شخصيتون ۽ خاڪا

قومي تحريڪ جا شهيد

ڪتاب ”قومي تحريڪ جا شهيد“ ليکڪ علي نواز آريسر جو سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ شهيد ٿيل سنڌين جي خاڪن ۽ سوانح تي مشتمل آهي.

تاج جويو لکي ٿو :
”اسان جي نوجوان ساٿي علي نواز آريسر هن ڪتاب ۾ جن ٽيهارو شهيدن جا پروفائيل، خاڪا ۽ ڪردار چِٽيا آهن، سي سنڌ جي صدين جي تاريخ ۽ ساڃاهه جي اُهڃاڻ، علمبردار ۽ ارڏي انسان: سائين جي. ايم سيد جا فِڪري پيروڪار رهيا آهن. هنن پُٺيءَ ۾ گهاون کائڻ بدران سيني تي وار سَٺا آهن. لال لهوءَ جي سرگم تي رقص ڪندڙ انهن شهيدن جا چهرا جڏهن اکين آڏو تري اچن ٿا ته هڪدم سِر جُهڪي سندن قدمن جي پيزار چُمڻ چاهي ٿو.“
Title Cover of book قومي تحريڪ جا شهيد

واڪا ڪندي ووءِ، صديون تو لاءِ سنڌڙي! : شهيد غلام قادر جروار

ڪُجهه انسان وطن لاءِ اھڙي نموني سِر جو نذرانو ڏيندا آھن، جو سندن موت معراج کان مٿي ٿي ويندو آھي. اُھي ڌرتيءَ جا لال يونيفارم نه پائيندا آھن. ھر مھيني پگهار نه وٺندا آھن. سندن ياد ۾ سيمنٽ جا سُھڻا يادگار کڙا نه ڪيا ويندا آھن، ھُو جڏھن ڌرتيءَ ماءُ جو سڏ ٿيندو اٿن، تڏھن سِر جو صدقو ڏيئي حبُ الوطنيءَ جي تاريخ پنھنجي رَت سان لکي ڇڏيندا آھن. (امر جليل)

