شخصيتون ۽ خاڪا

قومي تحريڪ جا شهيد

ڪتاب ”قومي تحريڪ جا شهيد“ ليکڪ علي نواز آريسر جو سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ شهيد ٿيل سنڌين جي خاڪن ۽ سوانح تي مشتمل آهي.

تاج جويو لکي ٿو :
”اسان جي نوجوان ساٿي علي نواز آريسر هن ڪتاب ۾ جن ٽيهارو شهيدن جا پروفائيل، خاڪا ۽ ڪردار چِٽيا آهن، سي سنڌ جي صدين جي تاريخ ۽ ساڃاهه جي اُهڃاڻ، علمبردار ۽ ارڏي انسان: سائين جي. ايم سيد جا فِڪري پيروڪار رهيا آهن. هنن پُٺيءَ ۾ گهاون کائڻ بدران سيني تي وار سَٺا آهن. لال لهوءَ جي سرگم تي رقص ڪندڙ انهن شهيدن جا چهرا جڏهن اکين آڏو تري اچن ٿا ته هڪدم سِر جُهڪي سندن قدمن جي پيزار چُمڻ چاهي ٿو.“
Title Cover of book قومي تحريڪ جا شهيد

قومي تحريڪ جو جَرڪندڙ ستارو : شهيد سڪندر سومرو

ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو چاهيندي به لکي يا ڳالهائي ناهي سگهندو. لفظ به هوندا آهن، ماحول به هوندو آهي، موقعي جي مناسبت به هوندي آهي، پر پوءِ به ماڻهوءَ جو من ويڳاڻو ۽ منتشر هوندو آهي. منهنجي به طبعيت ڪُجهه اهڙي آهي، جو پاڻ کان مٿانھين شخصيت تي نه لکي سگهندو آهيان ۽ نه ڳالهائي سگهندو آهيان. اڄ به منهنجي ڪيفيت ڪجهه اهڙي آهي، جنهن ماڻهوءَ تي آئون لکڻ ويٺو آهيان، ان جي شخصيت ايڏي ته قداور آهي، جو منهنجو قلم ان سان انصاف ڪري سگهي الاءِ نه؟ هيءُ ماڻهو اسان جو يار سڪندر سومرو آهي. جنهن کي سڄي سنڌ پورهيت سنگت جي اڳواڻ طور سُڃاڻي. هُو نه صرف سنڌي ’پورهيت سنگت‘ جو عهديدار هو، پر پاڻ به پورهيت هو. جنهن جي سڄي زندگي پورهيا ڪندي ۽ پورهيتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندي گُذري.

سڪندر سومري 2 ڊسمبر 1952ع تي ڳوٺ حاجي خان سومري، تعلقي ميري خان، ضلعي قنبر-شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو. هن پرائمري تائين تعليم حاصل ڪئي، غربت سبب اڳتي پڙهي نه سگهيو. اسڪول کي خيرآباد چئي، والد سان گڏ دڪان تي سندس هٿ ونڊائيندو هو. ان بعد مزدوريءَ جي سلسلي ۾ ايران ويو، جتي ڪُجهه وقت پورهيو ڪيائين، پر کيس سنڌ جي اهڙي ته سِڪ ستايو جو، جلد ئي موٽي آيو ۽ اچي سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشوري ۾ ڪينٽين کوليائين. اُن وقت شاگرد سياست عُروج تي هئي، ڪينٽين تي روزگار دوران، قوم پرست شاگردن سان سندس ڏيٺ ويٺ ٿي ۽ انهن سان ڪچهريون ڪيائين. نوجوانن جو جذبو ڏسي سندس دل ۾ ڌرتيءَ جو درد جاڳيو ۽ هيءَ به نوجوانن سان سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳو. پوءِ جيئي سنڌ محاذ جي ذيلي تنظيم سنڌي پورهيت سنگت جو ميمبر ٿيو ۽ ڪل وقتي ڪارڪن ٿي پورهيتن جي مسئلن لاءِ جاکوڙڻ لڳو. مختلف صنعتي ادارن، ڪارخانن، شگر ملن، فيڪٽرين ۽ ٻين هنڌن تي جيڪي به مزدورن جا مسئلا ٿي رهيا هئا، انهن جي حل لاءِ ’پورهيت سنگت‘ تحرڪ وٺي رهي هئي. کيس شمسي توانائيءَ واري کاتي ۾ سرڪاري نوڪري به ملي، تڏهن به پورهيتن لاءِ هلندڙ جدوجهد کي ماٺو ٿيڻ نه ڏنائين. سرمائيدارن سان ٽڪراءَ سبب ڪيترائي ڀيرا جيل به ويو، اذيتون برداشت ڪيائين، پر ڪڏهن به نه جُهڪيو ۽ نه ڪا مصلحت ڪيائين.

