شخصيتون ۽ خاڪا

قومي تحريڪ جا شهيد

ڪتاب ”قومي تحريڪ جا شهيد“ ليکڪ علي نواز آريسر جو سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ شهيد ٿيل سنڌين جي خاڪن ۽ سوانح تي مشتمل آهي.

تاج جويو لکي ٿو :
”اسان جي نوجوان ساٿي علي نواز آريسر هن ڪتاب ۾ جن ٽيهارو شهيدن جا پروفائيل، خاڪا ۽ ڪردار چِٽيا آهن، سي سنڌ جي صدين جي تاريخ ۽ ساڃاهه جي اُهڃاڻ، علمبردار ۽ ارڏي انسان: سائين جي. ايم سيد جا فِڪري پيروڪار رهيا آهن. هنن پُٺيءَ ۾ گهاون کائڻ بدران سيني تي وار سَٺا آهن. لال لهوءَ جي سرگم تي رقص ڪندڙ انهن شهيدن جا چهرا جڏهن اکين آڏو تري اچن ٿا ته هڪدم سِر جُهڪي سندن قدمن جي پيزار چُمڻ چاهي ٿو.“
Title Cover of book قومي تحريڪ جا شهيد

يوسف جکراڻيءَ جو حساب ڏيو؟ : شهيد يوسف جکراڻي

قومپرست اڳواڻ محمد يوسف ولد مير احمد خان جکراڻي 14 آگسٽ 1947ع تي ڳوٺ گلشير خان جکراڻي، تعلقي ڪشمور ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم ڪنڌڪوٽ ۽ جيڪب آباد مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ گورنمنٽ هاءِ اسڪول ڪنڌڪوٽ مان، ۽ انٽر حيدراباد ۾ پڙهيو. اُن بعد سنڌ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪيائين.
هن 1973ع کان ’جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن‘ کان سياست جو آغاز ڪيو ۽ 1973ع ۾ شاگرد يونين جو صدر چونڊيو ويو.
يوسف جکراڻي، عُمر جي لحاظ کان ڪُجهه جذباتي قسم جو هوندو هو، جڏهن 73 جي آئين خلاف ’جيئي سنڌ‘ تحرڪ ۾ آئي ته هن به ٻين ڪارڪنن سان گڏ متحرڪ ڪردار ادا ڪيو. سنڌ يونيورسٽي جڏهن 73 جي آئين ٺاهيندڙ حفيظ پيرزادي کي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ڏيڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تقريب رکي، ته ٻين قومي ڪارڪنن سان گڏ هن ان جلسي کي درهم برهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. واضح ڪندو هلان ته جساف اڳواڻ اسماعيل وساڻ اُن جلسي ۾ حفيظ پيرزادي کي چماٽ به هنئي هُئي. يوسف کي ٻين ساٿين سان گڏ يونيورسٽي ريسٽيڪيٽ ڪيو ۽ جيل ڀيڙو ڪيو ويو. هڪ سال جيل ڪاٽڻ بعد هُو ٻاهر آيو ۽ سندس ريسٽيڪيشن بحال ٿي ۽ ايم. اي (سوشل ورڪ) جي ڊگري حاصل ڪيائين، يونيورسٽيءَ مان تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هن ’جيئي سنڌ تحريڪ‘ ۾ شموليت ڪئي. يوسف جکراڻي 1983ع ۾ ’ايم. آر. ڊي‘ جي تحريڪ ۾ تمام گهڻو سرگرم رهيو. اهڙيءَ طرح هن ڪالاباغ ڊيم خلاف به تحريڪ هلائي ۽ مير هزار خان بجاراڻي ۽ محمد شاهه امروٽيءَ سان گڏ گرفتار ٿيو، کيس 22 مهينا سزا ڏئي جيل موڪليو ويو، سزا ڪاٽي هي ٻاهر نڪتو ته بين الاقوامي انساني حقن واري ڪميشن ڪينيڊا برانچ پاران کيس ’ضمير جو قيدي‘ قرار ڏنو ويو. اهڙيءَ طرح هيءُ گهڻو وقت فڪرِ جي. ايم سيد سان لاڳاپيل رهيو.
يوسف جکراڻي 1983ع ۾ سنڌ ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ ۾ شموليت ڪئي، ايس. اين. اي جي پليٽ فارم تان قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تان اليڪشن وڙهيو، سامهون پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تان مير هزار خان بجاراڻي چونڊن ۾ کٽي ويو. ٻيو ڀيرو 1991ع وارين چونڊن ۾ حصو ورتائين، بعد ۾ دستبردار ٿيو. يوسف جکراڻي قبيلائي تڪرارن جي خاتمي لاءِ جاکوڙيو ۽ هن جي راڄوڻي طرف وڌيڪ ڪوشش هوندي هُئي. هن جي سوچ وسيع هوندي هُئي، ۽ هن قومي سوچ کي قبيلائي تڪرارن جي ور چاڙهڻ نٿي چاهيو.
اهڙيءَ طرح يوسف جکراڻيءَ کي پنهنجي ٻن سياسي ساٿين دودي خان نوحاڻي ۽ ديدار کوسي سميت، پنهنجي گهر جي ڀرسان اسٽيشن وٽان وفاقي ايجنسين کنڀي گُم ڪيو ۽ 22 جون 1992ع تي کيس بيدرديءَ سان گوليون هڻي شھيد ڪيو ويو. مقامي ماڻهن جو موقف آهي ته کيس ڪنڌڪوٽ شهر ۾ سرعام گوليون هڻي شھيد ڪيو ويو، پر فقير محمد لاشاري پنهنجي ايڊيٽوريل يوسف جکراڻيءَ جو حساب ڏيو؟ ۾ لکيو آهي ته سندس لاش پني عاقل ڇانوڻيءَ مان مليو. سنڌ جي هن بهادر انسان جو ايئن بيدرديءَ سان شھيد ٿيڻ هڪ وڏو سانحو هو، جنهن تي سنڌ جي ڪيترن ئي شاعرن شاعري ڪئي، تاجل بيوس ڪيڏارو لکيو ۽ امداد حسيني هن شعر سان ڀيٽا ڏني.

هي جو يوسف آ جکراڻي،
هوشو آ، ڪالاڻي آ.