شخصيتون ۽ خاڪا

قومي تحريڪ جا شهيد

ڪتاب ”قومي تحريڪ جا شهيد“ ليکڪ علي نواز آريسر جو سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ شهيد ٿيل سنڌين جي خاڪن ۽ سوانح تي مشتمل آهي.

تاج جويو لکي ٿو :
”اسان جي نوجوان ساٿي علي نواز آريسر هن ڪتاب ۾ جن ٽيهارو شهيدن جا پروفائيل، خاڪا ۽ ڪردار چِٽيا آهن، سي سنڌ جي صدين جي تاريخ ۽ ساڃاهه جي اُهڃاڻ، علمبردار ۽ ارڏي انسان: سائين جي. ايم سيد جا فِڪري پيروڪار رهيا آهن. هنن پُٺيءَ ۾ گهاون کائڻ بدران سيني تي وار سَٺا آهن. لال لهوءَ جي سرگم تي رقص ڪندڙ انهن شهيدن جا چهرا جڏهن اکين آڏو تري اچن ٿا ته هڪدم سِر جُهڪي سندن قدمن جي پيزار چُمڻ چاهي ٿو.“
Title Cover of book قومي تحريڪ جا شهيد

اَلا مان اُڏري ويندوسانءِ! : شهيد افضل پنهور

جسماني عشق کي ڇڏي، ڌرتيءَ جي عشق ۾ اچو! جتي بيوفائي ۽ رُسوائي جو تصور ئي ڪونهي، توهان جو عشق سچو هوندو ته توهان امر ٿي ويندا! ( سائين جي. ايم سيد)

افضل پنهور 11 مارچ 1990ع تي ڳوٺ خالد پنهور ۾ منور پنهور جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ ورتائين، مئٽرڪ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادوءَ مان، انٽر آرمي ڪاليج دادوءَ مان پاس ڪيائين. افضل جيئن ته نهايت ئي محنتي ۽ پڙهڻ ۾ ڀڙ هوندو هو، جنهن ڪري والدين کيس اڳتي پڙهائڻ جو فيصلو ڪيو.افضل 2008ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي بائيو ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا وٺي پڙهڻ لڳو.20 سالن جي ڀرپور جوڀن ۾ جڏهن هي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيو هو ته کيس ڄامشوري جي سرزمين ڀليڪار ڪئي هُئي ۽ ڪيترين ئي اپسرائن پنهنجي اکين جي پنبڻين ۾ سمائڻ جي دعوت ڏني هُئي.
اکين ۾ ٿي ويهه ته واري پنبڻ ڍڪيان!
توکي ڏسي نه ڏيهه آئون نه پسان ڪو ٻيو.
(شاهه لطيف)
افضل ڪنهن جي نيڻن جو اسير ته نه بڻيو، پر هُو ڪيترن ئي نيڻن جي نِهار بڻيل رهيو. هن کي عاشقن جي سرزمين ڄامشوري جي پُرفضا ماحول ۾ هلندڙ آزاديءَ واري جدوجهد اهڙي ته ڇڪ ڪئي، جو هُو پنهنجي پاڻ کي روڪي نه سگهيو ۽ وڃي سيد ۽ سنڌ جو ساڻي ٿيو.
