مون ڌرتيءَ تُنهنجا ڌِڱ ڏٺا! : شهيد ذوالفقار ڪولاچي
سنڌ جي قومي تحريڪ به اُن مٽيءَ جي ڏيئي وانگر آهي، جنهن کي هن ڌرتيءَ جي ڪُونڌر پُٽن پنهنجي رت جو تيل ڏئي روشن رکيو آهي ۽ وسامڻ ناهي ڏنو. اهڙن ڪُونڌر پُٽن ۾ شهيد ذوالفقار ڪولاچيءَ جو نالو به فخر سان لکرائي سگهجي ٿو. ذوالفقار ڪولاچي موهن جي دڙي جي مٽِيءَ جو خمير هو، جنهن موهن جي دڙي جي تاريخي ۽ تهذيبي حيثيت بحال رکڻ لاءِ پنهنجي جان جو دان ڏنو. ذوالفقار ڪولاچي هڪ پورهيت پيءُ جو پُٽ هو، جنهن ڪري نه سندس پرورش شاهاڻي نموني ٿي هئي ۽ نه ئي سندس تعليم ڪنهن برائيٽ فيوچر جهڙن ادارن مان ورتل هُئي، پر هن موهن جي دڙي جي مٽيءَ کان گهڻو ڪُجهه سِکيو هو. سنڌ جي تهذيب موهن جي دڙي جي وِٿن کان هن گهڻو ڪُجهه پِرايو هو. هن شهر, هن ٻالڪ جي ذهن تي ڪيترائي اثر ڇڏيا هئا، جيڪي جوانيءَ سان گڏ سندس اندر ۾ شعوري سگهه ڌاري چُڪا هئا. هُو ننڍپڻ ۾ اڪثر موهن جي دڙي بابت سوچيندو هو ۽ اُن دڙي مان مليل شاهوڪار تهذيب جاعڪس ڏسي ۽ موجودهه دور جي حالتن جي ڀيٽ ڪندي هُو جوان ٿيو هو، پر هن جي جوان ٿيڻ سان ذهن ۾ متل مانڌاڻ ۾ اڃا وڌيڪ اضافو ٿيو هو، پر هو ڪُجهه به سمجهي نه سگهيو هو ته آخر هن خوشحال ڌرتيءَ جا ماڻهو ايترا ڏکيا ڇو آهن. پر پوءِ هي جڏهن هاءِ اسڪول جي تعليم پوري ڪري ڪاليج ۾ پهتو هو ته هن کي سائين جي.ايم سيد جا ڪتاب پڙهڻ لاءِ مليا هئا، جن مان کيس سمورن سوالن جا جواب مليا هُئا، جن کيس مڪمل باغي بڻائي ڇڏيو هو. هي باغي صرف ۽ صرف پنهنجي ڌرتيءَ جي سُک لاءِ بڻيو هو.
