بهادُر گڏيا بهادرين : شهيد ممتاز ڀٽو
سنڌ جي ڪُک ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون گوليون هنيون ويون آهن، جن جو گهاءُ اُن وقت جي نسل کي رسيو آهي، پر اُن زخم مان وهندڙ رت اڃا تائين نسل در نسل جي دلين مان وهندو اچي. موجودهه دور ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي قومي ڪارڪنن جا گهر اُجاڙيا ويا آهن، ڪيترين ئي ونين کي ڏهاڳ جا ڏنڀ ڏنا ويا آهن، ڪيترين ئي مائرن جون جهوليون خالي ڪيون ويون آهن، ڪيترين ئي ڀينرن جي اکين جا خواب وقت جي بازار ۾ نيلام ڪيا ويا آهن، ڪيترن ئي پيئرن کان سندس عمر جي آخري لٺ کسي وئي آهي، پر هن بهادر قوم جون، مائرون، ڀينرون، توڙي ونيون پنهنجي ڪونڌرن جي ايئن بي وقتائتي وڇڙڻ تي پڇتاءُ ڪرڻ بدران، پنهنجي هٿن سان لحد ۾ لاهيندي، ڪو به اک مان ڳوڙهو ڳڙڻ ڪون ٿيون ڏين. جنهن قوم جون مائرون ايتريون بهادر هجن، انهن مائرن جي ڪُک مان جنم وٺندڙ واقعي مظفر ۽ ممتاز جهڙا جوڌا ٿي سگهن ٿا.
ممتاز ڀُٽي سيوهڻ جي هڪ عظيم انسان راهب ڀُٽي جي گهر ۾ جنم ورتو، تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ گهر جي چُلهه ٻارڻ خاطر پاور هائوس ۾ ڦوٽو اسٽيٽ مشين جو دڪان لڳايائين، جتي هُو ٻچن جو پيٽ گذران ڪرڻ لڳو. شھيد ممتاز ڀُٽو، ’جيئي سنڌ متحده محاذ‘ جي بهادر مرڪزي اڳواڻ شھيد مظفر ڀُٽي جو ننڍو ڀاءُ هو، هُو جيتوڻيڪ ڪو سياست ۾ سرگرم نه هو، پر جڏهن مُظفر ڀُٽي کي پهريون ڀيرو رياست کنڀي گُم ڪيو هو ته هن سياست ۾ پير پاتو هو ۽ مُظفر جي آزاديءَ لاءِ احتجاج، مظاهرا ڪرايا هُئائين ۽ بعد ۾ ’جسمم‘ جي سينٽرل ڪميٽيءَ جو ميمبر پڻ ٿيو. اهڙيءَ طرح هي سياسي سرگرمين ۾ به حصو وٺڻ لڳو ۽ جڏهن مظفر کي ٻيو ڀيرو ڳُجهن ادارن کنڀي گُم ڪيو ۽ مظفر تي هر طرح جو تشدد ڪرڻ جي باوجود هُو نه ٽٽو ته مظفر جي هن ڀاءُ کي پنهنجي گهر ۾ 2 جولاءِ 2009ع تي بم هڻي شھيد ڪيو ويو.