ڌرتي توکي منهنجي چُمي اڌ ۾ رهجي وئي : شهيد اسد عباسي
اسد عباسي هفتي ۾ هڪ ٻه ڀيرا مون وٽ ايندو هو، ۽ اسان طويل ڪچهريون ڪندا هئاسين؛ ۽ حيدرآباد جي روڊن تي پنڌ ڪندا هئاسين. مون هن کي ڪڏهن به مايوس نه ڏٺو هميشه مُسڪرائيندو رهندو هو. کائڻ پيئڻ جو انتهائي شوقين هوندو هو، جيڪا شيءِ نظر ايندي هئس وٺندي دير نه ڪندو هو.
اسد عباسي نهايت ئي محنتي ۽ سچو ورڪر هو. شھادت کان ڪُجهه ڏينهن پهرين مون وٽ آيو ۽ چيائين ته، آئون قومي تحريڪ جي شهيدن جي تاريخ گڏ پيو ڪريان. انهن تي نه صرف خوبصورت ڪتاب آڻيندس، پر سنڌالاجي ۽ سينٽرل لائبريريءَ ۾ ڪارنر قائم ڪرڻ لاءِ انتظاميا سان ڳالهايو به اٿم، پر افسوس! هن جن شھيدن جي تاريخ سهيڙڻ پئي چاهي، اهو خود انهن شھيدن جي لسٽ جي هڪ فريم جي تصوير بڻجي رهجي ويو.
اسد عباسيءَ جي محنتن سان مهراڻ يونيورسٽيءَ جو ماحول اڃا وڌيڪ سُٺو ٿيندو ويو. ڪوبه جهيڙو جهڳڙو نه ٿيندو هو ۽ نه وري ڪڏهن ڪا اسٽرائيڪ (هڙتال). اها ڳالهه انتظاميا کي سُٺي نه لڳندي هئي، ڇو ته هنن جي پاڙيسري يونيورسٽيءَ (سنڌ يونيورسٽي) ۾ هر روز بائيڪاٽ هوندو هو. مهيني ۾ چار ڏينهن به ڪلاس ڪونه هلندا هئا؛ ان جي ڀيٽ ۾ مهراڻ يونيورسٽيءَ جو ماحول نرم هو. ڪنهن به تنظيم جي مداخلت کي جساف وارا اڳتي وڌڻ ڪونه ڏيندا هئا. انتظاميا مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ پريشر گروپ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر کين ناڪامي نصيب ٿي؛ ۽ پوءِ هنن سنڌ يونيورسٽيءَ مان (سپاف جي) سرڪاري غنڊن کي گهرايو، جيڪي گهرو وزير جي سَرپرستيءَ هيٺ سنڌ يونيورسٽيءَ کي تباهيءَ ڪناري پهچائي چڪا هئا. اسحاق بروهي ۽ رزاق بروهيءَ سان مهراڻ يونيورسٽيءَ جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر جو مائٽ، احسن ڪنڌر شامل ٿيو، ۽ ڪجهه جَٽ پنجابي به شامل ٿيا. هاڻي هنن جي پريشر گروپ جي مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ مداخلت شروع ٿي چڪي هئي. جساف جي ڪارڪنن ان مداخلت کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هُنن سان گورنمنٽ جي طاقت گڏ هئي، پوليس جي گاڏين ۾ چڙهي اچي هيءُ ٽولو يونيورسٽيءَ ۾ بدمعاشي ڪندو هو. ائين جهيڙي جي شروعات ٿي چڪي هئي. جساف جا نوجوان فولادي ديوار بڻجي، هنن جي سامهون بيهي رهيا، هنن کي پنهنجي زندگين کان وڌيڪ يونيورسٽيءَ جو ماحول عزيز هو؛ ۽ نيٺ 08 آگسٽ 2008ع تي انهي جهيڙي جي پُڄاڻي ٿي. مهراڻ يونيورسٽيءَ مان هڪڙي گولي ڇٽي، جيڪا بشير آريسر ۽ ماجد حيدريءَ سان