ذوالفقار ڪولاچي، پهرين جنوري 1974ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جي شهر باڊهه ڀرسان، سيهڙ اسٽيشن ڳوٺ ۾، الهڏني ڪولاچيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم سيهڙ اسٽيشن جي پرائمري اسڪول مان پرائي، جنهن بعد سيهڙ وليج جي مڊل اسڪول ۾ اٺين درجي تائين پڙهيو. ڳوٺ ۾ وڌيڪ پڙهائيءَ جي سهوليت نه هئڻ ڪري ڏوڪري هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ڪيائين. هن انٽر جو امتحان به ڏوڪري سائنس ڪاليج مان پاس ڪيو، ان بعد ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان گريجوئيشن ڪيائين. ذوالفقار ڪولاچي تعليم مڪمل ڪري روزگار سانگي ڪراچيءَ هليو ويو، جتي مختلف مزدوريون ڪيائين، ڪارخاني ۾ ڪم ڪرڻ دوران هن ٺيڪيداري به ڪئي. ليبر فورمين به ٿيو ۽ مزدورن جي نگراني ڪرڻ لڳو. ڪراچيءَ ۾ هن مزدورن جي حقن لاءِ ڀرپور جاکوڙيو، هن مزدورن ۾ تمام گهڻو اُتساهه پيدا ڪيو ۽ گڏو گڏ هن قومي فرض به بخوبي نڀايا ته گهر جي وڏي جي حيثيت سان هن گهرو ذميداريون به خوب نڀايون. ذوالفقار ڪُل وقتي ڪارڪن ته هُيو ئي، پر جڏهن تنظيم ’جسقم‘ مٿس ڪراچيءَ ۾ ميمبرشپ جون ذميواريون رکيون ته هن ڏينهن رات محنت ڪري، ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ وڌ کان وڌ ميمبرشپ ڪئي. مون کي نواز چانڊيي ٻڌايو ته ذوالفقار کي سنڌ جو اهڙو ته عشق لڳل هو، جو سندس ته ننڊون حرام هونديون هيون، پر اسان کي به سُمهڻ نه ڏيندو هو، ماني به وقت تي مشڪل سان کائيندو هو. اهڙيءَ طرح هن سياسي، سماجي ۽ خانداني ذميداريون به پنهنجو فرض سمجهي نڀايون.
ذوالفقار پنهنجي سياسي سفر جي شروعات ’جيئي سنڌ لطيف سنگت‘ کان ڪئي. ڪاليج ۾ پڙهائيءَ دوران جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) سان لاڳاپجي ويو. هن شاگرد سياست دوران پنهنجي هڪ جدا حيثيت ٺاهي، هن شاگردن جي جائز مسئلن جي حل لاءِ جاکوڙيو ۽ انتظاميا پاران شاگردن جي فنڊس ۾ لڳندڙ گهوٻين خلاف آواز اُٿاريو، هن ڪاليج ۾ شاگردن لاءِ الڳ لئبريري قائم ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪئي، ڪمپيوٽر ليب ۽ ٻين جائز سهوليتن لاءِ انتظاميا کي مجبور ڪيو، جنهنڪري مقامي سطح تي هر ماڻهو کيس عزت جي نگاهه سان ڏسندو هو. ذوالفقار گريجوئيشن مڪمل ڪري شاگرد سياست (جساف) مان نڪري مڌر پارٽيءَ (جسقم) ۾ شامل ٿيو. جتي جيئمسٽ ڪائونسل جي ميمبر هئڻ سان گڏ، مختلف عهدن تي رهي ڪم ڪيائين. ذوالفقار ڪولاچي ڪُل وقتي ڪارڪن هو ۽ سائين جي. ايم سيد جو فڪري پيروڪار هو. هن جسقم ۾ رهندي ڪيترائي ڪامياب جلسا ڪوٺايا ۽ ڪالاباغ ڊيم ۽ ٿل ڪئنال خلاف ٿيندڙ ڪيترن ئي احتجاجن، مظاهرن جي اڳواڻي ڪئي. جڏهن ’جسقم‘ ٻن ڌڙن ۾ ورهاڻي ته ذوالفقار ڪولاچي جسقم آريسر سان شامل رهيو. جتي پهريان ڪلچرل سيڪريٽري ۽ پوءِ پريس سيڪريٽري طور ذميداريون نڀايائين. هي جيئن جيئن سياست ۾ سرگرم ٿيندو ويو، تيئن ڳُجهن ادارن جي اک جو ڪنڊو بڻجندو ويو. ڳُجهن ادارن جا اهلڪار ڪيتري وقت کان سندس پيڇو ڪري رهيا هئا. نيٺ 31 ڊسمبر 2005ع تي ذوالفقار ڪولاچي ۽ نواز خان زئور نوجوان شاعر امتياز دانش جي ڀاءُ جي شاديءَ ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيا هئا ته ٻولهاڙي اسٽيشن تان قانون نافذ ڪندڙ ادارن کين گرفتار ڪيو. مٿس سخت تشدد ڪيو ويو ۽ سياسي سرگرمين تان هٿ کڻڻ لاءِ زور وڌو ويو. سندن گرفتاريءَ خلاف سڄي سنڌ ۾ ڀرپور احتجاج ۽ مظاهرا ٿيا، جنهن جي نتيجي ۾ ٻن مهينن کان پوءِ گهاري ويجهو ڳوٺ سلطان آباد وٽ کيس ڇڏيو ويو، پر نواز خان زئور وٽن باندي رهيو.
