شخصيتون ۽ خاڪا

قومي تحريڪ جا شهيد

ڪتاب ”قومي تحريڪ جا شهيد“ ليکڪ علي نواز آريسر جو سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ شهيد ٿيل سنڌين جي خاڪن ۽ سوانح تي مشتمل آهي.

تاج جويو لکي ٿو :
”اسان جي نوجوان ساٿي علي نواز آريسر هن ڪتاب ۾ جن ٽيهارو شهيدن جا پروفائيل، خاڪا ۽ ڪردار چِٽيا آهن، سي سنڌ جي صدين جي تاريخ ۽ ساڃاهه جي اُهڃاڻ، علمبردار ۽ ارڏي انسان: سائين جي. ايم سيد جا فِڪري پيروڪار رهيا آهن. هنن پُٺيءَ ۾ گهاون کائڻ بدران سيني تي وار سَٺا آهن. لال لهوءَ جي سرگم تي رقص ڪندڙ انهن شهيدن جا چهرا جڏهن اکين آڏو تري اچن ٿا ته هڪدم سِر جُهڪي سندن قدمن جي پيزار چُمڻ چاهي ٿو.“
Title Cover of book قومي تحريڪ جا شهيد

شهيد هميشه زنده هوندا آهن : شهيد عبدا لله سمون

تاريخ جا ورق ورائجن ٿا ته پتو پئي ٿو: سَما، سنڌ جا حڪمران ٿي رهيا آهن ۽ ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو، سنڌ جو ناليوارو حاڪم ٿي گُذريو آهي، جيڪو عدل انصاف ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. هن لاءِ مشهور آهي ته هُو روز پنهنجي گهوڙن جي طنبيلي ۾ وڃي، پنهنجي گهوڙن جي پُٺيءَ تي هٿ گُهمائي چوندو هو: خدا اهڙو ڏينهن نه آڻي، جنهن ڏينهن تي آئون اوهان جي پُٺيءَ تي چڙهي، ڪنهن بيگُناهه جو رت وهايان. اُن کان علاوهه سنڌ جو ناميارو عالم مخدوم بلاول به سمون هو، جنهن کي سنڌ جي ڳالهه ڪرڻ جي ڏوهه ۾ زندهه گهاڻي ۾ پيڙايو ويو هو. هونئن به سما گهراڻو، سماٽ ۾ وڏو گهراڻو آهي. جهڙي ريت مخدوم بلاول ۽ ڄام نندي سنڌ جي تاريخ تي اڻمٽ نشان ڇڏيا آهن. اهڙي ريت سما خاندان جي هڪ چشم چراغ جو نالو عبدالله سمون به آهي، جيڪو سنڌ جي آزاديءَ واري جدوجهد ۾ شهادت جهڙي عظيم رُتبي کي پهتو.
شهيد عبدالله سمون، 15 آگسٽ 1960ع تي ڳوٺ پير سخي عثمان شاهه، لڳ نئون دمبالو، تعلقي ماتليءَ ۾ منٺار احمد سمي جي گهر ۾ ڄائو. پرائمري تعليم سجاول شهر مان ۽ ميٽرڪ جو امتحان ماتلي ڪاليج مان امتيازي حيثيت سان پاس ڪري، انٽر گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري، حيدرآباد مان پاس ڪيائين. جتان سنڌ جو عشق لڳو ۽ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) ۾ شموليت ڪري، آزاد سنڌوديش جي سياست ڪرڻ لڳو. هن کي جهڙي ريت سنڌ سان محبت هئي، اهڙي ريت تعليم سان به وڏو چاهه هئس. هن شروعاتي زندگيءَ ۾ تمام گهڻو مطالعو ڪيو هو ۽ سراج ميمڻ جي ناول ’پڙاڏو سو ئي سڏ‘ مٿس تمام گهڻو اثر ڇڏيو هو ۽ سراج سندس پسنديدهه ليکڪ بڻجي ويو هو. هن کي ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ پڙهڻ کان پوءِ سنڌ جي عشق جي اهڙي ته لوري لڳي، جو هن باقي سڀ ڪُجهه وساري ڇڏيو هو. هي نهايت ئي پڙهيل ڳڙهيل، نظرياتي ۽ ڪميٽيڊ ورڪر هو، جنهن ڪري سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ پنهنجي لاءِ هڪ الڳ مقام جوڙيو هُئائين.