شخصيتون ۽ خاڪا

قومي تحريڪ جا شهيد

ڪتاب ”قومي تحريڪ جا شهيد“ ليکڪ علي نواز آريسر جو سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ شهيد ٿيل سنڌين جي خاڪن ۽ سوانح تي مشتمل آهي.

تاج جويو لکي ٿو :
”اسان جي نوجوان ساٿي علي نواز آريسر هن ڪتاب ۾ جن ٽيهارو شهيدن جا پروفائيل، خاڪا ۽ ڪردار چِٽيا آهن، سي سنڌ جي صدين جي تاريخ ۽ ساڃاهه جي اُهڃاڻ، علمبردار ۽ ارڏي انسان: سائين جي. ايم سيد جا فِڪري پيروڪار رهيا آهن. هنن پُٺيءَ ۾ گهاون کائڻ بدران سيني تي وار سَٺا آهن. لال لهوءَ جي سرگم تي رقص ڪندڙ انهن شهيدن جا چهرا جڏهن اکين آڏو تري اچن ٿا ته هڪدم سِر جُهڪي سندن قدمن جي پيزار چُمڻ چاهي ٿو.“
Title Cover of book قومي تحريڪ جا شهيد

پلاند پُراڻا ناهن ٿيندا : شهيد ماجد ميمڻ

لاڙ جي مٽي نه رُڳو محمد خان مجيدي، سرويچ سجاولي ۽ ابراهيم مُنشي جهڙن شاعرن کي جنم ڏنو آهي، پر هن مٽيءَ مان اهڙن ته ڪُونڌر پُٽن جنم ورتو آهي، جن سنڌ ڌرتيءَ جي خوشحاليءَ لاءِ جاکوڙيندي پنهنجو ٻاروتڻ ڌرتيءَ کي دان ڪيو آهي. اهڙن ڪونڌر پُٽن ۾ ماجد ميمڻ به هڪ آهي. شھيد ماجد ميمڻ جيڪو هاڻي شھيدن جي قبرستان ۾ ابدي آرامي آهي، هن جو ٻاروتڻ ته لاڙ جي مٽيءَ سان کينچلون ڪندي گذريو، پر جڏهن هن جوڀن جا ڏاڪا چڙهڻ شروع ڪيا ته لاڙ جي سرزمين هن کي مهاراجا ڏاهر جي قول تي عمل ڪرڻ تي هُرکايو ۽ هن کلندي کلندي شھادت جو امرت رس پنهنجي اندر ۾ اوتي، هميشه جي لاءِ ننڊ جي خمار ۾ مدهوش ٿي ليٽي پيو. شھيد ماجد ميمڻ جيڪو پنهنجي ماءُ پيءُ جو لاڏلو هو، جنهن کي سڄي گهر جا ڀاتي محبوب وانگر پيار ڪندا هئا، سو اڪيلو پنهنجي پاڻ کي سنڌ ڌرتيءَ جو عاشق سمجهڻ لڳو هو. هن جي عمر ڇا هئي؟ هي ته اڃا ٻاروتڻ مان نڪتو ئي مس هو. هن جي عمر ته خوب مستيون ڪرڻ جي هئي، هن جي چپن اڃا خوبصورت چُمين جو مڌ پنهنجي اندر ۾ اوتيو ئي ڪٿي هو، هن جي مٿي جا وار ڪنهن جي آڱرين جو ڇُهاءُ محسوس ڪرڻ لاءِ تڙپندا هئا، هن جا ڏاڙهونءَ رتا ڳل ڪنهن جي ٿڦڪين لاءِ واجهائيندا رهيا، پر وقت جي نام نهاد رياست، سندس حسرتن گلو مروڙي وقت کان اڳي خاموش ڪري ڇڏيو. هن کي ايترو جلدي راهه تان ڇو هٽايو ويو؟ اهو سوال مون سميت ڪيترن ئي ماڻهن جي ذهن ۾ گهر اڏي ويٺل آهي، پر اڇي ڪاري جا مالڪ چون ٿا؛ هن جو ڏوهه اهو هو ته هن عشق ڪيو هو ۽ هن سرزمين تي عشق ڪرڻ ڪبيرو گُناهه آهي ۽ هن اهڙو گُناهه ڪيو هو، جيڪو معافي لائق نه هو.