گڏ سڄي سنڌ کي سوڳوار ڪري وئي؛ اها گولي اسد عباسيءَ جي تعاقب ۾ هئي. مهراڻ يونيورسٽيءَ جي گيٽ وٽان هڪ چيخ پڙاڏو بڻجي اُڀري، جيڪا ان ڇوڪريءَ جي هئي، جنهن سان هو ميسيج چيٽ ڪندو هو. هو پُٺ ڏيئي ڪونه ڀڳو هو، هن کي گولي نرڙ ۾ لڳي هئي، هن جو رت ٺينڍيون ڪري وهڻ لڳو هو. دوستن فوري طور هن کي طِبي امداد لاءِ L.M.U پهچايو، جتان ڊاڪٽرن فوري طور کيس ڪراچيءَ ريفر ڪيو؛ پر افسوس جو ڪراچي پهچڻ کان پهرين هن سرڪش نوجوان ڌرتيءَ تي آخري نظر وجهي هيءَ سٽ پنهنجي چپن ۾ ورجائي:
”ڌرتي! توکي منهنجي چُمي اڌ ۾ رهجي وئي...!“
هن جي چُمي اڌ ۾ رهجي وئي. اسد عباسي شهيد ٿي ويو. مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ سناٽو ڇانئجي ويو. هر اک آلي هئي، سارا نيڻ اداس هئا. پکين جا پَر ڪٽجي ويا هئا. ڌرتي ماتا سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪيو هو. سائين جي.ايم.سيد جو روح تڙپي اُٿيو هو ۽ جڏهن شهيد اسد عباسيءَ جي تدفين ڪري، هن جا دوست واپس موٽيا هئا، تڏهن هنن سڌو رُخ ڄامشوري ٿاڻي جو ڪيو. شهيد اسد جي قتل جي ايف.آءِ.آر ڪٽرائڻ لاءِ. ڄامشوري جي ڊي.پي.او اهو چئي ايف.آءِ.آر ڪٽڻ کان انڪار ڪيو، ته گهرو وزير جي منع ٿيل آهي ته اسحاق بروهي ۽ رزاق بروهيءَ تي ڪنهن به قسم جي ڪابه ايف.آءِ.آر نه ڪاٽي وڃي، پوءِ چاهي هو ڪيترائي قتل ڇو نه ڪري وجهن! اهو ٻُڌي شهيد اَسد جي دوستن جو رت ٽهڪڻ لڳو هو. هنن پڪو پهه ڪيو ته هاڻي هي خود قاتلن کي پڪڙي کين ڪيفرِ ڪردار تائين پهچائيندا، ۽ هنن ڳولا شروع ڪئي. هڪ مهيني گذرڻ کان پوءِ جڏهن هنن P.D جي مائٽ احسن ڪَنڌر کي يونيورسٽيءَ ۾ گهمندي ڏٺو، تڏهن هنن فوري طور ان کي پڪڙي ورتو، جيڪو اسحاق بروهي ۽ رزاق بروهيءَ سان گڏ مُک جوابدار آهي. وري ڊي.پي.او جي مداخلت تي، هنن احسن ڪنڌر کي ڊي.پي.او جي حوالي ڪيو. ڊي.پي.او ڄامشورو ٻه ڪلاڪ حراست ۾ رکڻ کان پوءِ قاتل کي فوري طور آزاد ڪري ڇڏيو؛ ۽ جساف جي عهديدارن تي ڪيس داخل ڪيو. انصاف جي ڪرسيءَ تي ويٺل منصف جي اکين تي پٽي ٻڌي وئي، جمهوري دؤر ۾ جمهوريت جو قتل سَرعام ٿيو، ڪنهن جي اک ئي نه ٻُڏي! ڇو؟ هن وقت تائين هڪ به قاتل نه گرفتار ٿيو آهي، ۽ نه ئي ريسٽيڪيٽ؛ شهيد اسد عباسيءَ جي قتل جي ايف.آءِ.آر ڪنهن جي عدالت ۾ داخل ڪرائجي؟ جيڪڏهن سڄي سنڌ ۾ هڙتالون، مظاهرا، تعليمي ادارن جو بائيڪاٽ به سوموٽو نوٽيس وٺندڙ چيف جسٽس جو ڌيان نٿا ڇڪرائي سگهن، ته پوءِ ڇا شهيد اسد عباسيءَ جو فائيل پڻ ٻين ڪيترن ئي قتلن وانگر، هميشه هميشه جي لاءِ بند ٿي ويندو...!؟