جڏهن جيئي سنڌ قومي محاذ جو بنياد پيو ته ان جي ذيلي تنظيم ’جيئي سنڌ پورهيت سنگت‘ جو کيس مرڪزي عهديدار چونڊيو ويو. ڪُجهه وقت بعد پورهيت سنگت کي ڇڏي، جيئي سنڌ متحده محاذ (جسمم) ۾ شموليت اختيار ڪيائين ۽ ان جو مرڪزي عهديدار ٿيو. سڪندر هڪ ئي وقت پورهيو به ڪندو هو ته سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺندو هو. سياست ۾ سرگرم هئڻ سبب مٿس ڪيترائي ڪيس داخل ٿيا. کيس ’جسمم‘ جي مرڪزي اڳواڻ اصغر شاهه سان گڏ گرفتار ڪيو ويو ۽ ڪُجهه ڏينهن کانپوءِ حيدرآباد مان سندس گرفتاري ظاهر ڪري، کيس سينٽرل جيل حيدرآباد موڪليو ويو. هي جيل ۾ هو ته سندس ڪيس هلڻ شروع ٿيو ۽ عدالت کيس با عزت بري ڪري ڇڏيو. هو جيئن ئي جيل جي مُک دروازي مان ٻاهر نڪتو ته اهلڪارن هٿان ٻيهر کنڀجي ويو ۽ ڏهن مهينن تائين تحويل ۾ رهيو. مٿس تمام گهڻو تشدد ٿيو، ڏهه مهينا ٽارچر سيل ۾ رکڻ کانپوءِ ڪڍڻ ٿاڻي تي نواز خان زئور سان گڏ ظاهر ڪيو ويو. هن تي ايترو ته تشدد ڪيو ويو هو، جو سندس پيارو دوست نواز خان زئور پهرين نهار ۾ سُڃاڻي نه سگهيو هو. پهريان کيس ضلعي جي سول عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ان بعد کيس ٻه سال سزا ڏئي سينٽرل جيل حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. جيل ۾ هو ته مٿس هڪ ڪيس هليو، جنهن مان باعزت بري ٿيو، ٻن سالن تائين جيل ڪاٽي 31 ڊسمبر 2005ع تي آزاد ٿيو. ٽارچر ٿيڻ ڪري جسماني طور ڪـمـزور ٿي ويو هو ۽ کيس ڪيتريون بيماريون ٿي پيون هُيون، کيس راجپوتانه اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو. 21 اپريل 2011ع تي سرائي قربان ۽ سندس ساٿين کي رياست بيدرديءَ سان شهيد ڪيو هو، جڏهن سڪندر جي ڪنن تي اها درد ڀري خبر پهتي ته هن جو جيءُ جُهري پيو هو، سڪندر کي سرائي ۽ رُوپلي جي شهادت تمام وڏو صدمو پهچايو هو، جنهن ڪري هيءُ تمام گهڻو بيمار ٿي ويو ۽ 23 اپريل 2011ع تي راجپوتانه اسپتال جي I . C . U وارڊ ۾ زندگيءَ جي جنگ هارائي ويٺو ۽ وڃي پنهنجي شهيد ساٿين سان مليو.

