آزاديءَ جو عاشق : شهيد قيوم منگي
قيوم منگي سائين جي. ايم سيد کي تمام گهڻو ويجهو رهيو، سائين کيس تمام گهڻو ڀائيندو هو ۽ قيوم سائين جي. ايم سيد جي اعتبار وارن ماڻهن مان هوندو هو، سائين مٿس تمام گهڻو اعتماد ڪندو هو ۽ ڪيتريون ئي خاص ذميواريون مٿس سائين پاڻ رکيون هُيون. قيوم منگي جساف ۾ مختلف عهدن تي رهي ڪيتروئي ڪم ڪيو، بعد ۾ ’جيئي سنڌ محاذ‘ ۾ شموليت ڪيائين. جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي ڪميٽين جو ميمبر رهيو، آئيني ڪميٽيءَ جو ميمبر رهڻ سان گڏ مرڪزي وائيس چيئرمئن جي عهدي تي رهي ڪم ڪيائين. پاڻ چڻنگ سنگت ۾ رهي ڪيترو عرصو ڪم ڪيائين. قيوم ايڏو ته معصوم ۽ ماٺيڻو انسان هوندو هو، جو کانئس ڪير به اختلاف نه رکندو هو ۽ هرڪو کيس وڌ کان وڌ مانُ ڏيڻ چاهيندو هو. جڏهن به قومي ڪارڪنن ۾ پاڻ ۾ اختلاف وغيره ٿيندا هئا ته سائين جي. ايم سيد پنهنجي طرفان قيوم کي ان جي نبيري لاءِ ڪميٽيءَ ۾ کڻندو هو. اهڙيءَ طرح قيوم ڪيترن ئي ڪارڪنن جا پاڻ ۾ اختلاف ختم ڪرايا. هيءَ اُصولن جو نهايت ئي پڪو ۽ سندس ارادا مضبوط هوندا هُئا. ڪارونجهر جيڏي دل رکندڙ هي انسان بهادر ۽ بي ڊپو هوندو هو. هن پنهنجي سياسي ڪيريئر ۾ ڪيترائي ڀيرا جيل به ڪاٽيو، پهريون ڀيرو 1979ع ڌاري ايل. ايل. بي جي پهرئين سال جي آخري پرچي دوران گرفتار ٿيو ۽ جيل موڪليو ويو، سکر جهنڊي واري ڪيس ۾ هيءُ سائين جي. ايم سيد سان گڏ گرفتار ٿيو ۽ وڏو عرصو جيل ۾ رهيو ۽ سائين جي. ايم سيد سان ويجهو رهڻ جو موقعو مليو. اهڙيءَ طرح قيوم منگيءَ ڪيترائي ڀيرا گرفتار ٿيو ۽ جيل جي چوديوارين ۾ قيد ڪاٽيائين، پر جيل جون چوديواريون سندس ارادن کي مات نه ڏئي سگهيون، سندس آزاد سنڌوديش ۾ ايمان ڏينهون ڏينهن پُختو ٿيندو ويو. هيءُ جيترو نفيس انسان هوندو هو، اوترو ئي ارادن جو مضبوط پڻ هوندو هو، هن جي قول ۽ فعل ۾ ڪو به فرق نه هو، هيءُ ليڊرن واريون هنبوڇيون نه هڻندو هو، جي ڪنهن سان اختلاف رکندو هو ته سڌا رکندو هو، ۽ ميٽنگن ۾ پنهنجي راءِ رکڻ جو عادي هوندو هو. سندس ڪنهن سان به ذاتي اختلاف نه رهيا، هن ڪنهن سان اختلاف رکيا ته به سنڌ ڪاز خاطر رکيا. قيوم منگيءَ کي آزاديءَ ۾ پُختو ويساهه هو. هيءُ جڏهن بيمار ٿي پيو هو، تڏهن به پارٽي ميٽنگن ۾ شريڪ ٿيندو هو، اڪثر ته دوائون به ساڻس گڏ هونديون هُيون. هن پنهنجي صحت کان سنڌ جي سورن کي وڌيڪ اهم سمجهيو. اهڙيءَ طرح هن جيئي سنڌ قومي محاذ جي قيام ۾ ڀرپور عملي مظاهرو ڪيو ۽ پاڻ جسقم ۾ به پهريون وائيس چيئرمئن رهيو. هن کي سنڌ جي اهڙي ته لوري لڳل هوندي هُئي، جهڙي ننڍڙي ٻار کي ماءُ جي لوري هوندي آهي، هن جي زبان تي هر وقت سنڌ جو وِرد هوندو هو. هُو جيڪو آزاديءَ جو عاشق هو ۽ هن سنڌ سان چڪور وارو چاهه رکيو هو. سنڌ سان گڏ قيوم جو سائين جي. ايم سيد سان اهڙو عشق هو، جو جڏهن سائين جي. ايم سيد لاڏاڻو ڪري ويو ته هن معصوم ٻارن وانگر ڍڍڪارون ڪري رُنو هو، هن ايترو رُنو هو جو سندس دل جو غُبار لُڙڪن جي آبشارن وسيلي نڪتو هو.