ماجد ميمڻ 20 اپريل 1992ع تي گولاڙچيءَ جي ميمڻ پاڙي ۾ عبدالمجيد ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو، ابتدائي تعليم، پرائمري اسڪول خميسو ڪڇي، وارڊ نمبر (4) مان ورتائين، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول گولاڙچيءَ مان ۽ انٽر سائنس آرمي ڪاليج گولاڙچيءَ مان پاس ڪيائين. هن کي پڙهڻ جو تمام گھڻو شوق هو، پر وقت جي نام نهاد رياست جي پالتو ڇاڙتن کيس علم جي سوغات کان هميشه لاءِ محروم ڪري ڇڏيو. شهيد ماجد ميمڻ ٻاروتڻ مان جيئن شعور جي دنيا ۾ داخل ٿيو هو ته هن جيئي سنڌ متحده محاذ کان پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي، هي نهايت ئي محنتي ۽ سنجيده ورڪر هو ۽ نظرياتي پڻ. هن فڪر جي. ايم سيد کي چڱي نموني نه صرف پڙهيو هو، پر اُنکي هينئين سان هنڍايو به هئائين.
ماجد ميمڻ معاشي طور تي ڪو ڪنگال نه هو، سندس والد جو سٺو ڪاروبار هو، پر هي نهايت ئي خوددار هئڻ ڪري، پڙهائي۽ تنظيمي سرگرمين سان گڏ ڪومل چانهه جي ڪمپنيءَ ۾ سيلزمين طور روزگار پڻ ڪندو هو. هي چاهي ها ته پنهنجي والد صاحب جي ملڪيت ۾ هٿ ونڊائي سڄي زندگي سُڪون سان گُذاري ها، پر هن کي جوانيءَ جي جوش ۽ سنڌ جي عشق ايئن ڪرڻ نه ڏنو.
گولاڙچيءَ ۾ پنجابي آبادي تمام گهڻي آهي، جڏهن جيئي سنڌ جي تنظيمن اُتي سرگرميون شروع ڪيون ته پنجابين گڏجي هڪ تنظيم (لاوا) نالي سان ٺاهي، جنهن جو صدر اسلم آرائين آهي. هنن جو مقصد هو ته گولاڙچيءَ ۾ ڪنهن به سنڌيءَ کي اڳتي وڌڻ نه ڏبو، اهڙيءَ طرح هي ڏينهون ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ڪا ڦشري ضرور ڪندا هئا.
ماجد ۽ قومي تحريڪ جا ٻيا ساٿي 26 ڊسمبر 2010ع تي گولاڙچي شهر ۾ قومي جهنڊو جُهولائڻ جي رسم پوري ڪري رهيا هُئا ته ڪُجهه ايجنسين جي ڇاڙتن اچي مُداخلت ڪئي ته هتي قومي جهنڊو لڳائڻ نه ڏينداسين، تنهن تي شهيد وراڻيو ته هي ڌرتي اسان جي، هي شهر اسان جا، توهان آيل اسان کي ڪيئن ٿا قومي جهنڊو هڻڻ کان روڪي سگهو؟ تنهن تي نام نهاد پنجابين جي هڪ ڇاڙتي آصف رضا ڪارڪنن مٿان فائر ڪيا، جنهن ۾ ماجد ميمڻ ٿڏي تي شھيد ٿي ويو. اُن وقت قاتل ڀڄي نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ پوءِ اها ڳالهه هُلائي وئي ته هن پاڪستان جو جهنڊو ساڙيو پئي، روڪڻ تان جهيڙو ٿي پيو، پر حقيقت ايئن نه هُئي. شھيد جي قومي وارثن پيپلز پارٽي وانگر اهو نعرو نه هنيو ته جمهوريت بهترين انتقام آهي، پر هنن ته شھيد جي قبر جي مٽيءَ جو قسم کڻي وچن ڪيو ته اسان پلاند ڪندا سين؛ ۽ پوءِ دنيا ڏٺو ته سنڌ جي قومي ڪارڪنن پنهنجي شھيد ساٿيءَ جو پلاند شھيد جي قبر جي مٽي سُڪڻ کان اڳ ۾ ڪري ڏيکاريو.
شھيد ماجد ميمڻ سوڳوارن ۾ لاڙ جي سرزمين سان گڏ پوڙهو پيءُ ۽ ماءُ، 7 ڀينرون ۽ هڪ ڀاءُ ڇڏيا.