شخصيتون ۽ خاڪا

قومي تحريڪ جا شهيد

ڪتاب ”قومي تحريڪ جا شهيد“ ليکڪ علي نواز آريسر جو سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ شهيد ٿيل سنڌين جي خاڪن ۽ سوانح تي مشتمل آهي.

تاج جويو لکي ٿو :
”اسان جي نوجوان ساٿي علي نواز آريسر هن ڪتاب ۾ جن ٽيهارو شهيدن جا پروفائيل، خاڪا ۽ ڪردار چِٽيا آهن، سي سنڌ جي صدين جي تاريخ ۽ ساڃاهه جي اُهڃاڻ، علمبردار ۽ ارڏي انسان: سائين جي. ايم سيد جا فِڪري پيروڪار رهيا آهن. هنن پُٺيءَ ۾ گهاون کائڻ بدران سيني تي وار سَٺا آهن. لال لهوءَ جي سرگم تي رقص ڪندڙ انهن شهيدن جا چهرا جڏهن اکين آڏو تري اچن ٿا ته هڪدم سِر جُهڪي سندن قدمن جي پيزار چُمڻ چاهي ٿو.“
Title Cover of book قومي تحريڪ جا شهيد

هُو پاڻ ڪِريو،پر قومي جَهنڊو جُھڪڻ نه ڏنائين! : شهيد غلام رسول (مستانو سنڌي)