قيوم منگي سياست سان گڏ سماجي ورڪر به رهيو، هن شڪارپور ۾ ڪيترائي سماجي ڪم ڪيا، جنهن ڪري شهر جا ماڻهو کيس تمام گهڻو ڀائيندا ۽ مانُ ڏيندا هُئا. 1987ع وارين بلدياتي چونڊن ۾ شهرين جي اصرار تي قيوم منگي حصو ورتو ۽ اڳوڻي صوبائي وزير مقبول شيخ جي سامهون چونڊن ۾ بيٺو، جنهن ۾ اڪثريت سان ڪامياب ٿيو، هن اُن دور ۾ مقامي سطح تي تمام گهڻو ڪم ڪيو، جيڪو تاريخ جي ورقن ۾ اڄ به زندهه آهي ۽ مقامي سطح تي اڄ به کيس سٺن لفظن ۾ ياد ڪيو وڃي ٿو. شهيد قيوم منگيءَ جو سڀاءُ نهايت ئي وڻندڙ هوندو هو، ننڍي توڙي وڏي سان ’باباسائين‘ چئي مُخاطب ٿيندو هو. جيتوڻيڪ! هُو لفظن جو بازيگر نه هو ۽ نه ئي هن لفظن جي جادوگريءَ سان ڪن دلين کي مُهيو هو، پر سندس وڻندڙ سڀاءُ ۽ بي لوث محبت ڪيترن ئي نوجوانن کي قومي تحريڪ ۾ شامل ڪيو هو.
قيوم منگي 4 جون 1998ع تي شهيد بشير خان قريشيءَ سان گڏ، جناح اسپتال جي ڪينٽين تي ويٺو هو ته مٿن پوليس ۽ رينجرس جي پهري هيٺ دهشتگردن حملو ڪيو، جنهن ۾ پاڻ بشير خان کي بچائيندي، مزاحمت ڪئي ۽ سخت زخمي ٿي پيو. بشير خان کي به ڪافي ڌڪ لڳا هُئا، پر قيوم جي حالت تمام گهڻي خراب هُئي. اُن ئي وقت بشير خان ۽ قيوم منگيءَ کي جناح اسپتال جي اسپيشل وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو، بشير خان ته جلد صحتياب ٿي ويو، پر قيوم جي طبيعت ويتر بگڙندي وئي ۽ نتيجي طور زندگيءَ ۽ موت جي جنگ وڙهندي 22 جون 1998ع تي شهادت ماڻي امر ٿيو. سندس مڙهه قومي ڪارڪنن جي قافلي سان شڪارپور آندو ويو، جتي هزارين قومي ڪارڪنن کان علاوهه شهرين سندس آخري ديدار ڪيو. ان بعد کيس قومي جهنڊي جو ڪفن ڏئي، اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.