عبدالله سمون نهايت ئي پُرخلوص ۽ سنجيده ورڪر هو. هن پنهنجي سينيئر دوستن سان گڏجي سنڌ ۾ ڳوٺاڻيون ڪچهريون ڪري، فڪرِ جي. ايم سيد کي ڦهلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وٽس تقرير جو سُٺو ڏانءُ هو، جنهن ڪري ماڻهن ۾ جلدي رلي ملي ويندو هو. ڪچهري جو ڪوڏيو، محفل جو مور ۽ وڏو مهماننواز هئڻ سان گڏوگڏ ڪپڙو لٽو سادو ۽ سُٺو پهرڻ جو شوقين هوندو هو، هي سائين جي. ايم سيد جي صفائي سُٿرائي واري نُڪتي تي مڪمل عمل ڪندو هو. شهيد عبدالله پنهنجي سڄي زندگي قومي ۽ سماجي ڪمن ۾ صرف ڪئي. هن سنڌ جي هر ڳوٺ ۾ وڃي آزاد سنڌو ديش جي پرچار ڪئي.
عبدالله سمون سنڌ ۽ سيد سان گڏ پنهنجي گهر جو به وڏو خيال رکندو هو، هن پنهنجي سڀني ڀائرن کي سٺي تعليم ڏياري ۽ سندن بهتر تربيت پڻ ڪئي. هي ماءُ پيءُ جو به تمام گهڻو خيال رکندو هو. گهر ۾ سندس رويو نهايت ئي پيار وارو هوندو هو، جنهن ڪري پوري گهر جا ڀاتي کيس تمام گهڻو ڀائيندا هُئا. هن 1978ع ۾ شادي ڪئي، جنهن مان کيس هڪ نياڻي ۽ هڪ پُٽ جو اولاد ٿيس، پُٽ ننڍپڻ ۾ گذاري ويو، باقي سندس نياڻي آهي، جيڪا شهيد جي آخري نشاني آهي. عبدالله سمون تنظيمي سرگرمين ۾ گُهمندو رهندو هو. اُن وقت موبائل فون جي سهوليت نه هُئي، جنهن ڪري ڪڏهن ڪڏهن رابطو ٿيندو هو. اهڙيءَ طرح اپريل 1987ع ۾ جڏهن گهران نڪتو ته هفتي تائين نه موٽيو. سندس گهر وارن ڳولا شروع ڪئي، آخر 17 اپريل 1984ع تي پوليس، ڪراچيءَ ٿاڻي تان فون ڪري وارثن کي اطلاع ڏنو ته، عبدالله سمون مارجي ويو آهي، سندس لاش کڻي وڃو. جڏهن وارث ڪراچي پُهتا ته هُنن چيو؛ اسان لاش زمين حوالي ڪري ڇڏيو آهي. وارثن کي خالي هٿ موٽايو ويو، کين لاش ته نه ڏنو ويو، پر اهو به نه ٻُڌايو ويو ته دفن ڪٿي ڪيو آهي. اڃا تائين سندس وارث، سندس راهون ڳولي رهيا آهن. عبدالله سمون ڪو ڌاڙيل نه هو، هن جو ڏوهه ڪهڙو هو، مائٽن کي مُنهن به ڏسڻ نصيب نه ٿيو. هن جو وڏو ڏوهه اهو هو ته هن سنڌ سان عشق ڪيو هو، ۽ اسان ماضيءَ ۾ جهاتي پائينداسين ته صدين کان سنڌ جي ماڻهن کي، ’ڌرتيءَ سان عشق‘ جي ڏوهه ۾ ڪُٺو پيو وڃي.
سندس پونئير هن وقت ماتلي شهر ڀرسان پنهنجي والد صاحب جي نالي سان ٻڌل ڳوٺ منٺار احمد سمي ۾ رهائش پذير آهن.