تاريخ ۾ اُهي قومون زندهه رهنديون آهن، جيڪي پنهنجي وطن جي آزاديءَ لاءِ وڙهندي قربان ٿينديون آهن. تاريخ ان ڳالهه جي به گواهه آهي ته دنيا ۾ جيڪي به انقلاب آيا آهن، اُنهن جو بنياد نوجوانن جي رت سان رکيو ويو آهي. پوءِ اُنهيءَ آزاديءَ جو سهرو ڀلي ڀڳت سنگهه جي بجاءِ مهاتما گانڌي ۽ جواهر لال نهروءَ جي سِر تي ڇو نه آيو هُجي، پر اُنهيءَ جا بنيادي محرڪ ڀڳت سنگهه ۽ چندر شيکر آزاد ئي آهن. ساڳي صورتحال سنڌ جي به آهي، سنڌ جي آزاديءَ جو سهرو ڪنهنجي مٿي تي ٿو اچي، اهو وقت تي ٿا ڇڏيون، پر اُن جو بنياد وري به نوجوانن پنهنجي رَت سان رکيو آهي ۽ اهو يقين به آهي ته اهو ريٽو رت ضرور رنگ لائيندو ۽ آزاديءَ جو گيت گُونجندو. پوءِ اُن گيت جي گُونج ۾ شاهه عنايت شھيد، سُورهيه بادشاهه ۽ سائين جي. ايم سيد کان ويندي، ٽوڙيءَ ڦاٽڪ جي شھيدن تائين؛ شھيد سميع الله کان ويندي، شهيد افضل تائين؛ ڀلي شامل نه هُجن، پر اُنهن جو رُوح آزاد سنڌ جي گيتن تي ضرور جُهمريون هڻندو. آزاديءَ جي سُر ۽ سنگيت جي اهڙي محفل ۾ مستانو سنڌي به پنهنجي مستيءَ ۾ مگن هڪ هٿ ۾ ڳاڙهو جهنڊو ۽ ٻئي هٿ ۾ ڪُهاڙي کڻي اچي، جُهمر هڻندو ۽ سائين جي. ايم سيد سان مُخاطب ٿي چوندو، ابا! مون تي ڪا ذميواري رکو؟ ته سائين جي. ايم سيد کيس ڀاڪر پائي، نرڙ تي چُمي ڏيئي چوندو: مستانا تون هاڻي آرام ڪر، تو تمام گھڻو سفر ڪيو آهي، ٿڪجي پيو هوندين! تڏهن مستانو لُڙڪ اکين مان لاڙيندي چوندو ابا! سنڌ جي هن آزاديءَ واري سفر ۾ هلندي آئون هڪ پل لاءِ به ٿڪو نه آهيان، مونکي ته سنڌ امڙ پنهنجي گود ۾ ٿپڪيون ڏئي، اهڙي ته ننڊ ڪرائيندي رهي آهي، جهڙي ننڊ آئون ننڍپڻ ۾ امان جي هنج ۾ مٿو رکي سُمهڻ مهل ڪندو هُئس ۽ پوءِ مستانو مرشد لطيف جو هي شعر پڙهي جُهمريون هڻڻ شروع ڪندو ته سڄي سنڌ ساڻس گڏجي جُهمريون پائيندي آزاديءَ جا گيت ڳائيندي نظر ايندي.
هي سِر هڪڙو آڇيندي پُنهل کي لَڄ مَران،
هجن سِر گهڻا ته واري واري وڍيان.
غلام رسول عرف مستانو سنڌي 1960ع واري ڏهاڪي ۾ ڄامشوري ضلعي جي تعلقي مانجهند جي ڳوٺ قُبي ۾ ڄائو. هن جو والد لونگ خان برهماڻي برطانيا جي دور حڪومت ۾ فوج ۾ سپاهي طور ڀرتي ٿيو هو، پر حُر مارشل لا واري دور ۾ 1913ع ۾ مٿس حُرن جي ساٿاري هئڻ جو الزام هڻي، کيس نوڪريءَ مان برطرف ڪيو ويو. مستانو اڃا ننڍڙو ئي هو ته سندس امڙ وفات ڪري وئي، ان بعد هي قُبي مان لڏي، نيو سعيدآباد ۾ اچي ويٺا. هي جڏهن ويهن سالن جو ٿيو ته کيس ٺٽي ضلعي جي هڪ زميندار 1980ع ڌاري تڪراري زمين جي قبضي تي ويهاريو ۽ پوءِ کيس پوليس هٿان گرفتار ڪرائي، مختلف ڪيسن ۾ ڦاسائي جيل اماڻي ڇڏيو. کيس اڍائي سال سزا آئي، پر هي جيل هن لاءِ اصلاح گهر بڻجي ويو، ڇو ته هي وانجهيل هئڻ ڪري هميشه ڏچا پرائيندو رهندو هو، پر هي جڏهن جيل ۾ ويو ته اتي سندس قومي ڪارڪنن سان ڪچهريون ٿيون، جن کيس ڌرتيءَ ۽ پنهنجي حقن بابت سمجهايو ته هن جي اندر ۾ سُتل قومي درد رکندڙ انسان جاڳي پيو، ۽ جيل ۾ قومي انقلابي ڪلام پيو ڳائيندو هو، ۽ قومپرست نظرئي جي پرچار پڻ ڪندو رهندو هو.