زندگي! بهرحال زندگي آهي، ان کي ماڻهو جھڙي نموني وڻي گذاري. دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي بي مقصد زندگي گذاريندا آهن، پر هيءُ اسان جو يار، جنهن جي زندگيءَ ۾ ته مقصد ئي مقصد هئا، هن جي لاءِ موت بي مقصد هو ۽ موت جهڙي شيءِ کي هن ڪڏهن ڪا اهميت نه ڏني. هيءُ چوندو هو ته موت اچڻو آهي، ۽ ضرور ايندو: پوءِ ان کان ڀڄبو ڪيترو! ان جي مُرڪي آجيان ڪبي، ۽ زندگي جدوجهد جو نالو آهي، جنهن ۾ محبت جا ڪيترائي سنگيت سُر ڇڙندا آهن، جيڪي عشق جي آلاپ ۾ ايترو ته مَحو ڪري ٿا ڇڏين، جو جسماني لذتون ئي وسري ٿيون وڃن ۽ ماڻهوءَ روحاني ۽ حقيقي عشق ۾ مبتلا ٿيو وڃي. واقعي سڪندر پنهنجي سموري زندگي جدوجهد ۾ گذاري. جدوجهد به اهڙي، جنهن ۾ عشق ئي عشق هجي. هن جي سامهون جڏهن ٽارچر سيل ۽ سچ پترا به آيا ته هن اُن جي چُميءَ جي چاشنيءَ سان آجيان ڪئي ۽ ڌرتيءَ جي گود کي پنهنجي ماءُ جي گود سمجهيو ۽ جيل جي لوهي سلاخن، هٿ ڪڙين ۽ ڏنڊا ٻيڙين کي پنهنجي محبوبه جي ٻانهن جو هار سمجهي قبول ڪيو. هن کي جڏهن اکين تي ڪاريون پٽيون ٻڌي وحشي درندا بيدرديءَ سان کنيو پئي ويا، ان وقت به هن انهي ڪاريءَ چادر جي پويان پنهنجي وشال اکين ۾ ڌرتيءَ جو تصور ڪيو هو، جيڪا هن کي محبوبه کان وڌيڪ خوبصورت لڳي هئي ۽ هيءُ مرڪي پيو هو. هن جي اها مرڪ انهن وحشي درندن کان ڪٿي ٿي برداشت ٿئي، جيڪي سنڌي ماڻهن جي مُرڪن تي صدين کان سنگينون تاڻي بيٺا آهن. پوءِ به هيءُ ارڏو انسان پنهنجي چپن تي اها لازوال مُرڪ برقرار ٿو رکي. رياست جو ٽارچر سيل: جتي نه قلم جي سهوليت هجي ۽ نه ڪاغذ جي، اُتي ههڙو ماڻهو پنهنجي دردن ۽ عشق جي اظهار لاءِ نئون رُوپ اختيار ٿو ڪري. انهيءَ نئين رُوپ ۾ هي وڏي آواز سان ڀٽائي ۽ اياز جي شاعريءَ کي رِڌم سان ڳائڻ شروع ٿو ڪري، ته انهيءَ ٽارچر سيل جي ديوارن جا ڪنگرا لُڏڻ ٿا لڳن، ۽ هُو ڀاڙيءَ جا دلال هن جي مٿان آڪڙجي ٿا پون ۽ هن کي بندوق جي ڪُنداقن سان اڌ مئو ڪري ٿا ڇڏين. وحشياڻي تشدد سبب هي بيهوش ٿي ٿو وڃي؛ پوءِ به هن جي چَپن تي اها سدا بهار ۽ لازوال مُرڪ برقرار ٿي رهي. هن جي اها مُرڪ ئي هئي، جيڪا هنن کي ڪمزور ڪندي هئي. مون کي ڪنهن ماڻهوءَ ٻڌايو هو ته سائين جي.ايم.سيد جي چپن تي آخري وقت به اها مُرڪ قائم هئي، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ رياستي دلالن 33 سال کيس اذيتون ڏنيون هيون.

