کيرٿر جي پُٺيان ڪائي چِنگهاڙ آ : شهيد رُوپلو چولياڻي
اڃا سنڌياڻي، ڪئين ڄڻيندي رُوپلا!
(آسي زميني)
شيخ اياز جي شاعريءَ جهڙي ڳڀرو رُوپلي چولياڻيءَ جو جنم وارهه جي چولياڻين جي، انهيءَ خاندان ۾ ٿيو هو، جيڪو ماضيءَ کان وٺي، ڪيترين شورشن سان منهن ڏيندو آيو هو ۽ ڌرتيءَ جي دنگ جي حفاظت لاءِ سندس وڏا ويڙهه ۾ وڙهندي شهيد ٿيا هئا. انهيءَ خاندان جي چشم چراغ عبدالجبار چولياڻي، جڏهن باشعور سنڌ ۾ اک کولي ته هُن سڀ کان پهرين پنهنجو نالو مٽائي رُوپلو رکيو، جنهن لاءِ سنڌ جو نامور ڪالم نگار اعجاز منگي لکي ٿو ته: سنڌ لاءِ سَتي ٿي سڙيل رُوپلو چولياڻي، جنهن جي نالي تي غور ڪيو وڃي ته ماڻهو حيران ٿي ويندو! ڪيڏانهن ٻروچ ذات جو ’چولياڻي‘ همراھ ۽ ڪيڏانهن غير مسلم ذات جو اهو ڪردار، جيڪو برهمڻ به نه هو، ويش به نه! پر غير مسلم ذاتين ۾ سڀ کان ڪمتر ذات ’ڪولهي‘ جاتيءَ جي فرد ’رُوپلي‘ جو نالو پاڻ تي رکڻ لاءِ پنهنجن مائٽن جي نالي تان دستبردار ٿيڻ وارو عمل تمام وڏو انقلابي عمل آهي. اهو نوجوان جيڪو پاڻ کي سنڌ جي محبت ۾’رُوپلو چولياڻي‘ ڪوٺرائيندو هو، تنهن ڄڻ ته هڪ زندگيءَ ۾ ٻيو جنم ورتو هو.
رُوپلو چولياڻي واقعي ’روپلي ڪولهيءَ‘ جو ٻيو جنم هو. شهيد رُوپلي جي اها پهرين بغاوت هئي، جو هُن پنهنجو نالو مٽائي سنڌ جي سُورمي سان منسوب ڪيو، رُوپلو نه صرف پنهنجي مائٽاڻي نالي تان دستبردار ٿيو هو، پر هن ان وقت ڪارونجهر تي وڃي رُوپلي ڪولهيءَ جي شهادت واري هنڌ تي قومي جهنڊو جهولائي وچن ڪيو هو ته رُوپلا هي سر به سنڌ لاءِ قربان ٿيندو ۽ اڳتي هلي پاڻ به سنڌ جي سورمن جي لسٽ ۾ پنهنجو نالو لکرائي اَمر ٿيو.
روپلو چولياڻي، ڳوٺ شمون خان چولياڻيءَ (تعلقي وارهه، ضلعي قنبر شهدادڪوٽ) ۾، عبدالستار چولياڻيءَ جي گهر ۾، 23 سيپٽمبر 1975ع تي ڄائو. هن ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول گل ٻرڙي مان حاصل ڪري، گورنمينٽ هاءِ اسڪول وارهه مان مئٽرڪ ڪئي. انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نصيرآباد مان ڪيائين. 1993ع ۾ سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان سوشل ورڪ ۾ گرئجوئيشن ڪيائين. اسڪول جي زماني کان ’لطيف سنگت‘ جي پليٽفارم تان شاگرد سياست جي شروعات ڪيائين ۽ اڳتي هلي ان جو مرڪزي اڳواڻ ٿيو. ان کان پوءِ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن، (جساف) سنڌ يونيورسٽيءَ جو آرگنائيزر، جنرل سيڪريٽري، صدر ۽ بعد ۾ مرڪزي نائب صدر ٿيو ۽ 9-2008ع دوران مرڪزي صدر رهيو. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ جيئي سنڌ قومي محاذ جي جيئمسٽ ڪائونسل جو ميمبر به رهيو. هن جو واسطو ’جيئي سنڌ قومي محاذ‘ (آريسر) سان هو ۽ آخري ڏهاڙن ۾، 2010ع کان جيئي سنڌ متحده محاذ ۾ شامل ٿيو ۽ هن تنظيم جو پهريان مرڪزي ماليات سيڪريٽري ۽ شهيد ذوالفقار ڪولاچيءَ جي شهادت کانپوءِ مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري به رهيو. رُوپلو ڪيترو وقت جيل ۾ به رهيو. هو جوشيلو ورڪر ۽ ’فڪر جي. ايم. سيد‘ جو سچو پرچارڪ هو.
