اهڙي هئي جو هن 27 سالن جي عمر تائين شادي نه ڪئي، جڏهن کيس شاديءَ لاءِ گهروارا زور ڀرندا هئا ته چوندو هو: بس باقي ٿورا ڏينهن انتظار ڪريو، نوڪريءَ ۾ پڪو ٿي وڃان پوءِ شادي ڪندس.حنيف والدين جي اکين ۾ خوشيءَ جا اڌورا خوب ڇڏي سنڌ ماءُ جو خواب پورو ڪري هميشه لاءِ کانئن وڇڙي ويو. هن جي زندگي رهي ته به ڪيتري، هُو 27 آڪٽوبر تي آيو ۽ 22 نومبر تي هليو ويو. يعني ڪُل 25 ڏينهن ۽ اُنهن 25 ڏينهن ۾ هو کوڙ سارا ڪم ڪري، اڻڳڻيون محبتون ماڻي، پنهنجي ماءُ جي گود ۾ وڃي ابدي آرامي ٿيو. شهيد حنيف زئور جي زندگيءَ تي سندس دوستن، عزيزن ۽ پيار ڪندڙن جي تاثراتن تي مشتمل ڪتاب ’گُل ڇِنو گرنار جو‘ جي نالي سان سندس ننڍي ڀاءُ عبداللطيف زئور ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن ۾ مٿس لکيل تاثراتن مان پتو پئي ٿو ته ساڻس ڪيترا ماڻهو بيپناهه محبت ڪندا هُئا.