آزاديءَ جي گيت جهڙو ڳڀرو : شهيد ذڪريا ميمڻ
ذڪريا ميمڻ ڪاليج واري دور ۾ شاگرد سياست ۾ حصو ورتو ۽ تمام گهڻو سرگرم رهيو. هي نهايت ئي پڙهيل ۽ باشعور نوجوان هو، سندس مطالعو تمام وسيع هو. هن جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) جي پليٽ فارم تان شاگردن جي مسئلن لاءِ تمام گهڻو جاکوڙيو ۽ جڏهن مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتائين ته ’سائين جي. ايم سيد‘ جي نظريي جي پرچار ڪرڻ لڳو. هي نهايت ئي سنجيده ۽ نظرياتي ورڪر هو. نظرياتي سوچ هئڻ ڪري ڪيترن ئي شاگردن جو آئيڊيل بڻجي ويو. کيس سرگرم سياسي ورڪر هئڻ ڪري فرسٽ ايئر انجنيئرنگ دوران 26 نومبر 1981ع تي ريسٽيڪيٽ ڪيو ويو. پوءِ به هن پنهنجي سياسي سرگرمين ۾ ماٺار نه آندي ۽ اڳي کان اڳرو ٿي سياست ڪرڻ لڳو. ذڪريا، جيئن ته جاکوڙي ڪارڪن هو، جنهن ڪري ڳُجهن ادارن جي نظرن ۾ گهڻو آيل هو. نتيجي طور 3 جنوري 1982ع تي کيس ’اشتهاري ملزم‘ قرار ڏنو ويو ۽ 3 جون 1982ع تي گرفتار ڪري جيل اُماڻيو ويو. ذڪريا نهايت ئي بُردبار نوجوان هو، جيتوڻيڪ جيل وڃڻ وقت سندس عمر 20 سال هُئي، پر هِن ننڍڙيءَ عمر ۾ به سنڌ جي دامن تي داغ لڳڻ نه ڏنو، مٿس تمام گهڻو تشدد ڪيو ويو، پر هيءُ نه ٽُٽو نه وڪيو ۽ نه جُهڪيو، هي پنهنجي مقصد تي اٽل ۽ اڏول رهيو. ذڪريا سنڌ جي عشق ۾ رَچي ريٽو ٿيل هو، کيس تشدد ۽ ٽارچر جُهڪائي نه سگهيا هُئا. ساڻس جيل ۾ گڏ رهندڙ سياسي دوستن موجب ته هُو ڏاڍو بُردبار ۽ سنڌ جو سچو عاشق هو ۽ هر وقت جيل ۾ کِلندو ۽ کِلائيندو رهندو هو، مذاح سندس طبيعت ۾ شامل هو. هُو کلڻو ملڻو ۽ چلولو هوندو هو، ۽ جيل جي ڪنهن به دوست کي پريشانيءَ ۾ مبتلا ٿيڻ نه ڏيندو هو. اهڙيءَ طرح ذڪريا چئن مهينن تائين جيل ۾ قومي قيدين لاءِ وِندر وِرونهه بڻيل رهيو، جتان 7 آڪٽوبر 1982ع تي آزاد ٿيو. آزاديءَ کانپوءِ به سندس سياسي سرگرميون ساڳيون رهيون ۽ هُو وڌ کان وڌ تنظيم کي ٽائم ڏيڻ لڳو. کيس نه صرف پوري قيادت ڀائيندي هُئي، پر سائين جي. ايم سيد به کيس تمام گهڻو پيار ڪندو هو ۽ سائين جي. ايم سيد جو ڪارڪنن لاءِ اهڙو پيار ڏسي، هُو ’سنڌ‘ سان گڏ ’سيد‘ جو به عاشق ٿي پيو هو. هُن دنياوي سموريون لذتون وساري ڇڏيون هُيون ۽ هُو سيد کي ’نياز همايونيءَ‘ جي هنن سِٽن سان ڀيٽيندو هو.
سنڌ جي عشق کي ڪُفر چوڻ جو هوڏانهن پيو اعلان ٿئي،
هيڏانهن تُنهنجي عشق کي ڏسندي تازو پيو ايمان ٿئي.
ذڪريا ٽن سالن تائين يونيورسٽيءَ پاران ريسٽيڪيٽ رهيو، سندس ريسٽيڪيشن 1984ع جي آگسٽ ۾ ختم ٿي.
ذڪريا 17 آڪٽوبر 1984ع تي سنڌ ۽ مهراڻ يونيورسٽيءَ جي شاگردن سان گڏ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج پاران مُنعقد ڪيل ’جشن لطيف‘ لاڙڪاڻي ۾ بسن ۾ سوار ٿي وڃي رهيو هو ته ’ٽوڙيءَ ڦاٽڪ‘ وٽ فوجين جي اُنڌاڌُنڌ فائرنگ ٿي، جنهن ۾ ذڪريا سميت پنج نوجوان شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي شاگرد سخت زخمي ٿي پيا. ان بعد انهن زخمين کي گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو. اهڙيءَ طرح ذڪريا جي مڙهه کي سوين قومي ڪارڪنن جي قافلي ۾ ڳوٺ آڻي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.