هن جي خاندان ۾ سخي ستار ڏنو چولياڻي هڪ بهادر شخص ٿي گذريو آهي، جنهن مدد خان پٺاڻ سان وڙهندي، شهادت ماڻي هُئي. روپلي جي ڏاڏي شمون خان ايم. آر. ڊي تحريڪ ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪيو ۽ جيل به ڀوڳيو هُئائين. رُوپلو جڏهن اڃا ٻالڪپڻ جا ڏاڪا چڙهي رهيو هو ته هن پنهنجي وڏڙن جي همت ۽ بهادريءَ جا سبق پڙهڻ شروع ڪيا هئا، جيڪي سندس ذهن تي نقش بڻجي چِٽجي ويا هئا.
اهڙيءَ طرح هي جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پهچي ٿو ته هن جي اندر ۾ پلجي وڏي ٿيندڙ بغاوت ڀڙڪو ڏئي اٿي ٿي ۽ رُوپلو سنڌ جو حقيقي آواز بڻجي اُڀري ٿو. 1996ع ۾ جڏهن اُن وقت جو وزير اعليٰ سيد عبدالله شاهه سنڌ يونيورسٽي اچي ٿو ته هي اُن جي اڳيان شاگردن جا مسئلا رکي ٿو، اُن وقت وڏي وزير جي حفاظت لاءِ گڏ آيل ايس.پي قومي تحريڪ کي گار ڏئي ٿو، جنهن تي رُوپلو اُن ايس. پي کي چماٽ وهائي ڪڍي ٿو. نتيجي طور کيس پوليس جا ڪارندا بندوق جي ڪُنداقن سان مرڻينگ ڪري، گرفتار ڪن ٿا ۽ 9 مهينا سزا ڏئي کيس ناراجيل حيدرآباد موڪليو وڃي ٿو. جتي سندس ڪيترن ئي سياسي سماجي اڳواڻن سان بحث مباحثا ٿين ٿا ۽ هن کي ڪتابن پڙهڻ جو موقعو ملي ٿو. رُوپلو سائين جي. ايم سيد جا ڪتاب پڙهي اڃا وڌيڪ پُختو ۽ بردبار ٿي وڃي ٿو. روپلو جڏهن 9 مهينن جي سزا ڪاٽي ٻاهر اچي ٿو ته اڃا وڌيڪ سرگرميءَ سان سياست ڪرڻ لڳي ٿو . نتيجي طور کيس شاديءَ جي سترهين ڏينهن ٻيهر گرفتار ڪيو وڃي ٿو ۽ 14 مهينا سزا ڏئي سينٽرل جيل حيدرآباد موڪليو وڃي ٿو، جتي کيس هر طرح جون اذيتون ڏنيون وڃن ٿيون، مٿس بي تحاشا تشدد ڪيو وڃي ٿو ۽ سنڌ دوستيءَ تان هٿ کڻڻ لاءِ زور وڌو ٿو وڃي، پر هي مانجهي مُڙس، هُنن جي اڳيان جُهڪڻ بجاءِ وڏي آواز سان للڪار ٿو ڪري ته توهان ڪانئر آهيو، گيدي آهيو، بزدل آهيو، ڀاڙيءَ جا غلام آهيو. توهان هن سرڪش نوجوان جو ڪنڌ ڪپي ته سگهو ٿا، پر جُهڪائي نٿا سگھو. هي سِر صرف ۽ صرف سنڌ لاءِ جُهڪندو.اهڙيءَ طرح هي جڏهن به جيل جي سلاخن کان ٻاهر اچي ٿو ته هر ڀيري هن جو عشق پُختو نظر اچي ٿو ۽ هي اڳي کان به اڳرو ٿي سامهون اچي ٿو. رُوپلو سنڌ جي عشق ۾ اهڙو ته رَچي ريٽو ٿيو هو، جو هن کي سنڌ کانسواءِ ٻيو ڪُجهه به نظر نه ايندو هو.