ذوالفقار جيئن آزاد ٿي ٻاهر آيو ته هن نواز خان زئور جي گرفتاريءَ خلاف ڀرپور آواز اٿاريو، هن جون سرگرميون بجاءِ گهٽجڻ جي وڌنديون ويون. جڏهن ڪن نام نهاد پنجابين ڪراچيءَ جي گُلشن حديد واري علائقي ۾ قومي جهنڊي جي بي حرمتي ڪري لاٿو هو ته ذوالفقار، سرائي قربان، روپلي چولياڻيءَ سان گڏجي ڪارڪنن جي قافلي جي صورت ۾ ساڳئي هنڌ تي قومي جهنڊو جُهولائڻ لاءِ پهتا ته پنجابين جي سرپرستي ڪندڙ پوليس اهلڪارن، مٿن لاٺي چارج ڪئي، جنهن ۾ روپلي چولياڻيءَ کي مٿي ۾ ڌڪ به لڳو، ان دوران هي نهايت ئي بهادريءَ سان وڙهيو ۽ پوليس کيس گرفتار ڪيو. مٿس بي تحاشا تشدد ڪيو ويو ۽ 14 ڏينهن جي ريمانڊ تي جيل موڪليو ويو، جتان ضمانت تي آزاد ٿيو. ان کان پوءِ به هو ڪيترا ڀيرا گرفتار ٿيو. اهڙيءَ طرح قومي سياست کي ڪراچيءَ ۾ متحرڪ ڪرڻ ۾ ذوالفقار ڪولاچي تمام گهڻي محنت ڪئي.
جڏهن سرائي قربان کهاوڙ جيئي سنڌ متحده محاذ (جسمم) ۾ شموليت ڪئي ته ذوالفقار ڪولاچي به سندس ساٿي بڻيو ۽ ’جسمم‘ جو مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ٿيو. جسمم ۾ شموليت کانپوءِ ذوالفقار اڃا وڌيڪ متحرڪ ٿي سياست ڪرڻ لڳو، ان دوران به قانون نافذ ڪندڙ ادارا سندس پٺيان رهيا: ڪيترا ئي ڀيرا مٿس حملو ڪيو ويو، پر قسمت سندس ساٿ ڏيندي رهي. آخر 5 مارچ 2011ع تي ڪراچيءَ ۾ پنهنجي گهر ۾ ويٺل هو ته مٿس دستي بم سان حملو ڪري، کيس شهيد ڪيو ويو، ساڻس گڏ گهر ۾ موجود ٻه ڀائر صدرالدين ۽ اسماعيل عرف ڏاڏو ڪولاچي به شديد زخمي ٿيا. هن موقعي تي پوليس رياست جي ونگار وهندي، ذوالفقار جي ٻن زخمي ڀائرن کي گرفتار ڪري مٿس دهشتگرديءَ جو الزام مڙهي جيل موڪلي ڇڏيو، جيڪي اڃا تائين جيل ۾ آهن. سرائي قربان کهاوڙ سندس مڙهه ڪراچيءَ کان ڳوٺ سيهڙ اسٽيشن کڻائي ويو، جتي هزارين قومي ڪارڪنن جي قافلي سان قومي جهنڊي جو ڪفن ڏئي، کيس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.