سنڌوديش جي آزاديءَ جو خواب پنهنجي اکين ۾ سانڍي هلندڙ نوجوان قومي غلاميءَ کان ڇوٽڪاري جي جنگ وڙهندڙ عاشق، ڪي سڌڙيا عاشق نه آهن، پر اُهي ته سنڌ ماتا سان پيار جي وچن کي ورجائڻ لاءِ پنهنجون خوبصورت جوانيون جيل جي ڪال ڪوٺڙين ۾ گُذاري ڇڏيندا آهن، يا وري پنهنجي وطن جي مٽيءَ جو مانُ رکڻ لاءِ شهادت جهڙي عظيم رُتبي کي پُهچي اَمر ٿي ويندا آهن. سنڌ جي اهڙن عاشقن جي فهرست تمام ڊگهي آهي ۽ اهڙن عاشقن مان هڪ نانءُ غلام قادر جروار به آهي. جنهن پنهنجي اندر ۾ سانڍيل وطن جي حُب خاطر ۽ پنهنجي سنڌ وطن جي آزاديءَ خاطر هلندي، ڪڏهن ڪٿي به ڪنهن پگهار يا پرمٽ جي ڳالهه نه ڪئي. هُو پيرين پنڌ وِکون کڻندو، وطن جا ويڙها واسيندو، ڌرتيءَ جي سينڌ سنوارڻ لاءِ جهر جهنگ جهاڳيندو، وڃي اُن منزل تي پهتو، جتي پُهچڻ لاءِ ڪيترن ئي مذهبي ماڻهن سڄي زندگي مٿا ٽيڪيندي گُذاري ڇڏي.
غلام قادر جروار 1971ع ڌاري ڳوٺ محمد هاشم جروار (جاني وليج) تعلقي ماتلي، ضلعي بدين جي هڪ سياسي گهراڻي ۾ استاد غلام رسول جروار جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان ۽ مئٽرڪ هاءِ اسڪول امن آباد مان پاس ڪيائين. هن پنهنجي سياسي زندگيءَ جو آغاز هاءِ اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران ڪيو. جيئن ته سندس خاندان اڳ ۾ ئي قومي تحريڪ سان لاڳاپيل هو، جنهن ڪري هن کي ڄڻ سياست ورثي ۾ ملي هُئي. هن هاءِ اسڪول ۾ پڙهائيءَ دوران آزاد سنڌوديش لاءِ هلندڙ قومي تحريڪ جي ذيلي تنظيم ’لطيف سنگت‘ ۾ شموليت ڪئي ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ لطيف سنگت سنڌ جي سرگرم ڪارڪنن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. سندس ڳوٺ اُن وقت قومي تحريڪ جو مرڪز هوندو هو، جتي مرڪزي قيادت ايندي رهندي هُئي ۽ اُتي ٿيندڙ قومي ڪچهرين هن کي هڪ آدرشي ڪارڪن بڻائي ڇڏيو هو. کيس قومي قيادت به تمام گهڻو ڀائيندي هُئي. اهڙيءَ طرح 1987ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد هن لطيف سنگت کان ’جيئي سنڌ محاذ‘ ۾ شموليت ڪئي، ’جسم‘ اُن وقت نظرياتي طور تمام گهڻي مضبوط هُئي.
غلام قادر جيئي سنڌ محاذ ۾ شموليت ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي علائقي ۾ فڪرِ سيد جي وسيع نظريي جي پرچار ڪرڻ لڳو. هيءُ نظرياتي سان گڏ عمل پيرا، سچو ۽ محنتي ورڪر هوندو هو، سندس سرگرميون جيئن جيئن وڌنديون ويون، تيئن هن جي پويان رياست پنهنجي ڇاڙتن کي بڇي ڇڏيو هو، پر هي بيپرواهه ٿي پيو پنهنجو قومي فرض نڀائيندو هو. 1980ع وارو ڏهاڪو قومي تحريڪ جي ڪارڪنن لاءِ نهايت ئي ڀاري هو، هن دور ۾ ڪيترائي قومي ڪارڪن جيل جي چوديوارين ۾ قيد ڪيا ويا هُئا، ڪيترن کي بيگناهه ماريو پئي ويو، ٽوڙيءَ ڦاٽڪ وارو قهري سانحو به هن ڏهاڪي ۾ ٿيو هو، ڪيترن ئي قومي ڪارڪنن کي ديسي دلالن هٿان راهه تان هٽايو ويو هو. غلام قادر جروار به اهڙي سازش جو شڪار ٿيو هو.
شهيد غلام قادر کي 1989ع ۾ پنهنجي والد صاحب جي ڪوٽا تي پرائمري استاد طور نوڪري ملي ۽ هن استاد هُئڻ جا فرض به نيڪ نيتيءَ سان نڀايا. هيءُ اسڪول ۾ ٻارن کي ڪورس پڙهائڻ سان گڏ قومي حقن بابت به ٻڌائيندو هو ته سنڌ جي خوشحاليءَ جا منظر به شاگردن جي ذهن ۾ محفوظ ڪندو ويو. سندس اهڙي پرچار تي سنڌوديش جي دشمن رياست تمام گهڻي ڏمريل هُئي. ڇو ته سنڌ ۾ اُن وقت شعوري پرچار تمام گهڻي هوندي هُئي. رياست، قومي هلچل جي سگهاري آواز کان ڊڄندي، هلاڪو خان جي اولاد پٺاڻن هٿان کيس راهه تان هٽائڻ جي رِٿ رِٿي.
غلام قادر 18 جنوري 1990 ع تي اسڪول ۾ ڊيوٽي ڏئي واپس ڳوٺ اچي رهيو هو ته رياست جي ڇاڙتن پٺاڻن ڊگهڙي شهر ۾ مٿس حملو ڪري ڏنو ۽ نهايت ئي بيدرديءَ سان شهيد ڪيو ويو. جڏهن سندس مڙهه گهر کڄي آيو هو ته پوري ڳوٺ ۾ روڄ راڙو برپا ٿي ويو هو، پر سندس بهادر ڏاڏي نبي بخش جروار ڪنهن کي به روئڻ نه ڏنو ۽ سڀنيءَ کي اهو چئي چُپ ڪرايائين ته هي ڌرتيءَ جي جنگ وڙهندي شهيد ٿيو آهي، هن ته اسان جو مان مٿانهون ڪري ڇڏيو آهي، مون کي پنهنجي هن اولاد تي فخر آهي.
جي مان مري وڃان، ته تون ايڏو نه روئجان!
لاڙي ٻه چار لُڙڪ، روئي هار پوئجان!
(اياز)
جيتوڻيڪ ڏاڏي نبي بخش جو پنهنجي جوان پوٽي جي ايئن وڇڙڻ تي جيءُ جُهريل هو، پر حوصلو هٿان نه ڇڏيو هئائين ۽ دِل ئي دِل ۾ وچن ڪري چُڪو هو ته پنهنجي شهيد پوٽي جو پلاند ضرور ڪندس. اُن وقت قاتل ته جيل جي پناهه ۾ هليا ويا هُئا، پر هيءُ سرڪش ۽ اڏول انسان ان ڏينهن جو انتظار ڪندو رهيو، ۽ جڏهن قاتل جيل مان ضمانت تي آزاد ٿي ڊگهڙي شهر ۾ گُهمڻ لڳا ته هن للڪار ڪري پنهنجي شهيد پوٽي جو پلاند ڪري، ڌارين جي ڪنن جا پردا ئي کولي ڇڏيا ته ڌرتي ڌڻين سان ڦٽائڻ آسان نه آهي. واضح ڪندو هلان ته اُن دور ۾ ضلعو بدين پنجابين ۽ پٺاڻن جو ڳڙهه بڻيل هو ۽ سندن قائم ڪيل تنظيم اين. ايس. ايس. او تمام گهڻي مُتحرڪ هُئي ۽ جيئي سنڌ جي ڪارڪنن کي ڳولي ماريو پئي ويو، ساڳئي شهر ۾ هڪ ٻئي قومي ڪارڪن عبدالقدوس ابڙينگ کي به شهيد ڪيو ويو هو.
شهيد غلام قادر کي سائين جي. ايم سيد سان بيپناه محبت هُئي، جو جڏهن کيس شهيد ڪيو ويو هو، ان وقت به سندس جيب مان ٻين ڪاغذن سان گڏ سائين جي. ايم سيد جي ڦوٽوءَ وارو ڪئلينڊر نڪتو هو.