رُوپلي ڪڏهن به پنهنجي برادريءَ جي جهيڙن ۾ حصو نه ورتو غير تڪراري رهيو. اهو ئي سبب هو جو چولياڻين جي دشمن مخالفن ڪڏهن به رُوپلي جو رستو نه روڪيو ۽ ڪڏهن به رُوپلي جي مٿان ڪيس وغيره داخل نه ڪرايو. هڪ ڀيري سندس چاچي مُنير چولياڻي چيو، روپلا تون سنڌ ڀلي آزاد ڪراءِ، پهرين اسان جي هنن قبيلائي جهيڙن مان جان ڇڏاءِ، ته روپلي ٺهه پهه وراڻيو هو: منير خان! اهي قبيلائي جهيڙا تون سنڀال، منهنجو ته سِر سنڌ تان صدقو ٿيندو. آءُ سنڌ جي جنگ وڙهندس، سنڌ جي دشمن سان جهيڙيندي شهيد ٿيندس، پنهنجي سنڌي ماڻهن سان وڙهڻ روپلي جو وڙ ڪونهي. اُن مان رُوپلي جي سنڌ سان سچائيءَ جي پرک ڪري سگهجي ٿي. رُوپلو هڪ جوشيلو مقرر به هو، هي جڏهن به پنهنجي جذباتي انداز سان حسن مجتبيٰ جي هن نظم سان تقرير شروع ڪندو هو ته پنڊال کي پنڊپهڻ بڻائي ڇڏيندو هو.
کير ٿر جي پُٺيان ڪائي چِنگهاڙ آ
جي ٻڌو ٿا پيا
پوءِ ماٺار ڇو؟
ڪن لاٽار ڇو؟
اڄ ته منڇر مٿان
موت ماريءَ سندا
ڏينهن ٿورڙا بچيا
هن جي پنجوڙ ۾
شينهن ٿورڙا بچيا
اڄ ته واڪا ڪريو
ڪي ڌماڪا ڪريو
هر زندان جي
اُوچي ديوار کي
هٿ گرنيڊ سان
يار ڊاهي ڇڏيو
ملڪ باهي ڇڏيو
ديس جي دانهن تي
ڄڻ کنيل ٻانهن تي
رت جي راند سان
پاند پنهنجو پُسي
ڪا نه گولي گُسي
ڪا نه گولي گُسي
روپلي چولياڻي جيترو وقت به سياست ڪئي، اُصولن واري سياست ڪئي. هي جڏهن شاگرد سياست ۾ سرگرم هو ته هن شاگردن جي مسئلن لاءِ جاکوڙيو ۽ انتظاميا سان ٽڪراءَ ۾ آيو، جنهن جي بدلي ۾ کيس هڪ سال لاٰءِ يونيورسٽي انتظاميا ريسٽيڪيٽ به ڪيو. شاگرد سياست کانپوءِ جڏهن مرڪزي سياست ڪرڻ لاءِ جسقم ۾ شامل ٿيو، تڏهن به هن مادر وطن سنڌ جي سياست ڪئي. هن ڪٿي به پنهنجي دامن تي داغ لڳڻ نه ڏنو. رُوپلو عبدالواحد آريسر کي تمام گهڻو ويجهو رهيو ته بشير خان به کيس ڀائيندو هو. رُوپلو جيڪو عبدالواحد آريسر کي ’ابو‘ ۽ آريسر جي گهرواريءَ کي ’امڙ‘ ڪوٺيندو هو، اهو جڏهن عملي سياست جي ميدان ۾ لٿو ته هو سياسي طور آريسر کان به الڳ ٿي ويو، پر هن جا آريسر ۽ سندس گهر وارن سان تعلقات اهي ئي پُٽ وارا رهيا. روپلو رشتا ٺاهڻ به ڄاڻندو هو ته اُن جو نڀاءُ ڪرڻ به ڄاڻندو هو.
