ڇِني گُل گُلاب جا ڪيئي ڌارون ڌار! : شهيد عبدالمالڪ خُشڪ
مالڪ جڏهن نوجوانيءَ ۾ پير پاتو ته سندس ٻه ڀائر ڊاڪٽر غلام نبي خشڪ ۽ عارف خشڪ جيل ۾ هئا. عارف خشڪ کي ملٽري ڪورٽ پاران هڪ سال جيل ۽ 5 ڦٽڪا سزا ملي هئي. جڏهن ته ڊاڪٽر غلام نبي خشڪ ٽي سال جيل ۾ رهيو. کيس به 20 ڦٽڪن جي سزا ملي هئي.
مالڪ مئٽرڪ جو امتحان امتيازي نمبرن ۾ پاس ڪري ٺٽي ڪاليج ۾ داخلا ورتي. ڪاليج جي ٻن سالن جي مختصر تعليمي عرصي دوران هن جون سياسي سرگرميون عُروج تي رهيون، جنهن ڪري کيس ٻه دفعا جيل اُماڻيو ويو. هي نظرياتي طور ’عدم تشدد‘ جو پيروڪار هو ۽ ’سائين جي. ايم سيد‘ جو فڪري پوئلڳ هو.
ڪاليج کان پوءِ مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ڄامشوري ۾ داخلا ورتائين، جتي نئين عزم سان سياسي جدوجهد شروع ڪيائين. هي ’جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ جي نظرياتي ۽ بهترين قومي شعور رکندڙ اڳواڻن ۾ ڳڻيو ويندو هو. هن يونيورسٽيءَ ۾ اُن وقت ڪافي سرگرم ٿي سياست ڪئي ۽ سائين جي. ايم سيد جي آزاديءَ واري نظريي جي شاگردن ۾ تمام گهڻي پرچار ڪئي. هي ڪُل وقتي ڪارڪن هوندو هو ۽ نهايت ئي محنتي ۽ ڪميٽيڊ پڻ رهيو، کيس قيادت به ڀائيندي هُئي.
مالڪ خشڪ انجنيئرنگ جي ٻئي سال جو شاگرد هو. 17 آڪٽوبر 1984ع تي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ’جشن لطيف‘ تقريب رکيل هُئي، جنهن ۾ سنڌ ۽ مهراڻ يونيورسٽيءَ جي شاگردن جون بسون ڀرجي، شرڪت لاءِ وڃي رهيا هُئا ته ضيائي آمريت جي ڪارندن، مانجهند کان اوريان ’ٽوڙيءَ ڦاٽڪ‘ تي شاگردن جي بسن تي اُنڌاڌُنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ چئن ساٿين سان گڏ عبدالمالڪ خشڪ به شهيد ٿي ويو ۽ ڪيترائي شاگرد زخمي ٿي پيا ۽ ڪيترو ئي وقت زخمي شاگردن تي تشدد پڻ ڪيو ويو. انهن بسن مان جساف جي مرڪزي قيادت ۾ گل محمد جکراڻيءَ سميت ڪيترن ئي قومي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو. هي واقعو سائين جي. ايم سيد کي ذهني اَذيت ڏيڻ ۽ قومي تحريڪ کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ڪرايو ويو هو . شهيد مالڪ جي آخري آرامگاهه پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ واقعي آهي. سنڌ جي قومي ۽ مذاحمتي شاعر حليم باغيءَ جي اندر مان هي سِٽون رُوح جي رڙ بڻجي ڦُٽيون.
هن لال لهُوءَ سان او لالڻ، ڪي ڀاڳ ڀلارا بڻجي ويا،
ٽوڙيءَ وارن جي دم سان، ڪي وارا نيارا بڻجي ويا.