سڪندر سومرو جڏهن انهن جي چنبي مان آزاد ٿي موٽي ٿو، ته هن جي ذهن جي اسڪرين تي اهي سمورا دوست تري ٿا اچن. جن سان هن احتجاجن، مظاهرن کان ويندي مچ ڪچهريون ۽ طويل سفر ڪيا هئا: ۽ هيءُ هر اُن دوست وٽ وڃي ٿو. ملاقات ڪري ٿو، دل کولي ڪچهريون ڪري ٿو. هن جي ڪچهرين جو محور وري به سنڌ هجي ٿي، توڙي جو هيءُ معاشي طرح بدتر زندگي گذاري ٿو، نوڪري ختم ٿي ٿي وڃي، ٻارن جي پڙهائي بند ٿي ٿي وڃي، پوءِ به هن کي نه گهر جو اونو، نه ٻارن جي ڳڻتي. هن کي ڳڻتي آهي ته صرف سنڌ جي، هن سنڌ کي آزاد ۽ خوشحال ڏسڻ پئي چاهيو. هيءُ آزاد ٿيڻ کان پوءِ ٻه، ٽي ڀيرا مون وٽ آيو هو، هيءُ جسماني طور ته صفا ڪمزور ٿي ويو هو، ڪيتريون ئي بيماريون وڪوڙي ويون هئس، پر هن جو سنڌ سان عشق نه ڪمزور ٿيو هو ۽ نه پوڙهو. هن جي آواز جي اها سگهه ته دٻجي وئي هئي، پر هن جي آواز ۾ درد جي جَهلڪ اڃا به برقرار هئي. هن جي ٽهڪن جي گُونج ته ختم ٿي وئي هئي، پر هن جي ٽهڪن جو رِڌم اڃا به ساڳيو هيو. سڪندر سڀني دوستن وٽ ويو، ملاقاتون ۽ ڪچهريون ڪيائين، پر بيحسيءَ جي انتها اها آهي، جو هن فقير منش ماڻهوءَ کي آخري وقت ۾ ڪافي دوست ڇڏي ويا هئا؛ پوءِ به هيءُ ڪڏهن ڪنهن کي ميار نه ڏيندو هو. هن جيترو عرصو به سياست ڪئي، سچائي ۽ عشق جي جذبي سان ڪئي. ڪوبه اهڙو ماڻهو ناهي، جيڪو هن جي سنڌ دوستيءَ جو انڪاري هجي، يا هن کان سنڌ دوستيءَ جو ثبوت گهري. هن جي زندگيءَ جو اهم مقصد سنڌ، سيد، سنڌي قوم ۽ انهن جي آزادي ۽ خوشحاليءَ جي لاءِ جاکوڙڻ هو؛ ۽ هيءُ انهي ئي سچائي ۽ عشق سان سڀني سان نڀاءُ ڪري ويو ۽ پويان ڇڏي ويو، ته صرف اهو عظيم مقصد، عظيم خواب ۽ انهيءَ عظيم مقصد جا نه کٽندڙ پوئلڳ. سڪندر سومري جو موت فطري نه هو، بلڪه هن جو موت وحشياڻي تشدد سبب ٿيو هو: ۽ هن اُهو تشدد سنڌ ماءُ جي آزاديءَ خاطر سٺو هو، جنهن ڪري سڪندر به سنڌي قوم جي نظر ۾ شهيد آهي ۽ شهيد ڪڏهن به مرندا نه آهن، شهيد زندهه هوندا آهن. سڪندر جو فطري وڇوڙو ته ضرور ٿيو آهي، پر هُو سنڌ جي سيني ۾ هميشه ڌڙڪندو رهندو.