شخصيتون ۽ خاڪا

قومي تحريڪ جا شهيد

ڪتاب ”قومي تحريڪ جا شهيد“ ليکڪ علي نواز آريسر جو سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ شهيد ٿيل سنڌين جي خاڪن ۽ سوانح تي مشتمل آهي.

تاج جويو لکي ٿو :
”اسان جي نوجوان ساٿي علي نواز آريسر هن ڪتاب ۾ جن ٽيهارو شهيدن جا پروفائيل، خاڪا ۽ ڪردار چِٽيا آهن، سي سنڌ جي صدين جي تاريخ ۽ ساڃاهه جي اُهڃاڻ، علمبردار ۽ ارڏي انسان: سائين جي. ايم سيد جا فِڪري پيروڪار رهيا آهن. هنن پُٺيءَ ۾ گهاون کائڻ بدران سيني تي وار سَٺا آهن. لال لهوءَ جي سرگم تي رقص ڪندڙ انهن شهيدن جا چهرا جڏهن اکين آڏو تري اچن ٿا ته هڪدم سِر جُهڪي سندن قدمن جي پيزار چُمڻ چاهي ٿو.“
Title Cover of book قومي تحريڪ جا شهيد

آزاديءَ جو متوالو : شهيد رضا محمد بنگلاڻي

رضا محمد پهرين آگسٽ 1965ع تي ڳوٺ مهراب خان بنگلاڻي، تعلقي ساماري، ضلعي عمرڪوٽ ۾ بهادر خان بنگلاڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم پرائمري اسڪول مهراب خان بنگلاڻيءَ مان پاس ڪرڻ کان پوءِ، مڊل تائين گورنمينٽ اسڪول صوفي فقير ۾ پڙهيو. 1981ع ۾ ڪمپريهنسو هاءِ اسڪول ميرپورخاص ۾ داخلا ورتائين. 1982ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري، 1983ع ۾ ايس. ايل ڪاليج ميرپورخاص ۾ داخلا ورتائين. (هي ڪاليج اُن وقت شاه لطيف جي نالي سان منسوب هو) انٽر جو امتحان امتيازي حيثيت سان پاس ڪري 1985ع ۾ بي. اي. سي ۾ داخلا ورتائين.
شهيد رضا محمد مئٽرڪ ۾ پڙهائيءَ دوران سياست جي شروعات ڪئي، شروع ۾ ’جيئي سنڌ لطيف سنگت‘ جو ميمبر ٿيو، بعد ۾ لطيف سنگت جو عهديدار ٿي ڪم ڪيائين. پاڻ نهايت ئي جاکوڙي ڪارڪن هوندو هو، سندس مطالعو تمام وسيع هوندو هو. ان وقت جيئي سنڌ لطيف سنگت جو تمام بهترين ڪم هو، جنهن ۾ نوجوانن لاءِ باقاعدي اسٽڊي سرڪل هلندا هئا، ماهوار گڏجاڻيون ٿينديون هيون، جنهن ۾ جساف جا مرڪزي عهديدار ليڪچر وغيرهه ڏيڻ ايندا هئا. رضا محمد مرڪزي اڳواڻن جي وسيع نظر ۽ سائين جي. ايم سيد جي نظريي کي سمجهندي ’جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن‘ (جساف) ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ پابنديءَ سان هڪ جاکوڙي ورڪر طور ذميواريون نڀائڻ لڳو. رضا سائين جي. ايم سيد جو فڪري پوئلڳ هوندو هو، ساڻس جيترو عرصو زندگيءَ جو ساٿ رهيو هن نظرياتي ورڪر طور سياسي ميدان ۾ پنهنجو پاڻ ملهايو.
رضا ايس. ايل ڪاليج ۾ پڙهائيءَ دوران هاسٽل تي رهندو هو. ايس. ايل ڪاليج اُن وقت پنجابين جي تنظيم اين، ايس. ايس. او جو ڳڙهه بڻيل هو، جنهن ڪري سنڌي شاگردن کي تمام گهڻو تنگ ڪيو ويندو هو. رضا! جساف جو عهديدار هئڻ ناتي پنجابي شاگردن سان ڪيترائي ڀيرا مُهاڏو اٽڪايو ۽ سنڌي شاگردن جو تحفظ ڪيو.رضا جي اهڙي هِمت پنجابي شاگردن کي پنهنجو دُشمن بڻائي ڇڏيو هو. هُنن ڪيترائي ڀيرا کيس ڌمڪيون به ڏنيون، پر هن بهادر انسان ڪڏهن به اُنهن ڌمڪين جي پرواهه نه ڪئي ۽ پنهنجي مقصد تي گامزن رهيو. ساڻس ساٿ ۾ يعقوب مڱريو، جميل لاشاري، محمد ايوب بليدي ۽ ٻيا ڪيترائي قومي ڪارڪن هوندا هُئا. اهڙيءَ طرح جساف جي هنن نوجوانن ڌارين جي لاءِ ڪاليج ۽ هاسٽل نوگو ايريا بڻائي ڇڏيو هو، جنهن ڪري رضا ۽ سندس دوست پنجابي شاگردن جي اک جو ڪنڊو بڻجي پيا هُئا ۽ انهن جي سرپرستي ڪندڙ ٽرانسپورٽر مير زمان چوڌري کين ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪيون.
رضا محمد ۽ سندس ساٿين تي، 3 مئي 1986ع تي شاهه لطيف هاسٽل تي حملو ٿيو ۽ حملي دوران رضا هڪ دهشتگرد کي سوگهو ڪري ورتو هو، پر اتفاق سان سندس پسٽل جي چيمبر ۾ گولي ڦاسي وئي، جنهن ڪري هُنن گوليون هڻي کيس شهيد ڪري ڇڏيو. کيس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
شهيد رضا جو پلاند سنڌ جي بهادر اڳواڻ بشير خان قريشي مُک جوابدار مير زمان چوڌريءَ کي پنهنجي انجام تي پهچائي ورتو. شهيد رضا تي سنڌ جي قومي ۽ مذاحمتي شاعر حليم باغي هيٺيون ڀرپور نظم لکي ڀيٽا پيش ڪئي آهي.
مُون تنهنجو شهپر موڙ ڏٺو، هن جُوءِ سان تنهنجو جوڙ ڏٺو،
مُون ڏسندي توکي پرکيو هو، تون ڀٽڪيل رُوح بلاول جو.
هِت بان جي ڪپري آيو هُئين، بيڏوهه ننڌڻڪو گهايو وئين،
او آزادين جا متوالا، او چانڊوڪين جا رکوالا.
او مُنهنجا ڀاءُ، او مُنهنجا رضا!