رُوپلي جو سائين جي. ايم سيد سان رُوحاني عشق هو، هو جڏهن شهادت کان پهرين گهران موڪلائي نڪتو هو ته هن پنهنجي ننڍي ڀاءُ عامر کي گُهرائي وصيت ڪئي هُئي ته: بابي کي پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۽ قبرستان سان پيار آهي، مان بيشڪ سنڌ لاءِ شهيد ٿيندس. ڏس! متان بابو ضد ڪري ته رُوپلي کي ڏاڏي شمون خان جي ڀرسان اباڻي قبرستان ۾ رکو، مون کي سائين جي. ايم سيد سان حقيقي عشق آهي، مون کي سن ۾ سائين جي. ايم سيد جي پيراندي کان دفنائجو. ڇو ته مان سن جي اُمانت آهيان، منهنجي دوستن جو خيال رکجو ۽ هر حال ۾ ساڻن نڀائجو.
رُوپلو چولياڻي 21 اپريل 2011ع تي پنهنجي دوستن سرائي قربان کهاوڙ، نورالله تنيي ۽ هڪ ساٿي نادر بُگٽيءَ سان تنظيمي دوري جي سلسلي ۾ وڃي رهيو هو ته سانگهڙ_کپري روڊ تي باکوڙي موريءَ وٽ رياستي دهشتگردن مٿس حملو ڪري، پهريان گولين جا برسٽ هڻي شهيد ڪيو، بعد ۾ ڪيميڪل هاري گاڏيءَ کي باهه ڏئي ساڙيو ويو، جنهن ۾ سنڌ جا هي ڪونڌر پُٽ سرائي قربان ۽ رُوپلو هڪ ساٿي سميت شهيد ٿي ويا ۽ نورالله تنيو شديد زخمي ٿي پيو. مقامي ماڻهن موجب ته گاڏيءَ مان ڪيتري دير تائين آزاد سنڌوديش جا نعرا گُونجي رهيا هئا. نورالله تنيي موجب اُهي نعرا شهيد رُوپلو شهادت کان پهرين هڻي رهيو هو. اهڙي ريت رُوپلي سيد ۽ سنڌ سان ڪيل قول پورو ڪيو ۽ شهيد ٿي سرهو ٿيو. سندس آخري مڙهه سوين قومي ڪارڪنن جي قافلي سان پهريان اباڻي گهر ۾ آندو ويو، ان بعد هزارين قومي ڪارڪنن جي قافلي سان سن ۾ آڻي، قومي جهنڊي جو ڪفن ڏئي، قومي تراني جي گُونج ۾ سائين جي. ايم سيد جي قدمن ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. اڄ اهو قبرستان قومي ڪارڪنن جي قبرستان جي نالي سان منسوب ٿي چُڪو آهي ۽ باکوڙي موريءَ وٽ شهيدن جو يادگار جوڙايو ويو آهي، جتي هر سال هزارين ڪارڪنن جو قافلو مٿس گُلن جي ورکا ڪرڻ ويندو آهي. رُوپلي ۽ سرائيءَ جي هن شهادت سنڌ جي سُتل شعور کي جهنجهوڙي جاڳايو. ڪيترائي ڏينهن سنڌي ماڻهن پنهنجا ڪاروبار بند رکي احتجاج رڪارڊ ڪرايو. سنڌ جي ساڃاهوند قلمڪارن ڀرپور ڪالم لکيا، ڪيترن ئي شاعرن جي دلين مان شاعري درد جي دانهن بڻجي نڪتي، ڪيترين اخبارن ايڊيٽوريل لکيا ۽ مٿس هڪ قومي ڪارڪن هڪ ڪتاب ”تنهنجو رت ڪهاڻي ٿيندو“ مرتب ڪري ڇپايو، جيڪو ان وقت جي باشعور ماڻهن جو تڪڙو ردِعمل هو.