سميع الله جو ٽارچر سيل مان پنهنجي ونيءَ ڏانهن لکيل خط
سوين حياتيءَ جا ڏکڙا، هڪ لحظي منجهه لاهي،
اهڙو الله آهي، جو ماڳ پهچائيندئي مارئي.
(شاهه)
منهنجي پياري فجو (فرزانه)
جيئي سنڌوديش
اُميد ته ٻچن سميت خوش هونديينءَ.
منهنجو خيال نه ڪجو، مون کي صرف اوهان جي پريشاني تنگ ڪندي آهي. آئون توهان کان معافي ٿو وٺان، جو مون اوهان کان وڌيڪ سنڌ وطن کي پيار ڏنو آهي. ان لاءِ توهان وٽ هوندي به وطن جي آزاديءَ جي تڙپ هئي ۽ اڄ هت به ساڳي تڙپ اٿم، پر اوهان به هڪ پل لاءِ نه وسريا آهيو. جڏهن رات يا ڏينهن جو اوهان جي ياد ايندي آهي ته طبيعت ۾ ڏاڍي بيقراري پيدا ٿيندي آهي، جو رات جو ننڊ ختم ٿي ويندي آهي. ڏينهن ۾ بي چيني هوندي اٿم، پر توکي ۽ اسان جي اولاد کي اهو فخر ضرور هئڻ گُهرجي ته هن تشدد ۽ بيماريءَ ۾ به مسلسل سنڌ سان عشق نڀايو اٿم. مونکي پاڻ تي خود حيرت آهي، پنج ڏينهن پنج راتيون تشدد ڪيئن برداشت ڪيم! آئون سڄي تشدد جي وقت هوش ۾ رهيس ۽ ذرو به نه لڏيس، خبر ناهي اها استقامت مون ۾ ڪٿان آئي. آئون سنڌ وطن جو حقيقي عاشق ٿي پيس، جو تِر جيترو به نه لُڏيس. اڪثر ڪري هڪ ڪمري ۾ بند رهڻو پوي ٿو، هاڻ مون کي اهو آسرو ته ڏين ٿا ته توکي ڇڏينداسين، پر ڪڏهن؟ ڪا خبر ناهي!
گڙدن ۾ تڪليف پيدا ٿي اٿم، جلد ملنداسون، فڪر نه ڪندا. مون کي آءِ. ايس.آءِ طرفان جوڙيل ٽيم کنيو آهي، جيڪي ڳجهين جاين تي رکن ٿا.ان جو سربراه پير فريد آهي ۽ آپريشنل ٽيم جو سربراه ذوالفقار ڦليلي تي انويسٽيگيشن انچارج آهي.
هالار، زويا ۽ مايين جو احوال ڏيندا، ٻيو ته هالار کي اسڪول کان نه گُسرائجو، پڙهائيءَ جو ڌيان رکجوس، ٻاهر اڪيلو نه ڇڏجوس، متان مون وانگر نه کنڀجي وڃي، اهڙيون ڌمڪيون ملن ٿيون. وڌيڪ پارت اٿو. پوليس ۽ ايجنسين جي اهلڪارن جي تشدد سبب مان هاڻي جسماني طور ختم ٿي ويو آهيان ۽ بچي نه سگهندس. اسان ته عدم تشدد جا حامي آهيون، لڳي ٿو ته مون کي تشدد يا مقابلي ۾ ماريو ويندو، تون حوصلو نه هارجانءِ.
سنڌ جي آزاديءَ واري جدوجهد ۾ منهنجو سِر وڃي ٿو ته مونکي اُن کان وڌيڪ ٻيو ڇا گُهرجي. توهان لاءِ منهنجي قرباني مثالي ۽ ڳاٽ اوچو رکڻ واري ثابت ٿيندي. هالار، زويا ۽ مايين جو خيال رکجانءِ، مون کي موٽي اچڻ جو ڪو به آسرو ناهي، پر تون نااُميد نه ٿي، جيڪڏهن مان مارجي وڃان ٿو ته منهنجو رت سنڌ جي آزاديءَ جو سنگ بنياد رکندو ۽ تون اُن سنڌ ۾ ٻهڪندڙ نظر اينديينءَ. تشدد ۾ منهنجا ڏند ڀڄي پيا آهن، نظر به ختم ٿيندي ٿي وڃي، سُمهڻ نٿو ڏنو وڃي، ٽهڪيل پاڻي، پئٽرول ۽ چُن پياريو پيو وڃي.خط جو جواب چٺي آڻيندڙ کي ڏيندا جيڪو ڪنهن نموني سان پهچرائيندو.
صرف تنهنجو
سميع الله