مستانو سنڌي بلڪل اڻ پڙهيل هو، ان جي باوجود هي شاعري سُٺي ڪندو هو. اڍائي سالن جي جيل ڪاٽي هي آزاد ٿيو ته حيدرآباد ۾ ئي مزدوري ڪرڻ لڳو، پر ان دوران حيدرآباد ۾ قومي بنياد تي جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ هن روپوشي اختيار ڪئي، پر پوليس سندس پيرسن پيءُ کي گرفتار ڪيو، جنهن ڪري پاڻ گرفتاري پيش ڪيائين ۽ پيءُ کي آزاد ڪرايائين. گرفتاريءَ بعد هڪ ڀيرو ٻيهر ڪورٽ پنج سال سزا ٻڌائي، سينٽرل جيل حيدرآباد موڪليو، بعد ۾ کيس نارا جيل منتقل ڪيو ويو. جيل ۾ تاج جويي، ڊاڪٽر دودي مهيري، ستار موريي ۽ ٻين جي صحبت ۾ رهي، مستانو سنڌ جي عشق ۾ رَچي ريٽو ٿيو ۽ هي نج انقلابي شاعري ڪرڻ لڳو. شاعريءَ ۾ سندس اصلاح تاج جويو ڪندو هو، سندس شاعريءَ تي تاج جويي جو اثر گهڻو آهي، ان کان سواءِ مستانو بنا سازيندن جي ٿالهه تي ڳائيندو به هو، هي جڏهن ٿالهه وڄائي ڳائڻ شروع ڪندو هو ته هي بلوچستان جي اُن مست ڪردار ’مست توڪلي‘ جيان صفا مست ٿي ويندو هو، جنهن ڪري دوست کيس ’مستانو‘ سڏڻ لڳا ۽ پوءِ هي سندس دوستن توڙي قومي لڏي ۾ مستاني سنڌي طور سڃاپجڻ لڳو.
مستانو سنڌي 1986ع ۾ جيل مان آزاد ٿيو ۽ پنهنجي خاندان کي نيو سعيدآباد مان واپس پنهنجي اباڻي ڳوٺ قُبي ۾ لڏائي آيو. جيئن ته قُبي ۽ سن ۾ ٿورو مفاصلو هو، جنهن ڪري مستانو روزانو سائين جي. ايم. سيد سان ڪچهريون ڪندو هو. سائين جي. ايم سيد جي ڪچهرين مٿس اهڙو ته اثر وڌو، جو هو سيد ۽ سنڌ سواءِ ٻي ٻولي ڪين ڄاڻندو هو. سائين کي قومي گيت ٿالهه وڄائي ٻڌائيندو هو ته سيد کيس چميون ڏيندو هو، جنهن تي خوش ٿي چوندو هو، اهڙو اعزاز ڪنهن کي ملندو! هڪ ڀيري مستاني سنڌي سائين جي. ايم سيد کي چيو ته ابا! مون تي ڪا ذميواري رکو، ته سائين جي. ايم. سيد سندس اکين ۾ آزاديءَ جي تڙپ کي پرکيندي چيو: مستانا وڃي سڄي سنڌ ۾ قومي گيت ڳائي، آزاد سنڌوديش جي پرچار ڪر. پوءِ ته مستانو پوري سنڌ ۾ ڪاهي پيو، هر ڳوٺ ۾ وڃي سنڌ جو پيغام پهچايائين. هي ته انهن ڳو‎ٺن ۾ به ويو، جتي جيئي سنڌ جي نعري ٻُڌڻ لاءِ به ماڻهو تيار نه هوندا هئا، پر مستاني سنڌي جي قومي گيتن ۽ سندس وڻندڙ سڀاءُ انهن ڳوٺن مان نوجوانن جا انبوهه جدوجهد لاءِ تيار ڪيا.
مستاني سان اسڪولي ڇوڪرا اهڙي ته محبت ڪرڻ لڳا هُئا، جو جڏهن 9 ڊسمبر 1987ع تي سائين جي. ايم سيد اتر سنڌ جي دوري دوران گرفتار ٿيو هو، اها خبر جيئن ئي مستاني جي ڪنن تائين پهتي ته هي سراپا احتجاج بڻجي ويو ۽ 14 ڊسمبر تي سن پهتو ۽ آزاديءَ جا گيت ڳائيندي، نعرا هڻندي اعلان ڪيائين ته جيڪو سيد جي آزاديءَ لاءِ رت ڏئي، اهو مون سان گڏ هلي؟ اُن وقت سن جي اسڪولي ٻارن جو وفد، اسڪول مان موڪل وٺڻ بجاءِ مستاني سان گڏجي انڊس هاءِ وي بند ڪري بيهي رهيا، جڏهن ماڻهن مستاني سان گڏ ٻارڙن جو اهڙو انبوهه ڏٺو ته لاتعداد ماڻهو انڊس هاءِ وي بند ڪرڻ لاءِ پهتا، ۽ حيدرآباد کان سيوهڻ-لاڙڪاڻي کان ڪراچي ويندڙ سوين گاڏيون بيهجي ويون. مستانو هڪڙي هٿ ۾ ڪُهاڙي ۽ ٻئي هٿ ۾ جهنڊو کڻي نعرا هڻي رهيو هو. ايتري ۾ لاڙڪاڻي کان ايندڙ ٽرالر ۾ ڪيترائي قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار ويٺل هئا، جيڪي ٽرالر مان لهندي ئي مظاهرين جي وچ ۾ پوزيشن سنڀالي بيهي رهيا ۽ مستاني کي چيائون ته: ڪُهاڙي اسان جي حوالي ڪر، مستاني انڪار ڪيو ته هڪ اهلڪار مٿس هلان ڪئي، جنهن تي مستاني به ڪُهاڙي ورائي، پوءِ ته انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ مستانو شديد زخمي ٿي پيو، پر هن جي جُرئت اها هئي ته هو پاڻ ڪريو، پر جهنڊو ۽ ڪُهاڙي ڪرڻ نه ڏنائين. اهڙيءَ طرح زخمن جا تاب نه سهندي مستاني 14 ڊسمبر 1987ع تي شهادت ماڻي، سنڌي ماڻهن ۾ اُتساهه پيدا ڪيو. کيس مڃتا ڏيڻ لاءِ قومي دوستن سندس قومي شاعريءَ جو مجموعو ”آزادي اعلان اسان جو“ سنڌي ٻالڪ سٿ پاران ڇپائي پڌرو ڪيو، سندس قومي شاعري قومي ڪارڪنن ۾ هڪ جذبو پيدا ڪيو.