افضل پنهنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات ’جسمم‘ جي شاگرد ونگ (جساف) کان ڪئي، هُو 2008ع ۾ جساف جو ميمبر ٿيو ۽ ساڳئي سال جساف سنڌ يونيورسٽيءَ جو صدر چونڊيو ويو. هُو نهايت ئي ماٺيڻو ۽ معصوم لڳندو هو، جنهن ڪري ڪيترائي شاگرد ساڻس محبت ڪرڻ لڳا هئا ۽ هي هر ڪنهن کي پنهنجي محبت جي سڳي ۾ سوريندو، سنڌ امڙ جا سبق پڙهائيندو ويو. افضل جڏهن کان فڪرِ جي. ايم سيد سان سلهاڙيو هو، هن وڌکان وڌ مطالعو ڪيو هو، هن کوڙ سارا ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيا هئا، نه صرف پاڻ پڙهندو هو، پر هُو تنظيمي دوستن کي به پڙهڻ لاءِ اُتساهيندو هو. هن نه رڳو سائين جي. ايم سيد کي پڙهيو هو، پر هن ته دنيا جي ڪيترن ئي انقلابين کي به پڙهيو هو. جيتوڻيڪ! افضل اڃا ٻاروتڻ جون سيڙهيون اُڪري جوانيءَ ۾ مس قدم رکيا هئا، پر هن جو مطالعو پنهنجي عمر کان وڌيڪ هو، هي مڪمل نظرياتي ورڪر هو ۽ هن جساف کي به هڪ نظرياتي تنظيم طور هلائڻ شروع ڪيو هو. هن شاگرد سياست ۾ نواڻ آڻڻ شروع ڪئي هئي، هن پنهنجي پارٽيءَ جي موقف تي عمل ڪندي، ڪلاسن جي بائيڪاٽ واري عمل کي ختم ڪيو. شاگردن جي جائز مسئلن جي حل لاءِ عملي قدم کڻندي، شاگردن جي موجودگيءَ ۾ انتظاميا سان ڳالهيون ڪيون، هن مڪمل طور تي اسٽڊي سرڪل هلائڻ شروع ڪيو ۽ هفتيوار بحث مباحثا به ٿيندا هئا، جنهن ڪري شاگردن ۾ هڪ قسم جي پڙهائيءَ ڏانهن به دلچسپي پيدا ٿي هئي ته پنهنجي حقن کي به سمجهڻ شروع ڪيو هُئائون.
افضل جي اهڙي سنجيدهه سياست کان رياست خوفزده ٿي وئي هئي، ۽ ڳُجهن ادارن هن جي مٿان ڪڙي نظر رکي ۽ سندس گرفتاريءَ لاءِ ڪيترائي ڀيرا هاسٽل تي ڇاپو به هنيو ويو، پر افضل نه ملي سگهيو. اتفاق سان هڪ ڀيري 26 جون 2011ع تي قاسم چوڪ تان کنڀي گُم ڪيو ويو، مٿس سخت وحشياڻو تشدد ڪيو ويو، هن کي جيئي سنڌ جي سياست تان هٿ کڻڻ لاءِ هر طرح جو ٽارچر ڪيو ويو، پر هي جيڪو سن جي سنڌوءَ جو پاڻي پي ويٺو هو، سو تشدد ۽ ٽارچر تي ڪيئن ٿي عشق قربان ڪري سگهيو. افضل تي ايترو ته تشدد ڪيو ويو هو، جو هُو جسماني طرح ٽُٽي چڪو هو، پر هن جو عشق ۽ ايمان سلامت هو، جنهن کي ڪو به ٽارچر نه ٽوڙي سگهيو، جڏهن هُنن ڏٺو ته هي مڪمل طور ختم ٿي چُڪو آهي ته، مرڻينگ حالت ۾ 13 جون 2012ع تي نئين ڪوٽ ڀرسان ڦٽو ڪيو ويو، جتان هو ڪنهن طرح پنهنجي گهر پهتو. افضل جي حالت نهايت ئي خراب هئي، واقعي هُو جسماني طرح ڪافي ڪمزور ٿي چُڪو هو، کيس ڪيتريون ئي بيماريون وڪوڙي ويون هئس. هُن ٻڌايو ته کيس جيڪو پاڻي پياريو ويندو هو، اُن ۾ الاءِ ته ڪهڙو ڪيميڪل ملايل هوندو هو، جيڪو اندر ئي اندر ۾ جسماني عضون کي ختم ڪندو ويندو هو ۽ تمام گهڻي گرمائش ۽ جلن ٿيندي هئي. هن کي اهڙي ڪيميڪل پيارڻ ڪري ٽي. بي ٿي چُڪي هُئي، ۽ پيشاب مان رت اچڻ لڳو هو، مليريا ۽ سائي به ٿي چڪي هئي. گُڙدن تي به ڪافي اثر هو. اهڙي ريت افضل ڪافي وقت زير علاج رهيو، پر هن کي پوءِ به پنهنجي سنڌ جي اُڻ تُڻ رهندي آئي ۽ هي جيئن صحتياب ٿيو ته هن ٻيهر سياست شروع ڪئي. هن ٻيهر سرگرميون شروع ڪيون، جيئي سنڌ متحدهه محاذ پاران سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ کيس تمام وڏو آجياڻو ڏنو ويو. افضل اُن آجياڻي ۾ جيڪا تقرير ڪئي هئي، اُن ۾ هن پنهنجي عشق جي مشاهدي تي جيڪو سنڌ متعلق ڳالهايو هو، ان ته چڱن ڀلن پڙهيلن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون هيون.
