شخصيتون ۽ خاڪا

قومي تحريڪ جا شهيد

ڪتاب ”قومي تحريڪ جا شهيد“ ليکڪ علي نواز آريسر جو سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ شهيد ٿيل سنڌين جي خاڪن ۽ سوانح تي مشتمل آهي.

تاج جويو لکي ٿو :
”اسان جي نوجوان ساٿي علي نواز آريسر هن ڪتاب ۾ جن ٽيهارو شهيدن جا پروفائيل، خاڪا ۽ ڪردار چِٽيا آهن، سي سنڌ جي صدين جي تاريخ ۽ ساڃاهه جي اُهڃاڻ، علمبردار ۽ ارڏي انسان: سائين جي. ايم سيد جا فِڪري پيروڪار رهيا آهن. هنن پُٺيءَ ۾ گهاون کائڻ بدران سيني تي وار سَٺا آهن. لال لهوءَ جي سرگم تي رقص ڪندڙ انهن شهيدن جا چهرا جڏهن اکين آڏو تري اچن ٿا ته هڪدم سِر جُهڪي سندن قدمن جي پيزار چُمڻ چاهي ٿو.“
Title Cover of book قومي تحريڪ جا شهيد

ڳاڙها ڳڀرو سنڌ جا : شهيد انور عباسي

ٽوڙيءَ ڦاٽڪ سانحي جي شهيد انور علي عباسي 12 آگسٽ 1962ع تي ضلعي لاڙڪاڻي (هاڻوڪي قنبر-شهدادڪوٽ) جي هڪ ڳوٺ ’پکي‘ ۾ علي محمد عباسيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. هن شروعاتي تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان پرائي، هي ننڍپڻ کان ئي ڏاڍو ذهن هوندو هو ۽ پوري اسڪول جي شاگردن ۾ سڀني کان چالاڪ پڻ هو. سندس ذهانت ۽ محنت ڏسي استادن ٽن سالن ۾ کيس پنجن سالن جو ڪورس ڪرايو. هن انگريزي تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول وڳڻ مان حاصل ڪئي. سنڌي ماڻهن جي حقن جو استحصال ڏسي انور عباسي اسڪول ۾ پڙهڻ دوران ئي شاگرد سياست ۾ داخل ٿي، ’جساف‘ جو ميمبر ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. هن مئٽرڪ پاس ڪري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادوءَ ۾ فرسٽ ايئر ۾ داخلا ورتي، جنهن دوران هن باقاعدي عملي سياست ۾ حصو ورتو ۽ انقلابي زندگيءَ جي شروعات ڪئي. هو هميشه سنڌي ماڻهن کي متحد ڪرڻ ۾ ڪوشان رهندو هو ۽ سنڌ جي آزاديءَ جي پرچار ڪرڻ لڳو. انور عباسي 1977ع ڌاري ’جيئي سنڌ تحريڪ‘ ۾ شامل ٿيو، جنهن دوران هن تحريڪ کي فعال ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ مقامي سطح تي وڌ کان وڌ ميمبر شپ ڪيائين، هن سياست سان گڏ سماجي سرگرمين ۾ به ڀرپور حصو ورتو. سندس دوستن موجب ته شهيد انور جي اها سوچ هوندي هُئي ته اسان کي پهريان سماج ۾ پنهنجي لاءِ جاءِ ٺاهڻي پوندي تڏهن ئي اسان ماڻهن کي آزاديءَ واري راهه تي هلڻ لاءِ آمادهه ڪري سگهنداسين.
انور عباسي 1980ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪامرس شعبي ۾ داخلا ورتي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگرد سياست جي سرگرمين سندس حوصلا بُلند ڪيا ۽ سندس آزاديءَ واري خواب جي ساڀيان نظر اچڻ لڳي. انور يونيورسٽيءَ جي تنظيمي سرگرمين ۾ پابنديءَ سان حصو وٺڻ لڳو. هيءُ نهايت ئي سنجيدهه ورڪر هوندو هو ۽ ’سائين جي. ايم سيد‘ جي آزاديءَ واري نظريي جو پوئلڳ هو. هن ڪڏهن به تنظيمي حڪم تحت مالي ۽ جاني قرباني ڏيڻ کان ڪين ڪيٻايو.
انور عباسي هڪ سماجي ۽ انقلابي سوچ رکندڙ ڪارڪن سان گڏ سٺو اديب به هو، هن جو مطالعو وسيع هوندو هو، هن اُن وقت سنڌ جي مسئلن تي ڪيترائي مضمون پڻ لکيا، پر سنڌي ميڊيا ايتري آزاد نه هئڻ ڪري سندس لکڻيون گهٽ شايع ٿيون. پر هيءُ پنهنجو موقف تقريرن ذريعي ماڻهن تائين پهچائيندو هو. وٽس ’تقرير‘ جو سُٺو ڏانءُ هُئس. سندس تقريرون ٻڌندڙن تي ڪافي اثر انداز ٿينديون هُيون.
انور عباسي بي. ڪام آنرس جو آخري پرچو ڏئي 17 آڪٽوبر 1984ع تي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي پاران منعقد ڪيل ’جشن لطيف‘ تي سنڌ ۽ مهراڻ يونيورسٽيءَ جي شاگردن سان گڏ وڃي رهيو هو ته ’ٽوڙيءَ ڦاٽڪ‘ وٽ وردي پوش سرڪاري اهلڪارن بس مٿان فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ انور عباسيءَ سميت چار شاگرد ۽ هڪ بس ڊرائيور مٺو بُليدي شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي شاگرد سخت زخمي ٿي پيا، پر ضيائي آمريت جي وحشي ڪارندن اُنهن زخمين تي به بي تحاشا تشدد ڪري بيحال ڪرڻ بعد، گرفتار ڪري جيل اُماڻي ڇڏيو. سندس آخري آرامگاهه اڄ به واپڊا ڪالوني ۾ واقع آهي، جتي يونيورسٽيءَ جا ڪيترائي شاگرد ۽ شاگردياڻيون روزانو اچي حاضري ڀرين ٿيون. هن قهري ڪارروائي سنڌ ۾ بغاوت جي باهه ڀڙڪائي، هن دور ۾ ڪيترن ئي شاعرن انقلابي شاعري ڪئي ۽ ڪيتريون ئي قومي ڪهاڻيون لکيون ويون، جن ۾ هن وحشياڻي عمل جي سخت لفظن ۾ نندا ڪئي وئي. سنڌ جي قومي شاعر شيخ اياز اهڙن ڳڀروئن لاءِ چيو آهي ته
ڳاڙها ڳڀرو سنڌ جا تون ئي منهنجو خواب،
تون ئي آهين جواب صدين جي سوال جو.