افضل کي آزاديءَ کان پوءِ پارٽيءَ طرفان اڃا وڌيڪ ذميواريون سونپيون ويون هيون ۽ کيس ’جساف‘ جو مرڪزي وائيس چيئرمئن چونڊيو ويو هو. هن مرڪزي عهدي تي رهندي به خوب ذميواريون نڀايون، هُو نهايت ئي محنتي ڪارڪن هوندو هو، هن وٽ عمل ئي سڀ ڪُجهه هو.
افضل 26 جون 2013ع تي شادي ڪئي، سندس شاديءَ واري تقريب ۾ سمورا سياسي ساٿي شريڪ ٿيا هُئا ۽ هن اُها پوري رات دوستن سان ڪچهري ڪندي گُذاري هُئي. دوستن کيس چيو به هو ته اڄ رات تون گهر وڃ ۽ پنهنجي زندگيءَ جي همسفر کي ٽائم ڏئي ته هُن کلي چيو هو، اهڙيون ڪيتريون راتيون ٻيون به اينديون، پر دوستن سان ڪچهريءَ جو موقعو وري ملي الاءِ نه. سندس انهن جملن تي شايد ڪنهن غور نه ڪيو هُجي، پر هُو سمجهي چُڪو هو ته رياست کيس گهڻو وقت جيئڻ نه ڏيندي. افضل شاديءَ مان نهايت ئي مطمئن هوندو هو، هو هڪ پيار ڪندڙ انسان هو، هُن جهڙي ريت پنهنجي پارٽيءَ ۾ محبتون ماڻيون هيون، اهڙي ريت هُن پنهنجي گهر وارن جون به محبتون حاصل ڪيون هُيون. افضل پنهنجي امڙ سان بيپناهه محبت ڪندو هو ۽ امڙ به پنهنجي اولاد ۾ ساڻس وڌ کان وڌ پيار ڪندي هئي.
افضل جڏهن رياست جي چنبي مان آزاد ٿيو هو ته هن سڀ کان پهرين پنهنجي امڙ جي قدمن کي ڇُهيو هو، اُن بعد هو سڌو سن جي سائين جي مزار تي ويو هو ۽ سائين جي مزار تي بيهي وچن ڪيو هئائين ته هي سِر ڪنهن جي به اڳيان ناهي جُهڪيو، هي سِر صرف سنڌ لاءِ جُهڪندو ۽ سنڌ لاءِ قربان ٿيندو. سائين آئون جان سان گڏ ايمان ۽ عشق به سلامت کڻي آيو آهيان.
افضل جڏهن سياست ۾ باقاعدي سرگرم ٿي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ته رياست هن کي هميشه لئه خاموش ڪرڻ جو پلان سوچيو ۽ 15 آگسٽ 2013ع تي کيس سنڌ يونيورسٽيءَ مان کنڀي گوليون هڻي شھيد ڪيو ويو ۽ سنڌ جي هن قومي ڪارڪن کي دهشتگرد ثابت ڪرڻ لاءِ ساڳئي وقت ڪوٽڙيءَ ۾ ٽرين مٿان فائرنگ ڪرائي مقابلو ڄاڻايو ويو، پر جنهن جاءِ تان جهنگ مان افضل جو لاش مليو هو، اُتي ڪنهن به قسم جي مذاحمت وغيره جا نشان نٿا ملن ۽ مقامي ماڻهن جو موقف آهي ته هتي صرف هڪ گوليءَ جو آواز ٻُڌڻ ۾ آيو، وڌيڪ ڪنهن به فائرنگ جي ڪا به شاهدي نه ملي سگهي آهي. هن کي پلان تحت شھيد ڪيو ويو هو ۽ پوليس جا جيڪي ميڊيا تي بيان جاري ٿيا، اهي پڻ مُتضاد آهن، پوليس ڪوٽڙيءَ ۾ ٽرين تي حملي جي جاءِ واردات تان رائفل ڏيکاري آهي ۽ افضل وٽان پسٽل ڏيکاريو آهي. هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن افضل ئي ٽرين تي حملو ڪيو هو ته افضل وٽان پسٽل ڪيئن برآمد ٿيو ۽ ٽرين تي حملي جي رائفل ڪيئن ڏيکاري وئي آهي. هن سڄي ڊرامي جو ڊراپ سين ٻئي ڏينهن جي اخبارن ۾ ٿيو. جديد قومي شاعريءَ جي باني شاعر شيخ اياز اهڙن ئي ڳڀروئن لاءِ چيو آهي ته
سدا اُڀريا سنڌ ۾، آنڌيءَ جيئن انسان،
وڙهندي مُڙس مهان، مٽي منجهه سمائيا.
اهڙي ريت افضل بهار جي وڻندڙ گُلن جيان ٽڙندي هن ڌرتيءَ تي قدم رکيا هئا ۽ وسڪاري جي مُند ۾ هن ڌرتيءَ کي الوداع ڪيو.
شهيد افضل جو مڙهه سوين آلين اکين سان ڳوٺ آندو ويو، جتان هزارين قومي ڪارڪنن جي قافلي سان آزاد سنڌوديش جي تراني جي گُونج ۾ سنڌ جي سياسي ڪعبي سن آندو ويو، جتي کيس آزاديءَ جي جهنڊي جو ڪفن ڏئي پنهنجي شهيد ساٿي مظفر ڀُٽي جي پيراندي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. شهيد افضل سڄي سنڌ سان گڏ هزارين قومي ڪارڪن، بهادر امڙ، گهر واري، 6 ڀائر ۽ 4 ڀينرون سوڳوار ڇڏيون.
شهيد افضل دُنيا جو واحد خوشنصيب آهي، جنهن کي پنهنجي امڙ لحد ۾ لاٿو هو، افضل جي امڙ جو جيتوڻيڪ جيءُ جُهريل هو، پر پوءِ به هُن پنهنجي پُٽ جي عظيم قربانيءَ تي ڪنهن کي به روئڻ نه ڏنو هو ۽ شهيد کي آخري ڀيرو چُمي ڏيندي چيو هُئائين ته مان پاڻ بهادر آهيان، تڏهن ته ههڙي بهادر پُٽ کي جنم ڏنو اٿم. واقعي شھيد افضل جي امڙ نهايت ئي بهادر آهي، جو پنهنجي ڳڀرو پُٽ کي لحد ۾ لاهڻ وقت به اک مان ڳوڙهو نه ڳاڙيو هُئائين. سندس اها بهادري قومي ڪارڪنن جي مائرن لاءِ هڪ سبق آهي ته ڌرتيءَ جي عشق ۾ قربان ٿيندڙ پُٽن جون مائرون ماتم نه ڪنديون آهن.